روزانه ڪاوش تان ورتل
بلوچ مزاحمتي جدوجهد جو سرواڻ ۽ جهونو قومپرست اڳواڻ نواب خير بخش مري لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي (بيورو رپورٽ) بلوچ مزاحمتي جدوجهد جي سرواڻ ۽ بلوچستان جي شينهن طور مشهور جهونو قومپرست اڳواڻ نواب خير بخش مري 86 سالن جي عمر ۾ ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي، نواب مري کي گذريل جمعي ڏينهن برين هيمرج سبب نجي اسپتال جي آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو هو، هو ڪجهه ڏينهن ڪوما ۾ رهيو ۽ سندس طبيعت ۾ بهتري نه اچي سگهي، سندس حالت وڌيڪ خراب هجڻ سبب علاج لاءِ پرڏيهه منتقل ڪرڻ جو فيصلو به نه ٿي سگهيو ۽ آخرڪار ڪالهه سندس ساهه جو سڳو هميشه لاءِ ٽٽي ويو، هو وڏي عرصي کان ڪراچي ۾ رهائش پذير هو، سندس تدفين اڄ سندس اباڻي شهر ڪوهلو ۾ ٿيندي، نواب خير بخش مري ولد سردار مهر الله خان مري جو جنم 1928ع ڌاري ڪوئيٽا ۾ ٿيو، هن لاهور جي اچيسن ڪاليج مان تعليم مڪمل ڪئي، ڪاهان ڪوهلو واري علائقي سان تعلق رکندڙ نواب مري کرو ڳالهائڻ ۽ مضبوط ارادي واري شخص طور مشهور ٿيو، هن 1956ع ۾ پارلياماني سياست ۾ پير پاتو ۽ سبي واري تڪ تان مغربي پاڪستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ان کانپوءِ 1962ع ۾ صدر جنرل ايوب خان جي حڪومت ۾ قومي اسيمبلي جو ميمبر ٿيو، نواب خير بخش مري ان کانپوءِ 1970ع واري عام چونڊن ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نعپ) جي ٽڪيٽ تان ايم اين اي ٿيو، اڳتي هلي هن قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪئي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تان ڪاميابي ماڻي بلوچستان ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جي ڪابينا ۾ وزير طور شامل ٿيو، نومبر 1978ع ۾ خير بخش مري تي ستن سالن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي لڳائي وئي، بعد ۾ 1975ع ۾ بلوچستان ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو ته هن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، نواب خير بخش اڳتي هلي 1980ع ڌاري ملڪ کان ٻاهر هليو ويو ۽ 1992ع ۾ واپس آيو، سردار خير بخش مري کي شروع کان ئي بلوچ قومپرستن ۾ نمايان حيثيت حاصل رهي آهي، ماٺيڻي طبيعت رکندڙ نواب مري بلوچستان جي حقن لاءِ جدوجهد دوران اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي مزاحمت ڪارن کيس مختلف خطابن سان نوازيو، کيس بلوچستان جو شينهن به چيو ويندو هو، سندس ٻه پٽ نواب گزين مري ۽ هربيار مري پرڏيهه ۾ جلاوطني واري زندگي گذاري رهيا آهن، جڏهن ته سندس هڪ پٽ نواب بالاچ مري بلوچستان جي حقن لاءِ شروع ڪيل جدوجهد دوران شهادت ماڻي، کيس افغانستان بارڊر وٽ شهيد ڪيو ويو. نواب بالاچ مري به پارلياماني سياست ۾ هو، نواب اڪبر بگٽي جي شهادت بعد هن بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏني هئي. نواب خير بخش مري وڏي عرصي کان ڪراچي ۾ رهائش پذير هو. هن جي سردار عطاءُ الله مينگل وارن سان رشتيداري آهي. نواب خير بخش مري کي 6 پٽن جو اولاد ٿيو، جن ۾نوابزاده چنگيز مري، بالاچ مري، هربيار مري، گزين مري، حمزه مري ۽ مهراڻ مري شامل آهن. هوڏانهن نواب مري جي وفات تي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين سياسي اڳواڻن توڙي سنڌ بلوچستان جي قومپرستن ڏک جو اظهار ڪيو. قومپرستن جو چوڻ هو ته نواب مري جي لاڏاڻي سان بلوچ مزاحمتي جدوجهد جي هڪ دور جي پڄاڻي ٿي آهي.
