• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

30 ورهين جي هاءِجيڪنگ جي پڄاڻي

منصور سرور

سينيئر رڪن
ولي محمد راشدي-لنڊن

اوهان کي اها خبر ٻڌائجي ٿي ته اڄ کان 30 ورهيه اڳ ، 1984ع ۾، پي آءِ اي جو هڪ جهاز هاءِ جيڪ ڪيو ويو. ان جهاز ۾ پاڪستان جا سمورين قوميتن ۽ ٻولين جا مسافر موجود هيا. هرڪو پنهنجي پنهنجي منزل لاءِ روانو ٿيڻ لاءِ اڳين منزل تي لهڻ واسطي ان معرفت جهازTransit Flight تي چڙهيو هيو. پاڪستان ۾ مارشل لا هئي ان ڪري بيچيني پيدا ڪرڻ آمريت جو بنيادي ڪم هيو. اهو جهاز جو هاءِ جيڪ ٿيو ته آمريت مسافرن ۽ قوميتن جي ماڻهن بدران هاءِجيڪنگ جي ۽ ان جي هاءِ جيڪر جي مدد ڪئي.

پاڪستان جي ميڊيا هاءِ جيڪنگ جي ان واقعي کي بنهه پيش ڪرڻ مناسب نه سمجهيو. قانون ان واقعي کي پنهنجي هٿ ۾ کڻڻ بدران انهن هاءِ جيڪرن کي اجازت ڏئي ڇڏي ته اهي قانون پنهنجي هٿن ۾ کڻن. ان ڏينهن کان وٺي پاڪستان ۾، سنڌ ۽ قومي اسيمبلين ۾، مڪاني ادارن ۾، بجيٽ ۾، تنگ ۽ تاريڪ گلين ۾، ادارن ۾، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾، روڊن ۽ رستن تي، گورنر هائوسن ۾ ، وڏ وزير هائوسن ۾ انصاف، قانون، ميرٽ، انسانيت ۽ سنڌ گروي ٿي وئي. هاءِ جيڪر انهن سڀني کي چئي ڇڏيو هو ته……. جي منهنجي نه مڃيندئو ته… مان جهاز ۾ موجود سمورين قوميتن ۽ نسلن جا ماڻهو اڏائي ڇڏيندس…. ان قاتلاڻي اڏام کان بچڻ لاءِ جهاز ۾ موجود بزنيس ڪلاس جي مسافرن جن ۾ اتفاق سان ڪجهه اسيمبلي ميمبر هيا ڪجهه سياسي اڳواڻ هيا انهن هاءِ جيڪر سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. جهاز جي ٽاور تان ڪنٽرول ڪندڙ ايجنسي به ڳالهائڻ شروع ڪيو. پاڪستان ۾ ان جهاز جي اغوا جي ڳڻتي پاڙيوارن کي به هئي تنهن ڪري انهن به پنهنجي ڪنٽرولڊ ايجنسين کي ان هاءِ جيڪر سان ڳالهائڻ ۽ ڳالهه مڃڻ ۽ سمورين قوميتن ۽ نسلن ۽ زبانن جي ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جي وينتي ڪئي. هن هڪ به نه مڃي. مختلف قوميتن ۽ زبانن جي ماڻهن جو ساهه هن جي هٿن ۾ هيو. نيٺ ڳالهه وڃي ڇيهه ڪيو ۽ هاءِجيڪر کين چيو ته هو پاڪستان جي سمورين قوميتن ۽ نسلن ۽ زبانن جي ان جهاز کي لنڊن ۾ کڻي ويندو ۽ باقي فيصلو اتي ڪيو ويندو.

