ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگردن جو حملو، ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس جي اهلڪارن سميت 19ڄڻا شهيد ٿي ويا، فوج، ڪامناڊوز، رينجرز ۽ پوليس جو سڄي رات آپريشن، 10 دهشتگرد مارجي ويا. رات دير سان پوڻين 12 وڳي اٽڪل 6 کان 8 هٿياربندن ڪراچي ايئرپورٽ جي ٽرمينل ون (حج ٽرمينل) تي چئني طرفن کان حملو ڪري ڏنو، دهشتگردن سڀ کان پهرين دستي بم اڇلايا ۽ بعد ۾ انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. اي ايس ايف جي اهلڪارن مزحمت جاري رکندي کين اڳتي وڌڻ کان روڪيو ۽ شهادتون ماڻيندا رهيا. اطلاع تي پاڪ فوج، رينجرز ۽ ڪمانڊوز جا دستا پهتا جن ايئرپورٽ جو انتظام سنڀاليو ۽ سڄي رات ويڙهه جاري رکي جيڪا صبح تائين جاري رهي.
هن وقت آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي ۽ شام چڍين بجي ايئرپورٽ جو آپريشن بحال ڪرڻ جا امڪان آهن. تحريڪ طالبان پاڪستان پاران هن حملي جي ذميواري قبول ڪئي وئي آهي.