مختلف ملڪن ۾ لڳل عجيب و غريب پابنديون...

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سموري دنيا جون حڪومتون گهڻو ڪري پنهنجي عوام جي بهتري لاءِ مختلف پابنديون لڳائينديون رهنديون آهن... ۽ عوام کي انهن پابندين جو لازمي طور احترام ڪرڻو هوندو آهي پر مختلف ملڪن ۾ ڪجهه اهڙيون عجيب و غريب پابنديون به عائد ٿيل آهن جو خبر ٻڌي کل ئي نه بيهي.. جڏهن ته حڪومت وٽ پڻ اهڙين پابندين جي ڪا خاص وضاحت به نه هوندي آهي... مثال طور...

    ايران ۾ مغربي طرز تي وار ڪٽائڻ تي حڪومت طرفان پابندي لڳل آهي.. جن ۾ مشهور هيئر اسٽائيلز ميوليٽ، پوني ٽيل ۽ اسپائڪس شامل آهن...

    [​IMG]

    ڊينمارڪ ۾ هڪ وڏي طبقي ۾ وٽامنز کائڻ کي درست نه ٿو سمجهيو وڃي.. ان لاءِ بدقسمتي سان ڊينمارڪ ۾ ڪجهه مشهور فورٽيفائيڊ فوڊز جهڙوڪ اولٽين ۽ چانورن واري کاڌي کائڻ ۽ کپائڻ تي پابندي لڳل آهي..

    [​IMG]

    ڊينمارڪ ۾ ئي پيدا ٿيندڙ ٻارن جا نالا حڪومت طرفان منظور ٿيل 24000 نالن مان رکي سگهجن ٿا.. جيڪڏهن والدين کي ڪو الڳ نالو جهڙوڪ ڪرڙ يا ڪانڊيرو رکڻو هجي ته انهن کي باقاعده اجازت وٺڻي پوندي...

    [​IMG]


    ملائيشيا ۾ ڦڪو رنگ پائڻ تي پابندي لڳل آهي... سن 2011 ۾ ٽي شرٽ کان وٺي هينڊ بينڊ ۽ ٽوپي کان وٺي جوتن تائين پائڻ کي غير قانوني آهي.. ڇو ته هي رنگ خاص مخالف پارٽي سان تعلق رکي ٿو...

    [​IMG]

    سنگاپور ۾ چيونگ گم کائڻ تي 1992 کان وٺي پابندي لڳل آهي.. ته جيئن پبلڪ لاءِ سير تفريح جي ماڳن کي صاف سٿرو رکي سگهجي...

    [​IMG]

    بنگلاديش ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهين استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳل آهي.. پابندي جو اهو قانون 2002 کان وٺي نڪتل آهي.. جنهن کي ڏيکا ڏيکي فرانس ۽ ميڪسيڪو پڻ ان قانون جي پيروي ڪندي پنهنجي ملڪن ۾ اهڙي پابندي لڳائي ڇڏي آهي...

    [​IMG]

    سعودي عرب ۾ عورتن جي گاڏي هلائڻ تي پابندي لڳل آهي.. هالانڪه اهڙو قانون ڪاٿي به لکت ۾ موجود نه آهي.. پوءِ به ان تي عمل ڪيو پيو وڃي.. عورتن کي ڊرائيونگ لائسينس جاري نه ڪيو ويندو آهي...

    [​IMG]


    فرانس ۾ ڪيچپ استعمال ڪرڻ تي 2011 کان پابندي لڳل آهي.. پر جيڪڏهن فرنچ فرائيس کائي وڃي ته پابندي ناهي...

    [​IMG]


    سويڊن ۾ ٻارن کي مار ڏيڻ تي پابندي لڳل آهي.. نه ئي استاد ۽ نه وري والدين ٻارن کي ڪنهن به قيمت تي مار ڏئي سگهن ٿا...

    [​IMG]


    ڪيناڊا ۾ ٻارن کي واڪر ۾ ويهارڻ تي پابندي لڳل آهي.. حڪومت مطابق ٻارن کي پراڻي طريقي سان ئي واڌ ڪرڻ گهرجي...

    [​IMG]

    سن 2000 کان وٺي چيني حڪومت ڪنسول گيمز کيڏڻ تي پابندي لڳائي رکي آهي... ته جيئن نوجوان پنهنجو قيمتي وقت ضايع نه ڪن پر 14 سالن کان پوءِ هن سال جنوري ۾ ان پابندي کي ختم ڪيو ويو آهي...

    [​IMG]


    سعودي عرب ۾ ويلنٽائين ڏڻ جي موقعي تي ڪوبه ڳاڙهي رنگ جي شيءَ نه ٿو کپائي سگهي ان باوجود لڪ ڇپ ۾ مهانگي اگهه تي کپايون پيون وڃن...

    [​IMG]

    فيڊرل ڪاسترو جي دور ۾ صرف اعلى حڪومتي آفيسر ئي موبائيل استعمال ڪري سگهندا هئا.. باقي عوام کي موبائيل استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هئي...

    [​IMG]
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڪجهه عرصو اڳ پاڪستان ۾ به پلاسٽڪ جي ٿيلهي جي استعمال تي پابندي لڳي هئي پر جيئن ته اسان وٽ قانون جي جيڪا حيثيت آهي اها سڀ کي سٺي خبر آهي. ٻيو ته ٺهيو ڇانوڻين ۾ سختي سان عمل به ڪرايو ويو پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار عجيب پابنديون لڳيون ..... ۽ مون لاءِ نيون به هيون

    پاڪستان ۾ وري يوٽيوب هلائڻ تي پابندي آهي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    واهه واهه تمام سُٺو.....پر دوستو اسان به دنيا جي انهن قومن کان گهٽ نه آهيون، هتي به عجيب عجيب پابنديون لڳل هونديون آهن...;)
    پر اهي پابنديون صرف غريبن لا آهن...
    قانون تي عملداري جي پابندي صرف غريبن تي فرض آهي. :)
    اسان وٽ پاڻي، گيس ۽ لائيٽ تي پابندي آهي.....:rolleyes:
    روزگار ، انصاف ۽ تعليم تي به پابندي آهي...:eek:
    جيتوڻيڪ لکت ۾ اهي پابنديون موجود نه آهن پو به انهن تي عمل ڪيو پيو وڃي...o_O
    افسوس ته اهو آهي جو اسان انهن پابندين جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهيون جو اهي پابنديون هاڻ پابنديون لڳن ئي ڪو نه...:(
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    واه ڪمال جون پابنديون آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو