• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وهيل مڇي ۾ چکڻ واري حس ناهي هوندي

منصور سرور

سينيئر رڪن
51989793_SHark_224346c-300x247.jpg

چکڻ واري حس ته هر ان جانور ۾ هجي ٿي جيڪو کير ڏيندڙ آهي.هي حس زبان تي موجود پروٽين جي ڪري ڪم ڪري ٿي.عام طور تي جانور پنجن قسمن جا ذائقا چکي سگهن ٿا. چکڻ انسان توڙي جانور جي لاءِ فائدي وارو هجي ٿو.ڇوته ان سان نه رڳو لطف ماڻي سگهجي ٿو پر اسان کي فورن پتو پئجي وڃي ٿو ته اها شئي کائڻ جهڙي به آهي يا ناهي؟ هراهو جانور ذائقو چکي سگهي ٿو پر هڪ جانور اهرو آهي جيڪو ان صلاحيت کان محروم آهي.اها وهيل مڇي آهي.وهيل مڇي ۾ جانورن توڙي انسانن واريون ٻئي خاصيتون موجود آهن. جديد ترين تحقيق کان پوءِ هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته وهيل مڇي ۾ چکڻ واري حس آهي ئي ڪانه آهي ٿورو گهڻو لوڻياٺو ذائقو محسوس ڪري سگهي ٿي، باقي ڪل پيران دا خير. تحقيق ۾چيو ويو آهي ته هڪ ميوٽيشن جي ڪري هنن مچين مان چکڻ واري حس ختم ٿي وئي.
 
Back
Top