هڪ شهر سمورو غائب ٿي وڃي اهو ته تصور ۾ به نٿو ٿي سگھي ، ۽ اها به حقيقت آهي ته دنيا جا گھڻا ئي شهر گمشده آهن ۽ ڪجهه دريافت به ڪيا ويا آهن. ڪنهن شهر جي گم ٿيڻ جا گھڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا، جيئن قدرتي آفتون يا وري موسمي مٽا سٽا وغيره . آئون هتي ڪجهه شهرن جو ذڪر ڪندس جيڪي دريافت ته ڪيا ويا آهن پر انهن جي تاريخ جيڪا بيان ڪئي وئي آهي اها صرف اندازن تي مبني ۽ خيالي آهي ۽ اڄ تائين ڪنهن کي به ان جي اصل حقيقت خبر نه آهي. ۽ انهيءَ ڪري انهن کي تصوراتي شهر به چئي سگھجي ٿو، جيتوڻيڪ هي شهر سياحن جي توجه جو مرڪز رهندا اچن. La Ciudad Perdida, Colombia هن شهر جي تاريخ ماچو پيچو کان به تقريبن 600 سال پراڻي آهي. هي شهر ڪولمبيا جي ساحل تي موجود وسيع جهنگ جي وچ ۾ واقع آهي. اندازي مطابق هي شهر Tyrona تهذيب جو مرڪز هيو.هن شهر کي ڪجهه خزانو ڳولهيندڙن 1972 ۾ دريافت ڪيو . جڏهن ته 2005 ۾ هتي باقاعده ڪم جو آغاز ڪيو ويو. ايڊونچرز ۽ هائڪنگ جي شوقين ماڻهن لاءِ هي جڳهه سون جي کاڻ کان گھٽ نه آهي. Pompeii and Herculaneum, Italy اٽلي ۾ موجود هي ٻه شهر 79 عيسوي ۾ تڏهن تباهه ٿيا جڏهن انهن شهرن جي ويجھو Vesuvirus نالي ٻرندڙ جبل ڦاٽو ۽ هنن کي مٽيءَ ۾ ملائي ويو. پومپئي شهر جا رهواسي ۽ جانور ته محفوظ رهيا پر پر Herculaneum شهر کي تمام گھڻو نقصان پهتو ۽ هتي موجود تهذيب اڄ به هڪ راز آهي. Ctesiphon, Iraq هي گم ٿيل شهر ، جديد دور جي عراقي شهر بغداد کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ-اوڀر ۾ ٽگرس درياءَ جي اتر-اوڀر ۾ ڪناري تي موجود آهي. هي شهر پنهنجي تمام وڏي گمبذ نما هال جي اڏاوت جي ڪري مشهور هو . هن شهر جي مقبوليت جي هڪ ٻي وجه سرن سان تيار ٿيل دنيا جي سڀ کان وڏي Arch هئي. هن آرچ جي سامهون بادشاهه جو ڪمرو هو جنهن جي ڊيگھه 30 ميٽر ۽ ويڪر 48 ميٽر هئي. Vijaynagar, India وجي نگر سلطنتِ Vijaynagara جي گاديءَ جو هنڌ هو ، جنهن کي Bisnagar جي بادشاهي جي حوالي سان به سڃاتو ويندو هو. 1500 عيسوي ۾ هي شهر وڌڻ ويجھڻ شروع ٿيو ۽ هتان جي آبادي پيرس کان ٻيڻي ٿي وئي . وجي نگر کي شهر جي ڪجهه مقدس مزارن ۽ مندرن جي حوالي سان انتهائي شاندار ليکيو ويندو هو. Carthage, Tunisia Tunisia ۾ موجود هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي آباد هو ۽ هڪ بندرگاهه طور پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو هو ۽ انهيءَ ڪري ترقي ۾ هو جيڪڏهن هن شهر کي ٻه ڀيرا بند نه ڪيو وڃي ها. پهريون ڀيرو Vandalas طرفان ۽ ٻيون ڀيرو عربن هن شهر کي بند ڪيو .۽ ان باوجود به هتي شاندار عمارتن جا ڍانچا موجود آهن گڏوگڏ هتي خاص رومن غسل خانه به ڏٺا وڃن ٿا . Ani, Turkey ترڪي ۾ موجود هي شهر 1001 چرچ جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ هي ڏهين صديءَ ۾ ارميني رياست جي گاديءَ جو هنڌ هو . هاڻي هتي صرف چرچ موجود آهن جيڪي وسيع سرسبز علائقن ۾ آهن. 2004 کان پهرين هتي سياحن جي اچڻ تي پابندي هئي جيڪا پوءِ هٽائي وئي. ۽ هاڻي پري پري جا سياح هتي صرف کنڊرن کي ڏسڻ ايندا آهن. Sukhothai, Thailand هي شهر ٿائيلينڊ جي قديم ترين ۽ تاريخي شهرن مان هڪ آهي ، جنهن کي 15 ۽ 16 هين صديءَ وچ ۾ ويران ڇڏيو ويو . هي اصل ۾ خمير سلطنت جي دور ۾ هڪ صوبائي شهر جي حيثيت رکندڙ هو. ۽ هن شهر 13 هين صدي ۾ آزادي حاصل ڪئي، اڄ ڪلهه هي شهر مندرن ۽ يادگارن جي ڪري مشهور آهي. Hvalsey, Greenland هي گرين لينڊ جو سڀ کان وڏو نظارو آهي ، هتي کنڊر به تمام بهترين حالت ۾ آهن. هي شهر ڪنهن دور ۾ Norse تهذيب جو مرڪز هوندو هو. هي ٻين گم ٿيل شهرن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو آهي پر پنهنجي پُراسرار تهذيب جي ڪري مشهور آهي. هن شهر جي سڀ کان خاص جڳهه وائنڪنگ چرچ آهي جيڪو پهاڙ جي چوٽيءَ تي واقع آهي ۽ اهو به قابلِ ذڪر آهي.
سليمان وساڻ ، فاروق سومرو ، عبد الله السندي ، عبدالغني لوهار ، ذيشان رشيد ، شيرين ، زاھد حيدر ملاح ، گل سومرو ، ڪليم کهڙو ،@ممتاز قريشي
سورت دخان ۾ الله پاڪ جو فرمان عبرت نشان موجود آهي ترجمو ؛ باغ ۽ تلاءَ گهڻائي ڇڏيائون ۽ پوکون ۽ خاصيون جايون به ۽ اهي نعمتون به جنهن ۾ مزا ماڻيندا هئا ! اهڙي طرح ٿيو ، ۽ ٻِي قوم کي انجو وارث ڪيو سين ، پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنا ۽ نڪِي انهنکي مهلت ڏني وئي! 25 کان 29 آيت