ڀلا ڏي خبر ، پاڻ واري هن RESISTANCE MOVEMENT جي ؟ هن کان پوءِ ڪا ٻي ميٽنگ ئي ڪا نہ ٿي ؟ پڇيس ٿو . بس يار ، ڇا ٿيندو ، سنڌي ڪڏهن نہ سڌرندا ، هيءَ ذليل ۽ مرده قوم آهي ... نيٺ اسين بہ تہ هن قوم جا فرد آهيون ، ڳالهائڻ وچ ۾ ڪٽيندي چويس ٿو ، مان تہ توکان رڳو هن مومينٽ جي باري ۾ پيو پڇان . ها ، ادا ، انکان پوءِ ٻي ڪا ميٽنگ ڪانہ ٿي سگهي ، مونکي نوڪري ملي وئي انڪري مان بہ مجبور ٿي پيس ، باقي هو پاڻ وارو ڪامريڊ مولانا ، سو پنهنجي هاءِ ڪمانڊ جي حڪم تي ٻڌو اٿم تہ هارين جي فرنٽ تي لڳي ويو آهي ، ۽ اها مومينٽ ٻومينٽ وئي ائين ئي ... ڪي گهڙيون ماٺ . نيٺ سنڌ جو ڇا ٿيندو ؟ بنگالي تہ جان ڇڏائي ويا ، قربانيون سو عظيم ڏنائون ، چوي ٿو . ڇا ٿيندو ؟ ڪجهہ بہ نہ ٿيندو ، پاڻ واري جي..ايم..سيد جون ڳالهيون ڀليون ، پر آهي رڳو وڏيرن جي پٺِان ، ڀٽو پنجاب جي مفادن سان غداري ڪرڻ نٿو چاهي ، ڪميونسٽ ؛ هڪڙا پناهگيرن جا پٺو ، جن جون ناڪيليون ڪراچي جي ڪالونين ۾ ويٺل پناهگير ڪامريڊن جي هٿن ۾، ٻيا ، ڏينهن جو سياسي لائنون هلائين ، منجهند جو سرمائيدارن ۽ وڏيرن سان ڳجهيون ڪچهريون ڪن تہ رات جو ڌرتي جي ڌڃاڻين تي محنت ڪن ، ڇا ٿيندو منهنجا ڀاءُ ، ڪجهہ بہ نہ .. پاڻ مرڪي ٿو ، ڦڪي مرڪ ، نيٺ اڳيپوءِ اسان سنڌ جي نوجوانن کي ، هن ٽهيءَ کي ئي سنڌ لاءِ ڪرڻو آهي . بڪواس آهي يار ، ڇا ٿو ڪري سگهجي هن مئل قوم لاءِ .. حالت اها آهي تہ .. هو مولود ڪو نہ ٻڌو اٿئي ، شل مديني جو ڪتو هجان هان مديني جي گهٽين ۾ گهمان هان ! سنڌي مسلمان ، پنهنجي مادر وطن جي ڌرتي تي عزت ، آزادي ، وقار ۽ خودمختياري سان رهڻ بجاءِ مديني جو ڪتو بنجڻ وڌيڪ ٿو پسند ڪري ، ۽ انسان مان ڪتو بڻجي مديني جي گهٽين م نوس نوس ڪرڻ کي وڌيڪ عزت وارو ٿو سمجهي ، پاڻ ناامدي آهيون پيارا ... ناول لڙهندڙ نسل
هيءَ ذليل ۽ مرده قوم آهي. ڇا هتي ٻيا لفظ استعمال نٿا ڪري سگهجن.قوم جو حوصلو ايترو به نه ڪيرايو جو اٿڻ جي جستجو ئي ڇڏي ڏئي.