سموري دنيا جون حڪومتون گهڻو ڪري پنهنجي عوام جي بهتري لاءِ مختلف پابنديون لڳائينديون رهنديون آهن... ۽ عوام کي انهن پابندين جو لازمي طور احترام ڪرڻو هوندو آهي پر مختلف ملڪن ۾ ڪجهه اهڙيون عجيب و غريب پابنديون به عائد ٿيل آهن جو خبر ٻڌي کل ئي نه بيهي.. جڏهن ته حڪومت وٽ پڻ اهڙين پابندين جي ڪا خاص وضاحت به نه هوندي آهي... مثال طور...
ايران ۾ مغربي طرز تي وار ڪٽائڻ تي حڪومت طرفان پابندي لڳل آهي.. جن ۾ مشهور هيئر اسٽائيلز ميوليٽ، پوني ٽيل ۽ اسپائڪس شامل آهن...
ڊينمارڪ ۾ هڪ وڏي طبقي ۾ وٽامنز کائڻ کي درست نه ٿو سمجهيو وڃي.. ان لاءِ بدقسمتي سان ڊينمارڪ ۾ ڪجهه مشهور فورٽيفائيڊ فوڊز جهڙوڪ اولٽين ۽ چانورن واري کاڌي کائڻ ۽ کپائڻ تي پابندي لڳل آهي..
ڊينمارڪ ۾ ئي پيدا ٿيندڙ ٻارن جا نالا حڪومت طرفان منظور ٿيل 24000 نالن مان رکي سگهجن ٿا.. جيڪڏهن والدين کي ڪو الڳ نالو جهڙوڪ ڪرڙ يا ڪانڊيرو رکڻو هجي ته انهن کي باقاعده اجازت وٺڻي پوندي...
ملائيشيا ۾ ڦڪو رنگ پائڻ تي پابندي لڳل آهي... سن 2011 ۾ ٽي شرٽ کان وٺي هينڊ بينڊ ۽ ٽوپي کان وٺي جوتن تائين پائڻ کي غير قانوني آهي.. ڇو ته هي رنگ خاص مخالف پارٽي سان تعلق رکي ٿو...
سنگاپور ۾ چيونگ گم کائڻ تي 1992 کان وٺي پابندي لڳل آهي.. ته جيئن پبلڪ لاءِ سير تفريح جي ماڳن کي صاف سٿرو رکي سگهجي...
بنگلاديش ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳل آهي.. پابندي جو اهو قانون 2002 کان وٺي نڪتل آهي.. جنهن کي ڏيکا ڏيکي فرانس ۽ ميڪسيڪو پڻ ان قانون جي پيروي ڪندي پنهنجي ملڪن ۾ اهڙي پابندي لڳائي ڇڏي آهي...
سعودي عرب ۾ عورتن جي گاڏي هلائڻ تي پابندي لڳل آهي.. هالانڪه اهڙو قانون ڪاٿي به لکت ۾ موجود نه آهي.. پوءِ به ان تي عمل ڪيو پيو وڃي.. عورتن کي ڊرائيونگ لائسينس جاري نه ڪيو ويندو آهي...
فرانس ۾ ڪيچپ استعمال ڪرڻ تي 2011 کان پابندي لڳل آهي.. پر جيڪڏهن فرنچ فرائيس کائي وڃي ته پابندي ناهي...
سويڊن ۾ ٻارن کي مار ڏيڻ تي پابندي لڳل آهي.. نه ئي استاد ۽ نه وري والدين ٻارن کي ڪنهن به قيمت تي مار ڏئي سگهن ٿا...
ڪيناڊا ۾ ٻارن کي واڪر ۾ ويهارڻ تي پابندي لڳل آهي.. حڪومت مطابق ٻارن کي پراڻي طريقي سان ئي واڌ ڪرڻ گهرجي...
سن 2000 کان وٺي چيني حڪومت ڪنسول گيمز کيڏڻ تي پابندي لڳائي رکي آهي... ته جيئن نوجوان پنهنجو قيمتي وقت ضايع نه ڪن پر 14 سالن کان پوءِ هن سال جنوري ۾ ان پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي...
سعودي عرب ۾ ويلنٽائين ڏڻ جي موقعي تي ڪوبه ڳاڙهي رنگ جي شيءَ نه ٿو کپائي سگهي ان باوجود لڪ ڇپ ۾ مهانگي اگهه تي کپايون پيون وڃن...
فيڊرل ڪاسترو جي دور ۾ صرف اعلى حڪومتي آفيسر ئي موبائيل استعمال ڪري سگهندا هئا.. باقي عوام کي موبائيل استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هئي...