منصور سرور
سينيئر رڪن
مهتاب اڪبر راشدي
سن 2000 ۾ دنيا جي ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن گڏجي پنهنجي ملڪن لاءِ ڪي هدف (Targets) مقرر ڪيا ته جيئن انهن تي عمل ڪري پٺتي پيل قومن ۽ گهٽ وسيلا هئڻ وارن ملڪن ۽ انهن جي ڏتڙيل عوام کي مختلف حوالن سان سهوليتون فراهم ڪجن. ملڪن کي ان ڳالهه تي به آماده ڪجي ته هو پنهنجا وسيلا ڪتب آڻن ۽ پنهنجي عوام کي پاڻڀرو ٿيڻ ۾ مدد ڏين. ان سڀني مرحلن ۾ امير ملڪن کين مدد ڏيڻ جا آسرا به ڏنا. ان سڄي عمل کي ” صديءَ جا ترقياتي هدف“ يا Millennium Development goals جو نالو ڏنو ويو ۽ سهولت خاطر انهن کي MDGs چيو وڃي ٿو.
ان تحت جن موضوعن جي چونڊ ڪئي وئي، اهي ٻڌائڻ سان گڏوگڏ، اهو به ٻڌائيندي هلندس ته ، انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان 15 سالن جي مدي ۾ ڪٿي پهتو.
1.بک ۽ غربت جو خاتمو: ان تحت 2015 تائين انهن فردن جي تعداد ۾ 50 سيڪڙو لاٿ آڻڻي هئي، جن جي روزانو اجرت هڪ آمريڪي ڊالر کان به گهٽ هجي ۽ گڏوگڏ، عورتن ۽ نوجوانن سميت سڀني ماڻهن لاءِ مڪمل فائديمند نوعيت جي نوڪريءَ جو حصول پاڪستان، ان ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
2.يونيورسل پرائمري تعليم جو ماڻڻ: هن تحت 2015 تائين هر نياڻي ۽ ڇوڪري کي هڪجهڙائي جي بنياد تي پرائمري تعليم مهيا ڪئي ويندي.
پاڪستان گذريل 15 سالن ۾ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ايترو پري آهي، جو لڳي ايئن ٿو ته صديءَ جي هن اهم ترقياتي هدف جو مڪمل حصول ممڪن نه بڻائي سگهندو. ڇو ته ان کي ماڻڻ لاءِ مقرر رستن کان پاڪستان ڪافي هٽيل آهي يعني Off Track آهي.
3.صنفي برابري ۽ عورتن کي بااختيار بنائڻ کي هٿي ڏيڻ: ان ميدان ۾ پاڪستان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ عورتن جي 22 سيڪڙو موجودگيءَ کي يقيني بڻايو. باقي نه عورتن جي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم ۾ واڌارو آيو، نه عورتن لاءِ نوڪرين جا موقعا وڌايا ويا. نتيجي طور پاڪستان ان هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ به پوئتي آهي. 2015 ۾ گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. عورتن ۽ مردن ۾ صنفي اڻ برابري جي سلسلي ۾ نه ڪي خاطر خواه ڪوششون ڪيون ويون نه ان جو حصول ممڪن ٿي سگهيو. جيتوڻيڪ ان لاءِ ڪيل ڪوششن جي حوالي سان پنجاب سرفهرست رهيو ۽ پوءِ خيبر پختونخواھ رهيو ۽ سنڌ جو ۽ پنجاب ۾ ٿورو فرق آهي. جيتوڻيڪ بلوچستان سڀني صوبن کان ڪافي پوئتي رهيو آهي.
4.ٻارن جي مرڻ جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ: هن تحت 2015 تائين پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي موت جي شرح گهٽائڻ لاءِ قدم کڻڻ شامل هئا. ان سلسلي ۾ ڊائريا سبب مرندڙ ٻارن جي موت ۾ گهٽتائي ڏسجي پئي. باقي اُرڙي سميت ويندي ٻارن کي مختلف بيمارين جي ٽڪن لڳائڻ سميت پاڪستان پٽڙيءَ تان لٿل نظر اچي ٿو.
