يونيورسٽي جو تصور پلين ڀتين تي لکيل جيئي سنڌ ۽ هاسٽلن جي درن تي ، ٽيبل ٽاڪ جا عام فقرا ؛ مڪڙ ڪڏهن بہ سنڌ سان سچا نہ ٿيندا ، جي..ايم..سيد سنڌ جو هيرو آهي ، ڀٽو پنجابين جو پٺو آهي ، فوجين جو ايجنٽ ، ڪميونسٽ غدار آهن ، هو پهرين مهاجر پنجابي آهن ، پوءِ انٽرنيشنلسٽ سنڌي ڪميونسٽ چوتيا آهن ، پناهگيرن جا پٺو ، پنجويهن سالن تائين جي..ايم..سيد ڇا ڪيو آهي ؟ وڏيرڪي سياست ، اهو ڀٽو ي آهي ، جنهن سنڌ جي نالي کي جياريو آهي ، ڀٽو عظيم سياستدان آهي ، ميان ! اهو ڀٽو ئي آهي جنهن هن مرده قوم کي سجاڳ ڪري پنهنجي پٺيان هلايو آهي ، اها ڪا مذاق ڪانهي .... پهرين نيشنلزم پوءِ سوشلزم .... ڀائي ڀائي وارا غدار آهن . ناول لڙهندڙ نسل