• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خير بخش مري ڪونه سڏاوي.....

منصور سرور

سينيئر رڪن
نثار کوکر جي وال تان کنيل

سنڌ ۾ اصل سرڪار جي ٽيڪ تي ڀاڙين ڀوتارن جي ٻيگهي اهڙي متل آهي جو جن ذاتين ۾ سردار جي رسم نه هئي انهن به پنهنجا قبيلائي سردار مقرر ڪرايا آهن.....انهن کي پنهنجي برادري جون عورتون ڪاريون ڪري مارڻ کان وٺي علائقي ۾ اغوا چوري کان وٺي پوليس وارن تي به ڏنڊ وجهڻ جي اجازت آهي پر کين اها اجازت هرگز ناهي ته هو پنهنجي سنڌ جي حقن جي ڳالھ ائين ڪن جيئن هي بلوچ سردار ڪن ٿا.

هي خير بخش مري آهي جنهن جواني ۾ پنهنجي اباڻي بندوق صاف ڪري کنئي ء جبلن تي جو چڙهيو ته وري نه ان راھ تان موٽيو.پنهنجي اولاد بالاچ جي صورت ۾ مارائي ويٺو پر ڪوهلو ۾ تيل گيس جا ذخيرا ڌارين کي کوٽڻ جي اجازت اڃانه نه ڏني اٿائين......ڪو سنڌي سردار هن جي ڪردار مثل هجي ته ان جو نالو ضرور کڻجو..مان به کيس ڏسي اچان....
10376718_799258366771396_2080640892342712548_n.jpg
 
نواب خير بخش مري ڪيتري وقت کان علالت ۾ هو، جنهن کان پوءِ کيس ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، اتي سندس روح پرواز ٿي ويو. جمعي جي ڏينهن نواب خير بخش مري کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ۽ پوءِ کيس ٺيڪ ڄاڻائي جنرل وارڊ ۾ نيو ويو، پر زندگيءَ سندس ساٿ نه ڏنو، زندگي ساٿ ڏيئي وڃي ها جيڪڏهن حڪومت نواب خير بخش مريءَ جو ساٿ ڏئي ها. چيو پيو وڃي ته نواب خير بخش مري جو علاج پرڏيهه ممڪن هو، پر کيس پرڏيهه علاج ڪرائڻ خاطر اجازت نه ملي. ان سلسلي ۾ پنهنجي پريس رليز بيان ۾ سندس پٽ حربيار مري چيو آهي ته جمعي جي ڏينهن نواب مريءَ کي اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو هو پر سومر جي ڏينهن اهو چئي کيس نارمل وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو ته نواب جي طبيعت هاڻي بهتر آهي، پر ڪالهه اربع جي ڏينهن اچانڪ اسان کي سندس وفات جي خبر ملي. اهوئي سبب آهي جو سندس وارثن نواب خير بخش مري جي موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ عالمي ٽيم تشڪيل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. حربيار ان سلسلي ۾ چيو آهي ته نواب مريءَ جي تدفين کان اڳ ان جي موت جا سبب معلوم ڪيا وڃن، نواب خير بخش مريءَ جي موت سان بلوچستان جي سياست ۾ خال پيو آهي ۽ خاص ڪري اهي نوجوان هاڻي پاڻ کي بغير ڇانوَ جي محسوس ڪندا، ڇو ته نوجوان طبقو نواب خير بخش مريءَ کان اتساهه وٺندو رهيو آهي، هن جي سياست جو مهور پورهيت ۽ هاري طبقو رهيو، جن کي حق وٺي ڏيڻ جي لاءِ هن مارڪسزم جو گهرو مطالعو ڪيو ۽ سوشلسٽ بڻجي جدوجهد شروع ڪري ڏني. هو هڪ دفعو 70 جي ڏهاڪي ۾ چونڊن ۾ بيٺو ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو، پر پوءِ هن قومي اسيمبلي جي سيٽ تان هٿ کڻي ڇڏيو. چونڊن کان پوءِ قومي اسيمبلي جي سيٽ تان دستبردار ٿيڻ بعد حڪومت برطرف ٿي وئي ۽ نعيپ تي پابندي لڳي وئي ۽ نواب مري سميت نعيپ جي سموري قيادت کي گرفتار ڪيو ويو، حڪومت خلاف سازش جي ڪيس ۾ آزادي ماڻڻ کان پوءِ نواب خير بخش مري مزاحمتي تحريڪ جو اعلان ڪيو ۽ پنهنجي قبيلي سميت افغانستان هليو ويو ۽ جڏهن افغانستان تي انتهاپسندن جو راڄ قائم ٿيو ته نواب خير بخش وري واپس موٽي آيو ۽ پوءِ اتي ئي رهجي ويو ۽ هميشه رياستي ڪارندن جي عتاب جو شڪار رهيو، جهڙو واقعو نواب خير بخش مريءَ سان پيش آيو آهي اهڙو واقعو ان کان اڳ سنڌ جي عظيم بزرگ اڳواڻ سائين جي ايم سيد سان به ٿي گذريو آهي، سائين جي ايم سيد به ان وقت تمام گهڻي علالت ۾ هو ۽ ڪراچي جي اسپتال ۾ داخل هو، سندس وارثن ۽ چاهيندڙن جو خيال هو ته حڪومت سائين جي ايم سيد کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت ڏئي پر ان کي پرڏيهه علاج ڪرائڻ لاءِ اجازت نه ڏني وئي. هاڻي وري اهڙو ساڳيو سلوڪ نواب خير بخش مري سان به ڪيو ويو، جنهن لاءِ سندس وارثن جو چوڻ آهي ته هنن پرڏيهه جي ڊاڪٽرن سان مشورو ڪيو ۽ انهن کان سندس ڪيل ٽيسٽن جو معائنو ڪرايو ويو ته ڊاڪٽرن نواب خير بخش مري کي کڻي اچڻ جو چيو پر حڪومت نواب کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ڏني. جيڪڏهن هن کي اجازت ڏني وڃي ها ته ڪهڙي خبر هو بچي به پوي ها، پر حڪومت نواب خير بخش مري کي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جي اجازت نه ڏئي دراصل انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي مرتڪب ٿي آهي. اها ڳالهه به واضع آهي ته حڪومت سڳوري کي نواب خير بخش مري جي ارادن مان تمام گهڻو خطرو لڳي رهيو هو، چيو وڃي ٿو ته حڪومتي نوڪر نواب خير بخش مري جي آواز کان به ڊڄندا هئا. ها اهو وڇو شايد بلوچستان جي عوام لا هڪ وڏو وڇورو آهي، عوام شايد هاڻ پاڻ ڪي غير محفوظ ۽ اڪيلو سمجهي رهيو آهي....................
 
Back
Top