5.مائرن جي صحت کي بهتر بڻائڻ: هن تحت توليدي صحت جو حصول ۽ ڳورهارين عورتن جي موت جي شرح ۾ ٽي چوٿائي گهٽائي آڻڻ هيو. پر ان سلسلي ۾ به پاڪستان، 2015 تائين ڪو به هدف حاصل نه ڪري سگهيو. ۽ منزل اڃا پري پئي ڏسجي، جائز وٺبو ته مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ اڳڀرائي ناڪافي آهي.
6.ايڇ آءِ وي ايڊز، مليريا ۽ ٻين بيمارين جو خاتمو: هن هدف تحت، ٽي بي لاءِ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا ويا، باقي سڀني بيمارين کي روڪڻ جي اپائن ۽ علاج ۾ پاڪستان ماڳهين، صحيح رخ تي هلڻ جو قصد ئي ڪو نه ڪيو آهي.
7.ماحولياتي پائيداريءَ کي يقيني بڻائڻ: هن اهم هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ماحولياتي حيات جي نقصان کي گهٽائڻ، 2015 تائين، ماڻهن کي پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ صحت جي بنيادي حفاظتي قدمن تائين پهچ کي 50 سيڪڙي تائين پڄائڻ ۽ پوئتي پيل علائقن ۾ رهڻ وارن گهٽ ۾ گهٽ 100 ملين رهاڪن جي زندگيءَ ۾ ڪا نظر اچڻ واري بهتري يقني بڻائڻ،
پاڪستان هتي به پوئتي پيو نظر اچي، نه اسان پنهنجي ٻيلن جي ايراضي وڌائي نه وڻن جي افزائش ڪئي. نه پاڻيءَ جي بهتر وسيلن سان آباديءَ جو تحفظ ڪيو نه ئي صحت ۽ صفائي تائين ماڻهن جي پهچ ٿي، نه ڪچين آبادين کي ڪا سهوليت فراهم ڪئي وئي.
پر وري به ٿورو گهڻو جهنگلي حيات جي تحفظ وارن علائقن ۾ واڌ ڏٺي وئي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل ۽ سلفر جي مقدار کي گهٽائڻ ۾ بهتري آئي ۽ في يونٽ انرجي، جي ڊي پي ۾ بهتري آئي امڪان آهي ته 2015 تائين، متان به ٿورو گهڻو، ان ميدان ۾ ڪا چڱائي نظر اچي، پر مقرر هدف ته وري به حاصل ٿي نه سگهندو.
8.ترقي لاءِ ڀاڱيواري کي هٿي: صديءَ جي ترقياتي ٽارگيٽ جي تعين ڪرڻ مهل ان ڳالهه کي تسليم ڪيو ويو ته ترقي پذير خاص طور تي گهٽ ترقي يافته ملڪن لاءِ هنن هدفن جو حصول ترقي يافته ملڪن جي ڀاڱيواري ۽ امداد کان سواءِ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور ٿيندو، ان ڪري ان کي ڀاڱيواري جي وصف ۾ جامع انداز ۾ بيان ڪندي گهڻ طرفي، ٻه طرفي، اتر ۽ ڏکڻ جي علائقائي واپار ٽيڪنيڪل ڄاڻ جي امداد جي لائحه عمل سان ڳنڍيو ويو. جن ۾ خاص طور تي غربت ۾ لاٿ، ترقي ۽ روزگار جي موقعن کي هٿي ڏيڻ آهي. جيڪو وري مارڪيٽ تائين رسائي ۽ منصفاڻن واپاري موقعن سان سلهاڙيل آهي.
