suffolk نالي ساحل کان 6 ميل جي فاصلي تي واقع هي قلعو ڏسڻ وارن کي قديم آئل پليٽ مانند نظر ايندو آهي، پر sealand نالي هن قلعي جي اصولن ۽ هتان جي رهندڙن جي مطابق هي دنيا جو سڀ کان small ملڪ آهي. رهندڙن جي مطابق شاهي خانداني نظام، ڪرنسي ۽ پوسٽ ٽڪٽ سڀ هن قلعي جا ذاتي آهن 5290 اسڪوائر تي مشتمل هي رياست ٻئي عالمي جنگ ۾ تيار ٿي. 1967 ۾ هن رياست برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي ۽ ان وقت رهندڙن جو تعداد هيو 22. هتان جي ماڻهن جو آمدني جو ذريعو آهي آن لائن فروخت. هن رياست ۾ 30 مختلف قسمن جا ڪمرا آهن. هن رياست ۾ هڪ اهڙو به ڪمرو آهي جتي سڀ تفريح لا۽ گڏ ٿيندا آهن.
تمام سُٺي ۽ عجيب معلومات... سي لينڊ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان هيٺين ڄاڻ ملي سگهي آهي. سي لينڊ اصل ۾ برطانيه نيوي جو هڪ فوجي اڏو هو، جيڪو 1943ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جرمني جي هوائي حملن کان بچا لا ٺهرايو ويو ۽ 1956ع ۾ آخري فوجي جي نقل مڪاني کان پو منسوخ ڪيو ويو هو. فيبروري ۽ آگسٽ 1965ع ۾ هن اڏي تي سڀ کان پهرين جيڪ مور نالي هڪ شخص پنهنجي ڌي جين ۽ وليم اسڪيڊن سان گڏ رهائش اختيار ڪئي هئي. ڪجهه عرصي کان پو سي لينڊ تي بيٽس نالي هڪ شخص 2 سيپٽمبر 1967ع ۾ پنهنجي خاندان سميت رهائش اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ بيٽس هن اڏي کي آزاد ملڪ قرار ڏيڻ لا ڪوششون شروع ڪيون ۽ پاڻ کي سي لينڊ جو پرنس سڏرائڻ لڳو. 1975ع ۾ بيٽس هن ملڪ جو آئين به لکيو ۽ مختلف قومي نشان ٺهرايائين. بيٽس 9 آڪٽوبر 2012ع ۾ 91 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پُٽ مائيڪل سي لينڊ جو پرنس بڻجي ويو. سي لينڊ کي اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ملڪ هڪ آزاد ملڪ طور تسليم نه ڪيو آهي.
هي ته اسان جي ڳوٺ کان به ننڍو آ.. پوء به ملڪ آ.. ڀلي سائين هنن جا ڀاڳ ڀلا.. ڇا ٿو چئي سگهجي.. هتي جا سڀ رهواسي حڪومت ۾.. سڀ جا سڀ وزير.. واه ڙي دنيا تنهنجا اصول..