• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
ڀلا ڏي خبر ، پاڻ واري هن RESISTANCE MOVEMENT جي ؟
هن کان پوءِ ڪا ٻي ميٽنگ ئي ڪا نہ ٿي ؟ پڇيس ٿو .
بس يار ، ڇا ٿيندو ، سنڌي ڪڏهن نہ سڌرندا ، هيءَ ذليل ۽ مرده قوم آهي ...
نيٺ اسين بہ تہ هن قوم جا فرد آهيون ، ڳالهائڻ وچ ۾ ڪٽيندي چويس ٿو ، مان تہ توکان رڳو هن مومينٽ جي باري ۾ پيو پڇان .
ها ، ادا ، انکان پوءِ ٻي ڪا ميٽنگ ڪانہ ٿي سگهي ، مونکي نوڪري ملي وئي انڪري مان بہ مجبور ٿي پيس ، باقي هو پاڻ وارو ڪامريڊ مولانا ، سو پنهنجي هاءِ ڪمانڊ جي حڪم تي ٻڌو اٿم تہ هارين جي فرنٽ تي لڳي ويو
آهي ، ۽ اها مومينٽ ٻومينٽ وئي ائين ئي ...
ڪي گهڙيون ماٺ .
نيٺ سنڌ جو ڇا ٿيندو ؟ بنگالي تہ جان ڇڏائي ويا ، قربانيون سو عظيم ڏنائون ، چوي ٿو .
ڇا ٿيندو ؟ ڪجهہ بہ نہ ٿيندو ، پاڻ واري جي..ايم..سيد جون ڳالهيون ڀليون ، پر آهي رڳو وڏيرن جي پٺِان ، ڀٽو پنجاب جي مفادن سان غداري ڪرڻ نٿو چاهي ، ڪميونسٽ ؛ هڪڙا پناهگيرن جا پٺو ، جن جون ناڪيليون ڪراچي جي ڪالونين ۾ ويٺل پناهگير ڪامريڊن جي هٿن ۾، ٻيا ، ڏينهن جو سياسي لائنون هلائين ، منجهند جو سرمائيدارن ۽ وڏيرن سان ڳجهيون ڪچهريون ڪن تہ رات جو ڌرتي جي ڌڃاڻين تي محنت ڪن ، ڇا ٿيندو منهنجا ڀاءُ ، ڪجهہ بہ نہ ..
پاڻ مرڪي ٿو ، ڦڪي مرڪ ، نيٺ اڳيپوءِ اسان سنڌ جي نوجوانن کي ، هن ٽهيءَ کي ئي سنڌ لاءِ ڪرڻو آهي .
بڪواس آهي يار ، ڇا ٿو ڪري سگهجي هن مئل قوم لاءِ .. حالت اها آهي تہ .. هو مولود ڪو نہ ٻڌو اٿئي ، شل مديني جو ڪتو هجان هان مديني جي گهٽين ۾ گهمان هان ! سنڌي مسلمان ، پنهنجي مادر وطن جي ڌرتي تي عزت ، آزادي ، وقار ۽ خودمختياري سان رهڻ بجاءِ مديني جو ڪتو بنجڻ وڌيڪ ٿو پسند ڪري ، ۽ انسان مان ڪتو بڻجي مديني جي گهٽين م نوس نوس ڪرڻ کي وڌيڪ عزت وارو ٿو سمجهي ، پاڻ ناامدي آهيون پيارا ...
ناول لڙهندڙ نسل
 
هيءَ ذليل ۽ مرده قوم آهي. ڇا هتي ٻيا لفظ استعمال نٿا ڪري سگهجن.قوم جو حوصلو ايترو به نه ڪيرايو جو اٿڻ جي جستجو ئي ڇڏي ڏئي.
 
Back
Top