ان سلسلي ۾ دنيا ۾ معاشي بحران سبب پاڪستان جي برآمد ۾ گهٽائي آئي، مارڪيٽ تائين پهچ گهٽ رهي. سرڪاري ترقياتي امداد Official Development Assistance يعني ODA تحت ڪيل واعدا وفا نه ٿي سگهيا. دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي حوالي سان افغانستان ۽ عراق به ان ۾ شامل هئا، پر پاڪستان سان ڪيل واعدا به پورا نه ڪيا ويا. ان حد تائين جو 2005 ۾ آيل زلزلي کانپوءِ فرينڊز آف ڊيموڪريٽڪ پاڪستان هيٺ ڪيل واعدا به اڌ ۾ رهجي ويا. سو ايئن کڻي چئجي ته، هنوز دلي دور است.
پاڪستان جي هڪ خوبي اها ضرور آهي ته ڪڏهين به بين الاقوامي معاهدن ڪرڻ ۾ اصل دير نه ڪندو آهي. بين الاقوامي برادريءَ سان گڏ بيٺل نظر ايندو. پر انهن معاهدن تي عمل ڪرڻ ۾ نه ڪڏهين سنجيده نظر آيو ۽ نه ئي وري ان کي ڪڏهين ڳڻتي ٿي ۽ نه ئي وعدي خلاف تي پشيماني.
هاڻي جڏهن 2015 رڳو ڇهه مهينا پري آهي تڏهين قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق جي تحرڪ وٺڻ تي، پاڪستان جي سڀني صوبائي اسيمبلين مان سڀني پارٽين جي نمائندن ٽي مشتمل هڪ ٽاسڪ فورس تشڪيل ڏني وئي آهي، جنهن جي ڪنوينر مريم اورنگزيب، ن ليگ جي ايم اين اي کي ڪيو ويو آهي. هن جي ڪوششن ۽ يو اين ڊي پي جي سهڪار سان 2 جون کان 4 جون تائين. سڄي ملڪ جي اسيمبلين جي 100 نمائندن وڏي شوق ۽ جوش سان ان سرگرميءَ ۾ حصو ورتو. چوڏهن سالن گذرڻ کانپوءِ انهن ٽارگيٽس کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪيل ڪوتاهين تي افسوس ۽ ايندڙ پندرهن سالن ۾ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ عزم جو اظهار ڪيو ويو. ڪوشش اها ڪئي وئي ته حڪومتي ڪار ونهوار ۾ چونڊيل نمائنده پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ انهن ٽارگيٽس کي پنهنجي صوبي جي سطح تي حاصل ڪرڻ ۾ حڪومت ۽ انتظاميا جي مدد ڪن. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران اهو انتهائي مثبت قدم هيو، جنهن جي تعريف ۽ همت افزائي ضروري آهي ٻي سٺي ڳالهه اها ٿي ته ان ڪانفرنس ۾ سڀني نمائندن جي پيش نظر پنهنجي ملڪ ۽ صوبي جي ترقي هئي ۽ اُتي ڪنهن به طرح نه ڪنهن پارٽيءَ کي ترجيح هئي ۽ نه ئي ڪنهن تي تنقيد ، تعريف هئي ته سٺي ڪم ۽ مثبت سوچ جي.
¨ اڃا ڪانفرنس جي اڌ ۾ ئي هئاسين ته ڪراچيءَ مان فونن ۽ پيغامن جا ٽڙڪا مچي ويا. ڪجهه عرصي کان جنهن ڳالهه جو امڪان ۽ انديشو هو، سا ٿي وئي. ايم ڪيو ايم جي سربراھ ۽ برطانوي شهري الطاف حسين کي، برطانيا جي ميٽرپوليٽن پوليس حراست ۾ ورتو. عرصي کان ڏهڪاءُ ۽ دهشت هيٺ آيل سنڌ جي راڄڌاني ۽ پاڪستان جي معاشي شهه رڳ ڪراچي ۾ ڄڻ ته افراتفري مچي وئي. گهر ڀاتين فون ڪري ٻڌايو ته پريشان نه ٿو اسين سڀ گهر اچي ويا آهيون. آفيسون به پاڻمرادو بند ٿي ويون. پيٽرول پمپ به بند ته ڪاروبار به بند.
بي امان ۽ بيوس شهري رڳو پاڻ بچائڻ ۾ پورا هئا نه ڄاڻ ڇا ٿي وڃي؟ الطاف حسين، حراست ۾ ورتو ويو، سو به پاڪستان ۾ نه، ته به، اڌ ڪراچي ته سڙي ئي سڙي، الائي ڪيترا ماڻهو مرندا؟ الائي حيدرآباد ۾ ڇا ٿيندو؟ خبر پئي، سڄي سنڌ ” احتجاج“ جي ور چڙهي وئي هن دفعي طريقه ڪار ٿورو مختلف رهيو ۽ ڪوئٽه جي هزاره برادري جي تقليد ڪري ڌرڻا ڏنا ويا. ڪنهن جي خلاف اها خبر نه پئي. برٽش هاءِ ڪميشن جي آس پاس وڃڻ جي نه ڪوشش ڪيائون ۽ نه ئي خواهش جو اظهار، بس باباءِ قوم (اصلي) جي مقبري جي آس پاس ديرو ڄمايائون. پهرين ڏينهن ڇهه کن بسون سڙيون، جيڪي الائي ڪهڙن شر پسندن ساڙيون. باقي ”امن پسندن“ رڳو ايترو ڪيو جو ڌرڻي ۽ محبت جي اظهار ۾ سڄي شهر جو ڪاروبار ۽ ايم اي جناح روڊ خاص طور تي بند رهيو. پئٽرول پمپ، به عشق جي اظهار جي ور چڙهي ويا. الطاف حسين، ٻه ڏينهن اسپتال جي بلي رهيو پر هتي ٻه چار نيون حقيقتون سامهون آيون هڪ ته سنڌ حڪومت جي بي وسي ۽ حالتن تي ڪنهن به قسم جو اختيار نه هئڻ وائکو ٿي ويو. ٻيو اهو ته چڱو جو هي واقعو ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ جي رُسامي جي مند ۾ نه ٿيو، نه ته حڪومت ڪار پروارزن جا بيان ڪجهه ٻيا هجن ها. ڇو ته موسم سرچاءُ جي هئي، ان ڪري تڏي تي وڃي. ان ڌرڻي ۾ حڪومت پاڻ وڃي شريڪ ٿي، جنهن جي ڪري شهري هڪ وڏي عذاب ۾ مبتلا ٿيا. حڪومت ڄڻ ته اهڙي قسم جي ڌرڻن کي قبوليت جي سندن ڏئي ڇڏي ته اڳتي به جنهن کي وڻي، احتجاج، غم، خوشي ۽ رنج جي اظهار لاءِ اهو طريقو اختيار ڪري سگهي ٿو.
شهر جي امن و امان جا رکوالا، رڳو ڌرڻي وارن جي حفاظتي ڊيوٽي تي هئا.
ائين لڳو،ڄڻ هر پارٽي موقعي جي انتظار ۾ هئي ۽ پاڻ ڳڻائڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳ ڪڍڻ لاءِ پهرين ته همدردانه بيان ۽ پوءِ ڌرڻي ۾ حاضريءَ جي لائين ۾ لڳي ويا. ان ۾ اُهي به هئا، جن ايم ڪيو ايم سان وڏو جهيڙو کاڌو، اُهي به جيڪي قومپرستيءَ جو چولو پاتل آهن ”سنڌ ڄائي“ لاءِ انصاف جا طلبو آهن.
حڪومت جي بي وسي جو اندازو ان مان لڳايو ته جنهن شهر ۾ 15000 کان وڌيڪ صنعتون هجن، بندرگاه هجي، سڄي ملڪ کان تيل جي رسد اُتان ويندي هجي، جتي پنج انڊسٽريل زون هجن ۽ پنجاھ هزار کان وڌيڪ غير رسمي ننڍيون صنعتون هجن، ان شهر کي بي آسري ڇڏي ڏنو ويو. بي يقينيءَ، خوف ۽ دهشتگردي ۾ وڪوڙيل ماڻهو، پنهنجي ذميواري پاڻ کڻڻ لاءِ آزاد ڇڏيا ويا. سياسي پارٽيون، مونجهاري ۽ موقع پرستيءَ جو مظهر بڻيون،
حامي بهي نهين، منکر غالب بهي نهين ٿي
هم اهل تذبذب کسي جانب بهي نهين ٿي
(افتخار عارف)
هاڻي جڏهين الطاف حسين کي جولاءِ تائين ضمانت تي ڇڏيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جي سياسي مستقبل تي گهڻيون ئي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته پوئين ڪجهه عرصي کان ايم ڪيو ايم جي اندر گهڻي ڀڃ ڊاھ جاري آهي. ڪيترائي ماڻهو غير فطري موت جي ور چڙهيا ته ڪن مصطفيٰ ڪمال پارن ڀڄي جند ڇڏائي. گورنر صاحب پوئين هفتي چيف آف آرمي اسٽاف ۽ وزيراعظم واري اجلاس ۾ قائد تحريڪ جي دفاع نه ڪرڻ جي پاداش ۾ ميڊيا وسيلي وڏي وات، قائد تحريڪ کان دٻ کائي چڪو آهي. ڇاڪاڻ ته هن پارٽيءَ کي ”منزل“ نه پر ”رهنما“ جي گهرج آهي. ان ڪري وڏو مسئلو اهو آهي ته. رهنما پنهنجو ڪو به جانشين مقرر نه ڪيو آهي. جولاءِ کان پوءِ قانون جڏهين پنهنجو رستو اختيار ڪندو. الطاف حسين ڪنهن وڏي مشڪل ۾ اچي ويو ته، پارٽيءَ اندر ڌڙا بندي ظاهر ٿي پوندي، اندروني خلفشار ۽ مارا ماري هڪ حد ۽ ڪجهه عرصي لاءِ وڌندي ۽ الطاف حسين تي الزام کڻي ڪاري ڌن کي اڇي بنائڻ جا آهن. ۽ هتي هن جا پوئلڳ ان کي کڻي ڪنهن خاطر ۾ نه به آڻين. پر انگلينڊ جي قانون مطابق الطاف حسين وٽان هٿ آيل رقم، سون ۽ سندس نالي تي ملڪيتن جا جائز ذريعا ٻڌائڻ ۽ ثبوت مهيا ڪرڻا پوندا. معاملو ايترو آسان ناهي، جيترو ايم ڪيو ايم ان جو اظهار ٿي ڪري. حالتون جنهن به رخ ڏانهن وڃن، هڪ ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته،جنهن ڏينهن ذوالفقار مرزا مٿي تي قرآن کڻي، ڪراچي پريس ڪلب ۾، قائد تحريڪ جي باري ۾ جن انڪشافات جي ابتدا ڪري ويو..
اها ڪهاڻي هاڻي پنهنجي انت ڏانهن پئي وڌي. اڃا ته ابتدا آهي چون ٿا ته جن ٻن نوجوانن جا خاڪا اسڪاٽ لينڊ يارڊ جاري ڪيا آهن ۽ جيڪي پاڪستاني ايجنسين جي تحويل ۾ ٻڌايا وڃن ٿا. انهن کي سندن حوالي ڪرڻ لاءِ پاڪستاني حڪومت سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي.
سو، جون ۽ جولاءِ انٽرويل آهي ۽ فلم اڃا باقي آهي، ان سڄي معاملي ۾ پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ جي عوام جو ڪجهه نه وڃي جيڪي ٿيڻو آهي لنڊن ۾ ٿيڻو آهي، ان ڪري حڪومت کي ۽ خاص طور تي سنڌ جي حڪومت لاءِ اهو ضرور آهي ته هو پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي، پنهنجي حڪومتي اتحادين سان همدردي ضرور ڪري، پر ان جي قيمت عوام کان نه ڀرائي. جيئن نيلسن منڊيلا چيو آهي ته ” گهرن ۽ گهٽين ۾ تحفظ کانسواءِ آزادي ۽ جمهوريت بي معنيٰ آهي.“