لنڊن ۾ جهاز پهچڻ شرط مسافر آزاد ڪيا ويا ۽ انگلينڊ جي ڪنٽرولڊ ايجنسي ان هائيجيڪر کي پنهنجو ڪري ڇڏيو. انگلينڊ ان سلسلي ۾ آميريڪا سان ڳالهايو. آميريڪا به کيس اجازت ڏني ته هو ان هائيجيڪر جون سموريون فرمائشون ۽ انگل برداشت ڪري. هو جيڪي چوي تيئن ڪيو وڃي. جيئن چوي تيئن ڪيو وڃي. جنهن جي لاءِ جيڪو نصيب لکي اهو ئي مقرر ڪيو وڃي. کيس پنهنجو ڪري سمورا ڳاڙها ڪارا، واڱڻائي پاسپورٽ هن جي حوالي ڪيا ويا. هن جنهن جي لاءِ چيو ان جو بنا دير لنڊن جو ويزو لڳي ويو. انگلينڊ ساڳئي هاءِ جيڪر جي ٻي فرمائش مڃي ورتي ته پاڪستان جيئن ته ڪامن ويلٿ جو ميمبر ملڪ آهي تنهن ڪري هن جي پهچ آفريقا، ڪئناڊا ، ڀارت، سري لنڪا تائين به عام ڪئي وڃي. ان نتيجي ۾ هائيجيڪر پنهنجا دوست ڪامن ويلٿ جي جنهن به ملڪ ۾ موڪلڻ چاهيا اهي اتي وڃي سگهيا، انهن جيڪي به ڪرڻ چاهيو سو کين ڪرڻ ڏنو ويو. لنڊن جي ان غيرسفارتي روئي جي ڪري سڄي دنيا مٿس ٿڪ لعنت ڪئي پر هن چيو ته کيس آميريڪا چئي ڇڏيو آهي ته هو ڀلي پاڪستان جي اندروني چرپر جون خبرون ان هائيجيڪر جي دوستن کان وٺڻ لاءِ انهن جي مدد ڪري.

نه موت ڪنهن لکيو آهي نه وري وقت ۽ وير ڪنهن جي چوڻ تي هليا آهن. دنيا ۾ سموريون مستيون ۽ خرمستيون انسان ۾ غرور ۽ وڏائي، تڪبر ۽ بي خوفي پيدا ڪن ٿيون. هائيجيڪر ان پي آءِ اي جهاز جي هائيجيڪنگ جي سزا کان بچي ويو ته لنڊن ۾ هن کي هرقسم جون سهولتون عطا ڪيون ويون. هن پاڪستان جي سياسي ۽ اسيمبلي مالڪن سان سڌا رستا رکي ڇڏيا ۽ انهن جي چوڻ تي جنهن جو اسڪرو ٽائيٽ ڪرڻو هيو اهو ان لنڊن ۾ ويٺي ڪري ڏيکاريو. انگلينڊ ۽ آميريڪا سان نرم گرم سياسي ۽ سفارتي رشتا هجڻ ڪري پاڪستان به گهڻو ڪجهه ڪرڻ کان انڪاري يا لاچار هيو.

ڪالهه لنڊن جي ان “ ويلنگٽن اسپتال” جي ٻاهران وري وڃڻ ٿيو جنهن ۾ ٽي ورهيه اڳ حضرت پير صاحب پاڳارو جن داخل ڪيا ويا هئا. مونکي ياد آهي ته اسان راشدين جي هڪ وڏي يعني پير صاحب جي صحت بهتر ٿيڻ جهڙي نه هئي. پر ان جي باوجود کيس پاڪستان کان ان ميد تي کڻائي آيا هئا ته ممڪن آهي ته اهي نوبنا ٿي پون. پير صاحب جڏهن ايئر ايمبلينس ۾ لنڊن پهتو هيو ته لنڊن ۾ موجود هاءِ ڪمشنر واجد شمس الحسن بيان ڏنو هيو ته ” پير صاحب خيريت سان آهي” ٽن ورهين کانپوءِ ساڳي اسپتال ڏسندي وري مون کي ڪالهه کان وٺي پاڪستاني ٽي وي جي خبرن جي خلاف اهي خبرون ٻڌڻ ۾ آيون ته ” اسانجو پير صاحب خيريت سان آهي“

اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته جيئن 15 جولاءِ 1998ع تي پاڪستان جي ٻه دفعا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه جي سياسي مستقبل جي ڪهاڻي پاڪستاني عدالت ۽ سياست جي مخالفن لکي ڇڏي هئي، تيئن اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته 3 جون 2014ع تي پاڪستاني جهاز پي آءِ اي جي 30 ورهيه پراڻي هاءِجيڪنگ جو کيل ختم ٿي چڪو آهي. ان کيل جو اسڪرپٽ برطانيا ۽ آميريڪا گڏجي لکيو آهي. اهو گڏيل ڊرامو پنهنجي منطقي انجام تي پهچڻ وارو آهي. پر انهن ٽيهن ورهين ۾ ڪراچي سميت پاڪستان هاڻي سري لنڪا، بهار، تامل ناڊو جي اجڙيل شهرن جهڙو ٿي ويو آهي. ٽيهن ورهيه اڻکٽ گوليون، بم ۽ قتلام ڪراچي کي تامل ناڊو نه بڻائيندو ته ٻيو ڇا بڻائيندو.

لاڳاپيل خبرون
 
Back
Top