نواب مري جو سائين جي ايم سيد سميت سنڌ سان گهرو لاڳاپو رهيو
حيدرآباد: نواب خير بخش مريءَ جي سنڌ ۾ سياسي طور سائين جي ايم سيد سان گهڻي ويجهڙائي رهي، ون يونٽ جي قيام کانپوءِ اينٽي ون يونٽ تحريڪ ۾ سردار مري، سردار عطاءُ الله مينگل ۽ بلوچستان جا ٻيا اڳواڻ سائين جي ايم سيد سان گڏ هئا، نواب خير بخش مري ۽ ٻين قومپرستن بلوچستان ۾ به اينٽي ون يونٽ فرنٽ قائم ڪيو، نواب مري سنڌي رواني سان ڳالهائيندو هو، سندس شمار خطي جي اهم ۽ لائق سياستدانن ۾ ٿئي ٿو، شهيد بينظير ڀٽو شهادت کان ڪجهه ڏينهن پهرين نواب خير بخش مري سان ڪراچي ۾ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪري نواب بالاچ خان مري جي شهادت تي تعزيت ڪئي هئي. جڏهن ته ٻين اڳواڻن جي به نواب مري سان ڪافي ويجهڙائي رهي. نواب مري سنڌ جي اشوز تي مختلف وقتن تي سنڌ جي اڳواڻن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ زيادتين خلاف آواز اٿاريو.
نواب خير بخش مري کي 1950ع ۾ مري قبيلي جو سردار چونڊيو ويو
حيدرآباد: بلوچ مزاحمتي جدوجهد جي سرواڻ نواب خير بخش مري ڏهن سالن جو هو ته سندس والد سردار مهر الله خان مري وفات ڪري ويو، جنهن کانپوءِ سندس چاچي سرداريءَ جا فرض سرانجام ڏنا، بعد ۾ 1950ع ۾ کيس بلوچستان جي مري قبيلي جو سردار چونڊيو ويو ۽ آخر تائين مري قبيلي جو نواب هو.
مشرف سميت سڀني آمرن نواب مري تي مختلف الزام لڳايا پر هن خاموشي سان جدوجهد جاري رکي
حيدرآباد: ڊڪٽيٽر پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ جتي نواب اڪبر خان بگٽي لاءِ خراب ٻولي استعمال ڪئي، اتي نواب خير بخش مري ۽ سردار عطاءُ الله مينگل لاءِ به هن سٺو نه ڳالهايو، ٻين آمرن وانگر هن به بلوچستان جي انهن ٽنهي سردارن خلاف ڪارروائي جون ڳالهيون ڪيون، نواب خير بخش مري تي دهشتگردي جا الزام لڳايا ويا، پر پوءِ به هن خاموشي سان جدوجهد جاري رکي.
نواب خير بخش رياست جي ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏنو، 2006ع ۾ کيس 60 سال سزا ملي
حيدرآباد: نواب خير بخش مري رياست طرفان داخل ڪيل ڪيترن ئي ڪيسن کي به منهن ڏنو، 2006ع ۾ ڪوئيٽا جي خاص عدالت کيس 60 سال قيد جي سزا ٻڌائي، دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت نواب خير بخش مري ۽ سندس ٻن پٽن نوابزاده هربيار مري ۽ نوابزاده بالاچ مري کي چئن ڪيسن ۾ اها سزا ٻڌائي. ان موقعي تي نواب خير بخش ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش نه ٿيا هئا. ان کانسواءِ مٿس ٻيا به ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ الزام لڳايا ويا.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: