دنيا جا گم ٿيل تصوراتي شهر

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هڪ شهر سمورو غائب ٿي وڃي اهو ته تصور ۾ به نٿو ٿي سگھي ، ۽ اها به حقيقت آهي ته دنيا جا گھڻا ئي شهر گمشده آهن ۽ ڪجهه دريافت به ڪيا ويا آهن. ڪنهن شهر جي گم ٿيڻ جا گھڻا ئي سبب ٿي سگهن ٿا، جيئن قدرتي آفتون يا وري موسمي مٽا سٽا وغيره . آئون هتي ڪجهه شهرن جو ذڪر ڪندس جيڪي دريافت ته ڪيا ويا آهن پر انهن جي تاريخ جيڪا بيان ڪئي وئي آهي اها صرف اندازن تي مبني ۽ خيالي آهي ۽ اڄ تائين ڪنهن کي به ان جي اصل حقيقت خبر نه آهي. ۽ انهيءَ ڪري انهن کي تصوراتي شهر به چئي سگھجي ٿو، جيتوڻيڪ هي شهر سياحن جي توجه جو مرڪز رهندا اچن.


    La Ciudad Perdida, Colombia
    هن شهر جي تاريخ ماچو پيچو کان به تقريبن 600 سال پراڻي آهي. هي شهر ڪولمبيا جي ساحل تي موجود وسيع جهنگ جي وچ ۾ واقع آهي. اندازي مطابق هي شهر Tyrona تهذيب جو مرڪز هيو.هن شهر کي ڪجهه خزانو ڳولهيندڙن 1972 ۾ دريافت ڪيو . جڏهن ته 2005 ۾ هتي باقاعده ڪم جو آغاز ڪيو ويو. ايڊونچرز ۽ هائڪنگ جي شوقين ماڻهن لاءِ هي جڳهه سون جي کاڻ کان گھٽ نه آهي.
    [​IMG]

    Pompeii and Herculaneum, Italy
    اٽلي ۾ موجود هي ٻه شهر 79 عيسوي ۾ تڏهن تباهه ٿيا جڏهن انهن شهرن جي ويجھو Vesuvirus نالي ٻرندڙ جبل ڦاٽو ۽ هنن کي مٽيءَ ۾ ملائي ويو. پومپئي شهر جا رهواسي ۽ جانور ته محفوظ رهيا پر پر Herculaneum شهر کي تمام گھڻو نقصان پهتو ۽ هتي موجود تهذيب اڄ به هڪ راز آهي.
    [​IMG]

    Ctesiphon, Iraq
    هي گم ٿيل شهر ، جديد دور جي عراقي شهر بغداد کان 20 ڪلوميٽر ڏکڻ-اوڀر ۾ ٽگرس درياءَ جي اتر-اوڀر ۾ ڪناري تي موجود آهي. هي شهر پنهنجي تمام وڏي گمبذ نما هال جي اڏاوت جي ڪري مشهور هو . هن شهر جي مقبوليت جي هڪ ٻي وجه سرن سان تيار ٿيل دنيا جي سڀ کان وڏي Arch هئي. هن آرچ جي سامهون بادشاهه جو ڪمرو هو جنهن جي ڊيگھه 30 ميٽر ۽ ويڪر 48 ميٽر هئي.
    [​IMG]

    Vijaynagar, India
    وجي نگر سلطنتِ Vijaynagara جي گاديءَ جو هنڌ هو ، جنهن کي Bisnagar جي بادشاهي جي حوالي سان به سڃاتو ويندو هو. 1500 عيسوي ۾ هي شهر وڌڻ ويجھڻ شروع ٿيو ۽ هتان جي آبادي پيرس کان ٻيڻي ٿي وئي . وجي نگر کي شهر جي ڪجهه مقدس مزارن ۽ مندرن جي حوالي سان انتهائي شاندار ليکيو ويندو هو.

    [​IMG]

    Carthage, Tunisia
    Tunisia ۾ موجود هي شهر سمنڊ جي ڪناري تي آباد هو ۽ هڪ بندرگاهه طور پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو هو ۽ انهيءَ ڪري ترقي ۾ هو جيڪڏهن هن شهر کي ٻه ڀيرا بند نه ڪيو وڃي ها. پهريون ڀيرو Vandalas طرفان ۽ ٻيون ڀيرو عربن هن شهر کي بند ڪيو .۽ ان باوجود به هتي شاندار عمارتن جا ڍانچا موجود آهن گڏوگڏ هتي خاص رومن غسل خانه به ڏٺا وڃن ٿا .

    [​IMG]

    Ani, Turkey
    ترڪي ۾ موجود هي شهر 1001 چرچ جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو ۽ هي ڏهين صديءَ ۾ ارميني رياست جي گاديءَ جو هنڌ هو . هاڻي هتي صرف چرچ موجود آهن جيڪي وسيع سرسبز علائقن ۾ آهن. 2004 کان پهرين هتي سياحن جي اچڻ تي پابندي هئي جيڪا پوءِ هٽائي وئي. ۽ هاڻي پري پري جا سياح هتي صرف کنڊرن کي ڏسڻ ايندا آهن.
    [​IMG]

    Sukhothai, Thailand
    هي شهر ٿائيلينڊ جي قديم ترين ۽ تاريخي شهرن مان هڪ آهي ، جنهن کي 15 ۽ 16 هين صديءَ وچ ۾ ويران ڇڏيو ويو . هي اصل ۾ خمير سلطنت جي دور ۾ هڪ صوبائي شهر جي حيثيت رکندڙ هو. ۽ هن شهر 13 هين صدي ۾ آزادي حاصل ڪئي، اڄ ڪلهه هي شهر مندرن ۽ يادگارن جي ڪري مشهور آهي.
    [​IMG]

    Hvalsey, Greenland
    هي گرين لينڊ جو سڀ کان وڏو نظارو آهي ، هتي کنڊر به تمام بهترين حالت ۾ آهن. هي شهر ڪنهن دور ۾ Norse تهذيب جو مرڪز هوندو هو. هي ٻين گم ٿيل شهرن جي ڀيٽ ۾ تمام ننڍو آهي پر پنهنجي پُراسرار تهذيب جي ڪري مشهور آهي. هن شهر جي سڀ کان خاص جڳهه وائنڪنگ چرچ آهي جيڪو پهاڙ جي چوٽيءَ تي واقع آهي ۽ اهو به قابلِ ذڪر آهي.
    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سورت دخان ۾ الله پاڪ جو فرمان عبرت نشان موجود آهي
    ترجمو ؛ باغ ۽ تلاءَ گهڻائي ڇڏيائون ۽ پوکون ۽ خاصيون جايون به ۽ اهي نعمتون به جنهن ۾ مزا ماڻيندا هئا ! اهڙي طرح ٿيو ، ۽ ٻِي قوم کي انجو وارث ڪيو سين ، پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنا ۽ نڪِي انهنکي مهلت ڏني وئي!
    25 کان 29 آيت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    بلڪل سچ.

    اسان وٽ سنڌ ۾ موئن جو دڙو (مئلن جو ڍڳ) به انهن گم ٿيل شهرن مان هڪ آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهڻو دلچسپ لڳو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو