• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
يونيورسٽي جو تصور پلين ڀتين تي لکيل جيئي سنڌ ۽ هاسٽلن جي درن تي ، ٽيبل ٽاڪ جا عام فقرا ؛ مڪڙ ڪڏهن بہ سنڌ سان سچا نہ ٿيندا ، جي..ايم..سيد سنڌ جو هيرو آهي ، ڀٽو پنجابين جو پٺو آهي ، فوجين جو ايجنٽ ، ڪميونسٽ غدار آهن ، هو پهرين مهاجر پنجابي آهن ، پوءِ انٽرنيشنلسٽ سنڌي ڪميونسٽ چوتيا آهن ، پناهگيرن جا پٺو ، پنجويهن سالن تائين جي..ايم..سيد ڇا ڪيو آهي ؟ وڏيرڪي سياست ، اهو ڀٽو ي آهي ، جنهن سنڌ جي نالي کي جياريو آهي ، ڀٽو عظيم سياستدان آهي ، ميان ! اهو ڀٽو ئي آهي جنهن هن مرده قوم کي سجاڳ ڪري پنهنجي پٺيان هلايو آهي ، اها ڪا مذاق ڪانهي .... پهرين نيشنلزم پوءِ سوشلزم .... ڀائي ڀائي وارا غدار آهن .
ناول لڙهندڙ نسل
 
Back
Top