توهان به ووٽ جو حق رکي پنهنجي رڪمنڊيشن موڪلي قومي ذميواريءَ جو فرض پورو ڪريو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏12 جون 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    اداري (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽ (نيوسعيدآباد) جي اتنظاميا جيوري ۽ فنڪارن جي ويلفيئر تنظيم (سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسو سيئشن (ساوا) جو مشترڪ جو فيصلو:
    مشاهدي ۾ آيو آهي ته سنڌ ۾ جيئن ته مختلف ايوارڊ ڊسٽريبيوشن تنظيمون پنهنجي پسند ۽ ناپسند تي ايوارڊ ورهائينديون رهنديون آهن خاص طور انهن شخصيتن کي يا اداري جي ملازمن يا حصيدارن کي پسند ۽ ناپسند يا چاپلوسي ڪردار ڪري کين رپيٽ ايوارڊ سان نوازيو ويندو آهي جن جي اُن سال ۾ ڪا به ڪارگردگي منظر تي نه هوندي آهي ته اسان انصاف کي مدنظر رکندي فيصلو ڪيو ته بغير ڪنهن امتياز جي هر شعبي ۽ اداري کي ميرٽ ايوارڊ 2014 ڏنو وڃي ۽ خاص طور اُنهن کي جن جي سال 2014 يا 2013 جي آخر ۾ ڪا ڪارگردگي منظر عام تي آيل هُجي.

    جيئن ته هيل تائين جيڪي (ٿرڊ امداشاه راشديءَ جي ياد ۾) رينڊملي ميرٽ ايوارڊ 2014 ڏنا پيا وڃن اُهي جيوريءَ جي فيصلي موجب ڏنا ويا آهن ۽ ڏنا ويندا (الاهي شعبن جا اڃا پينڊنگ ۾ به آهن). ممڪن آهي ته انساني غفلت ڪري ڪا ميرٽ يا شعبو نظر انداز ٿي ويو هُجي ته سئو سيڪڙو ميرٽ ايوارڊ ڊسٽري بيوشن کي مد نظر رکندي مٿئين ٻنهين تنظيمن جي جيوريءَ عام پبلڪ ۽ سوشل ميڊيا فالوئرس کي به راءِ ڏيڻ ۽ رڪمنڊيشن مد نظر رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ انهن کي به هن ايوارڊ جي نامينيشن جو حق ڏنو آهي. ته هاڻ توهان به جي سمجهو ته ته سال 2013 ۽ 2014 جا ڪارگردگي حوالا ڏئي پنهنجي نامينيشن سنڌ جي ڪنهن به شعبي لاءِ موڪليو ته اڀياس ڪري کين به ايواڊ ۾ سامل ڪجي ۽ ڪنهنجي سنڌ خدمت ڪرڻ جي حق تلافي نه ٿئي. (اها توهانجي قومي ذميواري ۽ فرض به آهي حق ۽ سچائيءَ جو آواز بُلند ڪرڻ ته سنڌ سڳوري ايجيوڪيٽ ٿي سگهي. سنڌ سلامت ته اسان سلامت.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو