Sindhi Media
سينيئر رڪن
سنڌ جو ٻچو ٻچو اڄ به اهڙي سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو ئي نعرو هڻي
صوبن ورهائڻ ۽ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ جي مطالبي پٺيان جيڪڏهن ڪنهن به لسانيت پسند مافيا جي سنڌ کي ورهائڻ جي خواهش ۽ سازش آهي ته انهن ڌرين جو خواب هميشه خواب ئي رهندو. اهڙو اظهار سسئي پليجو سنڌ اسيمبلي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. سسئي پليجو پڻ چيو ته هزارا ۽ ٻين نون صوبن جي آڙ ۾ سنڌ ۾ سازشي ڌريون هڪ ڀيرو وري ٻين صوبن جي ڳالهه ڪندي اصل ۾ سنڌ کي ورهائڻ جي زهريلي سازش ڪري رهيا آهن، جيڪا هميشه وانگر سنڌ جا ماڻهو ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي اهڙي سازش کي رد ڪري اهڙي ڪنهن به پيش رفت کي ٻنجو ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
سسئي پليجو چيو ته تاريخي لحاظ کان سائوٿ ايشيا ۾ سنڌ ۽ هند اصلوڪا خطا رهيا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ چوڌري شجاعت جهڙا ۽ ٻيون لسانيت پسند ڌريون هر دور ۾ نون نالن ۽ نون ٽولن سان سنڌ کي ورهائڻ جا خواب اکين ۾ سجايو ڏينهن رات ان سنڌ دشمن منصوبي کي عملي جامو پهرائڻ جي ڪوشش ۾ آهن پر هو ياد رکن ته جيئن جنرل هوش محمد شهيد چيو هو ته ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ ايئن ئي سنڌ جو ٻچو ٻچو اڄ به اهڙي سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙو ئي نعرو هڻي ميدان ۾ ڪڏي پوندو ۽ صوبو ورهائڻ جي ڪوشش کي ناڪام ڪندو.
هن چيو ته (ق) ليگ (ن) ليگ يا ڪي ٻيا لساني گروهه ڪنهن به اهڙي سازش جو حصو رهيا ته کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. سنڌ جي ماڻهن سدائين ڌارين جي لوڌن کي برداشت ڪيو آهي پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته مقامي ۽ انڊيجينيس ماڻهن جي خواهش جي ابتڙ ڪا ڪالهه ميز تي آڻجي. ايوان ته پري جي ڳالهه آهي. سسئي پليجو چيو ته اسان سنڌ جي ماڻهن طرفان وفاق اڳيان ويليو ايڊيڊ ٽيڪس تي سخت اعتراض رکيا آهن ۽ اميد ته سنڌ اسيمبلي به ان کي يڪراءِ سان رد ڪندي.
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون