مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌ جو ٻچو ٻچو اڄ به اهڙي سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو ئي نعرو هڻي

    صوبن ورهائڻ ۽ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي مطالبي پٺيان جيڪڏهن ڪنهن به لسانيت پسند مافيا جي سنڌ کي ورهائڻ جي خواهش ۽ سازش آهي ته انهن ڌرين جو خواب هميشه خواب ئي رهندو. اهڙو اظهار سسئي پليجو سنڌ اسيمبلي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سسئي پليجو پڻ چيو ته هزارا ۽ ٻين نون صوبن جي آڙ ۾ سنڌ ۾ سازشي ڌريون هڪ ڀيرو وري ٻين صوبن جي ڳالهه ڪندي اصل ۾ سنڌ کي ورهائڻ جي زهريلي سازش ڪري رهيا آهن، جيڪا هميشه وانگر سنڌ جا ماڻهو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اهڙي سازش کي رد ڪري اهڙي ڪنهن به پيش رفت کي ٻنجو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.

    سسئي پليجو چيو ته تاريخي لحاظ کان سائوٿ ايشيا ۾ سنڌ ۽ هند اصلوڪا خطا رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چوڌري شجاعت جهڙا ۽ ٻيون لسانيت پسند ڌريون هر دور ۾ نون نالن ۽ نون ٽولن سان سنڌ کي ورهائڻ جا خواب اکين ۾ سجايو ڏينهن رات ان سنڌ دشمن منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش ۾ آهن پر هو ياد رکن ته جيئن جنرل هوش محمد شهيد چيو هو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ ايئن ئي سنڌ جو ٻچو ٻچو اڄ به اهڙي سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو ئي نعرو هڻي ميدان ۾ ڪڏي پوندو ۽ صوبو ورهائڻ جي ڪوشش کي ناڪام ڪندو.

    هن چيو ته (ق) ليگ (ن) ليگ يا ڪي ٻيا لساني گروهه ڪنهن به اهڙي سازش جو حصو رهيا ته کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. سنڌ جي ماڻهن سدائين ڌارين جي لوڌن کي برداشت ڪيو آهي پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته مقامي ۽ انڊيجينيس ماڻهن جي خواهش جي ابتڙ ڪا ڪالهه ميز تي آڻجي. ايوان ته پري جي ڳالهه آهي. سسئي پليجو چيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن طرفان وفاق اڳيان ويليو ايڊيڊ ٽيڪس تي سخت اعتراض رکيا آهن ۽ اميد ته سنڌ اسيمبلي به ان کي يڪراءِ سان رد ڪندي.
    مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

    ادا سائين رب کان دعا آهي ته ائين ئي ٿئي جو اسانجا اهي کٿل وزير فقير ڪو غيرت کائي وجهن، باقي ته سنڌ ايترا ڌوڪا کاڌا آهن جو هاڻ ايئن ٿو لڳي ته هاٿي جا ڏند ڏيکارڻ جا هڪڙا ته کائڻ جا ٻيا ۔۔۔ ٻاهر ٻولي هنج جي اندر ڪارو ڪانءُ ۔۔۔

    جڏهن به سنڌ ڪنهن سٺي سوچ ڏانهن وڌندي آهي ته سامراجي قوتون سنڌين کي الجهائڻ ۽ ڦاسائڻ لئه نوان شوشا ڇڏينديون آهن ۔۔۔ باقي سنڌ جي حيانءَ تي مهاجر نالي سان جيڪا بلا ويٺل آهي انجو ڪو ترت علاج ڪرڻو پوندو نه ته اهو سدائين جو مٿي جو سور ڪٿي ناسور نه ٿي پوي ۔۔۔

    بس لطيف جون دعائون وات تي آهين ۔۔۔ سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون

    ادا دعا ته اها ئي آهي ته الله اسان جي سڀني سنڌين کي انهيءَ معاملي ۾ ايئن ئي متحد رکي جيئن سندن بيانن مان لڳي ٿو۔۔
     
  4. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين اسان سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪندا رهنداسين جيستائين سسي ۾ ساھ آهي سنڌ ڏانهن ميري اک ڏسندڙن جون اکيون نه هونديون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو