عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن


اڪيلائيءَ اندر مُرڪون، ۽ پنهنجو پاڻ سان ڳالهيون
وڃائي سُکُ ڇڏيم پنهنجو، تڪي تارا ڪٽيان راتيون
لڳي ڪا لاتِ اهڙي، جا ڇڏي پيِڇونه، ڄڻ پاڇو
پڇان ٿو دل کان جو ڪارڻ، چوي ٿي دل الائي ڇو
الائي ڇو منهنجي نيڻن اڳيان خوابن قطارون هن
الائي ڇو هتي پن ڇڻ اندر، مون لئه بهارون هن
رفيقن ۽ عزيزن کان، وڌي ڇا لئه ويو ويڇو
پڇان ٿو دل کان جو ڪارڻ، چوي ٿي دل الائي ڇو
چوان ٿو دل، ته توکي سڀ خبر آهي حقيقت جي
مگر! تو ڄاڻ ناهي، خوشنما خوابن جي قيمت جي
لڳئي جي چوٽ اي دلڙي، معياري مان نه ٿيندس پو!
پُڇي درويش پيو ڪارڻ، چوين ٿي تون الائي ڇو
عمران درويش سومرو
.