دنيا جو هڪ عجيب ملڪ

منصور سرور

سينيئر رڪن
suffolk نالي ساحل کان 6 ميل جي فاصلي تي واقع هي قلعو ڏسڻ وارن کي قديم آئل پليٽ مانند نظر ايندو آهي، پر
sealand نالي هن قلعي جي اصولن ۽ هتان جي رهندڙن جي مطابق هي دنيا جو سڀ کان small ملڪ آهي.
رهندڙن جي مطابق شاهي خانداني نظام، ڪرنسي ۽ پوسٽ ٽڪٽ سڀ هن قلعي جا ذاتي آهن
47741_02.gif

5290 اسڪوائر تي مشتمل هي رياست ٻئي عالمي جنگ ۾ تيار ٿي.
1967 ۾ هن رياست برطانيه کان آزادي حاصل ڪئي ۽ ان وقت رهندڙن جو تعداد هيو 22.
47741_04.gif

هتان جي ماڻهن جو آمدني جو ذريعو آهي آن لائن فروخت.
47741_08.gif
47741_12.gif

هن رياست ۾ 30 مختلف قسمن جا ڪمرا آهن.
47741_10.gif

هن رياست ۾ هڪ اهڙو به ڪمرو آهي جتي سڀ تفريح لا۽ گڏ ٿيندا آهن.
 
تمام سُٺي ۽ عجيب معلومات...
سي لينڊ تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ سان هيٺين ڄاڻ ملي سگهي آهي.
  • سي لينڊ اصل ۾ برطانيه نيوي جو هڪ فوجي اڏو هو، جيڪو 1943ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ ۾ جرمني جي هوائي حملن کان بچا لا ٺهرايو ويو ۽ 1956ع ۾ آخري فوجي جي نقل مڪاني کان پو منسوخ ڪيو ويو هو.
  • فيبروري ۽ آگسٽ 1965ع ۾ هن اڏي تي سڀ کان پهرين جيڪ مور نالي هڪ شخص پنهنجي ڌي جين ۽ وليم اسڪيڊن سان گڏ رهائش اختيار ڪئي هئي.
  • ڪجهه عرصي کان پو سي لينڊ تي بيٽس نالي هڪ شخص 2 سيپٽمبر 1967ع ۾ پنهنجي خاندان سميت رهائش اختيار ڪئي ۽ بعد ۾ بيٽس هن اڏي کي آزاد ملڪ قرار ڏيڻ لا ڪوششون شروع ڪيون ۽ پاڻ کي سي لينڊ جو پرنس سڏرائڻ لڳو.
  • 1975ع ۾ بيٽس هن ملڪ جو آئين به لکيو ۽ مختلف قومي نشان ٺهرايائين.
  • بيٽس 9 آڪٽوبر 2012ع ۾ 91 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ سندس پُٽ مائيڪل سي لينڊ جو پرنس بڻجي ويو.
  • سي لينڊ کي اڄ تائين دنيا جي ڪنهن به ملڪ هڪ آزاد ملڪ طور تسليم نه ڪيو آهي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
هي ته اسان جي ڳوٺ کان به ننڍو آ.. پوء به ملڪ آ.. ڀلي سائين هنن جا ڀاڳ ڀلا.. ڇا ٿو چئي سگهجي.. هتي جا سڀ رهواسي حڪومت ۾.. سڀ جا سڀ وزير.. واه ڙي دنيا تنهنجا اصول..
 
Back
Top