• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل مهاڻي نه ٿي جانِ عالم

مصور عالم

سينيئر رڪن
طرحي غزل (جانِ عالم)
درد جهار نه ٿيا، سوچ کنڀاڻي نه ٿي،
اک احساس جي ڪڏهن ڪاڻي نه ٿي،

سيرتن کان صورتن سرسي ماڻي،
هجومن جو مرڪز ٿرياڻي نه ٿي،

احساس مري ويو، انسان کري ويو،
پٿر دليون سڀ ڪابه پاڻي نه ٿي،

وقت حاڪم جو حڪم ڪين هليو،
ڏينهن راجا نه ٿيو، رات راڻي نه ٿي،

پيار خودڪشي پاڻ ڪري ويٺو،
پيار جي پياري پڄاڻي نه ٿي،

تون مڇي ٿي پئيين اونهي جر جي،
مان ڄار نه ٿيس، دل مهاڻي نه ٿي،

هر جنم جاني مان نوڪر تنهنجي،
تون مٽيين پر ڳالهه پراڻي نه ٿي،

جي ڀانئين تون شخص بڻجان وڏو،
حاتم ٿي تون، لاکو ڦلاڻي نه ٿي،

نير نديون هئا، نيڻ سڪي چڪا،
هوءَ آئي جڏهن اک به پاڻي نه ٿي.
 
Back
Top