• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻڪ

آدرش ڪليري

سينيئر رڪن
ڌرتي سان موهہ ڏوهہ آهي ، پنهنجي ڌرتي جي نالي سڃاڻپ جو اظهار ڏوهہ آهي ، جيڪو موهہ ۽ اظهار انسان جو گڻ آهي ، انسان جي وجود جو اهم ڀاڱو ، سڀاويڪ ، وسندي ۾ جڳن کان وسندڙ انسان ، پنهنجي انساني روپ جي اظهار لاءِ ، ڌرتي سان موهہ جو اتساهہ کڻي مٿي اڀرندڙ ، تہ شڪاري ڪتن جي نوس .. نوس ، انسان بوءِ .... انسان بوءِ .... انسانن مٿان مارو ، جتي انسان نظر ايندن ، اتي وٺ وٺان ، شڪاري ڪتا جي انساني وجود ۽ گڻ کي ناس ڪرڻ لاءِ خاص مهارتي سکيا ورتل ، ڏندن ۽ ننهن سان وچڙي ويندڙ ، انساني سڀاءُ ۽ گهڻن واري چرپر ڪندڙ انسانن کي وچڙي ويندڙ ، رتو ڇاڻ ڪري .... اڌ مئو ڪري ، يا بنهہ ماري ....
شڪاري ڪتا نوس نوس ڪري رهيا آهن .
ماڻڪ
 
Back
Top