• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چند ٽڪن جي لالچ تي لوڀ ڏياريندڙ ۽ سنڌي قوم کي اپاهج ڪندڙ وري ميدان تي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
10394053_822834577729483_1798869558213677869_n.jpg

محترمه شرميلا فاروقي صاحبه، صوبائي وزير، ثقافت کاتو
محترم منظور ڪناسرو صاحب، ڊي جي ثقافت کاتو

اسلام عليڪم !
مون کي ڪجھ ڏينهن اڳ دل جي دوري جي تڪليف ٿي هئي جنهن جي علاج جي لاءِ اوهان ٻين اديبن ۽ فنڪارن سان گڏ منهنجي لاءِ پڻ ڏيڍ لک رپين جي منظور ڪيا، جنهن لاءِ مان اوهان جو شڪرگذار آهيان. پر ٻئي ڏينهن اوهان جي ان اعلان سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار ۾ انتهائي دل ڏکائيندڙ انداز ۾ رپورٽ ٿي، جنهن کي پڙهي منهنجي نه رڳو دل آزاري ٿي بلڪه منهنجي بيماريءَ ۾ به اضافو ٿيو آهي. ان کان پوءِ اهڙين خبرن جي ترتيبوار سلسلي مون کي سخت ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪيو آهي، اهڙي اذيت ته مون اسپتال جي ڏينهن ۽ راتين ۾ بيماريءَ ۾ به نه ملي هئي.
ان کان پوءِ اسان جي سنڌي ادبي سنگت جي ڪجھ دوستن جو مشتاق ڦل جي اڳواڻيءَ ۾ ثقافت کاتي جي انهيءَ فيصلي خلاف مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ بيمار اديبن ۽ فنڪارن تي الزام لڳايوته هنن ثقافت کاتي کي رشوت ڏئي پئسا منظور ڪرايا آهن. انهن دوستن کي ڪجھ باروزگار نالن تي اعتراض آهي جنهن ۾ مان به شامل آهيان، ( پر کين لک روپيا پگهار کڻندڙ 19 گريڊ جي سرڪاري ملازم مهرالنساء لاڙڪ تي اعتراض ناهي، سبب انهن کي ئي معلوم هوندو).
محترم سائين / سانئڻ ! رشوت ڏيڻ جا گندا الزام اهڙا منهنجي سهپ ۽ ظرف کان ٻاهر آهن. ڇو ته مان هڪ شاعر آهيان ۽ اديب شاعر سماج جو حساس فرد ٿئي ٿو جيڪو قوم ۽ ڌرتيءَ جا درد سهيڙي ٿو. مون کي ڊاڪٽر ذهني دٻاءَ کان پري رهڻ جي هدايتون ڏنيون آهن ۽ ههڙي قسم جون خبرون مون لاءِ سخت ذهني دٻاءَ جو سبب آهن. مان هڪ انتهائي حساس دل ۽ نرم طبيعت رکندڙ انسان آهيان، جنهن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو دوستن جي مشوري سان، مجبوريءَ جي حالت ۾ ثقافت کاتي ڏانهن ڏسڻو پيو. پر پنهنجن ئي ادبي ۽ صحافي دوستن جا رَويا منهنجي لاءِ دل آزاريءَ جو سبب بڻيا آهن جيڪي مون لاءِ ناقابلِ برداشت آهن، هر ٽئين چوٿين ڏينهن اخباري سُرخين مان پنهنجو نالو پڙهي نه صرف منهنجي عارضي ۾ به اضافو ٿئي ٿو پر عزتِ نفس پڻ مجروح ٿئي ٿي.
مان اوهان جو ۽ اوهان جي ڪميٽي ميمبرن: فهميده حسين صاحبه نصير مرزا صاحب, حميد سنڌي صاحب ۽ سرفراز راڄڙ صاحب جو شڪريو مڃيندي اوهان پاران منهنجي لاءِ منظور ڪيل رقم کي منسوخ ڪرڻ جي گذارش ڪيان ٿو ۽ اهو عرض ڪيان ٿو ته اها رقم سنڌي ادبي سنگت ۽ “ٿقافت کاتي سار نه لڌي” جي شڪايت ڪندڙ انهي ءَ اخبار جي مشوري سان ڪنهن وڌيڪ مستحق بيمار اديب کي ڏني وڃي. ڇو ته ڪنهن به خوددار انسان ۽ نفيس شاعر جي عزت نفس، ضمير ۽ ظرف جي قيمت ڪيتري به هجي پر ڏيڍ لک روپين کان مٿي آهي.
آخر ۾ هڪ ننڍڙي درخواست ته منهنجي هن گذارش کي ريڪارڊ تي رکيو وڃي ۽ احتجاج ڪندڙ ڌُرين تا.ئين پهچايو وڃي ته جيئن منهنجو نالو انهن احتجاجن ۽ اخباري خبرن ۾ نه کنيو وڃي.
تيــر کاڪي ديــکا جو ڪميــن گاه ڪي طـرف ،
اپــنــي هـي دوســتــون ســي ملاقـات هــوگـئــي !
اوهان جي مهرباني

زبــيــر ســومــرو
شڪارپور
03332680895
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
پنهنجي وڍئيءَ جو نه حبيب نه طبيب! متان پوءِ واڪا ڪندا وتو ته سنڌي قوم تي ظلم ٿي ويو جڏنهن ته ان جو ڪارڻ توهان پاڻ ۽ صرف توهان هوندا! ۽ سنڌ جي تواريخ توهانکي، سنڌي قوم کي اپاهج ۽ موالي ڪري رکڻ تي ڪڏنهن به معاف ڪانه ڪندي! جي مُسلمان آهيو ته يقين ڪريو ته مڪافات عمل آهي، غلط عملن جي دُنيا ۽ آخرت ۾ سزا ملڻي آهي. ممڪن آهي توهان کي نه ملي پر توهانج ڪو پيارو مصيبت ۾ يا ڪنهن ناسور بيمارين ۾ جڪڙيل آهي سوچيو ڇو ۽ اهو ڇا آهي (مڪافات عمل) متان اوهانجي زيادتي، ظلم! يا ڪا اها ڪوڙي ڦٻايل رقم توهانجي ئي ڪنهن پياري کي گهيري ۾ نه وٺي وڃي جيتي توهان اٺوڻون خرچ ڪري ويهندئو (کير جو کير ۽ پاڻيءَ جو پاڻي) ۽ ذهني ڪوفت ۽ تڪليف جُدا. ته الله جي قهر کان ڊڄو ! ظلم ۽ ستائڻ ۽ تنگ ڪرڻ جي راه ڇڏيو! الله ڏي موٽو ته سنڌ تان عذاب واپس وري! حديث ۾ آهي ته قوم تي عذاب سندن عمل ڪري ايندو آهي. سنڌ وري باب الاسلام ڪريو! رب ڏي موٽو! ڪنهنجو ٻارڻ به بڻو!

او وڏيرن ۽ راشي ڪامورن ۽ ڀوتارن جا پاٿاريدارئو! ذاتي نوڪرئو! منشيو، بورچيو! ٽريڪٽرن جا ڊرائيورو! وڏيرن جي نشي پتي ۽ ٺري ۽ فحاشت جا بندوبست ڪندڙ ضمير فروشئو! وڏيري جي چوڻ تي پنهنجي غريبن سان ظلم بند ڪريو! ڇو جو توهان ئي اُهي اصلي ظالم آهيو ۽ ان ڪري جو وڏيريرڪي چال تحت ظلم به توهانجي ئي هٿ سان ڪرايو وڃي ٿو! الله جي واسطي هاڻ پنهنجي غريب سنڌي قوم تي رحم ڪريو! پنهنجي 95 سيڪڙو غربت ۽ جهالت ۾ غرق سنڌي قوم تي رحم ڪريو! ۽ وڏيرن جوٻارڻ نه بڻو!

ايم.اين.اي، ايم. پي. اي، منسٽر ، اپوزيشن جا ميمبر، اتحادي ميمبر! ڪنهن وڏيري، راشي ڪاموري جا پُٽ، ڌيءَ، يا خاندان وارئو! بغير ميرٽ، سفارش ۽ رُشوتن تي نوڪريون حاصل ڪرڻ وارئو! توهان ڏي ته ڏوڪڙن سميعت سڀ ڪُجهه آهي، نوڪريءَ جي ڪهڙي ضرورت آهي. نوڪر ته غريب ماڻهون ٿيندو آهي توهانکي ته ڪاپي ڪلچر ۽ سفارش تحت ڊگريون ڪوڙيون يا سفارش تي مليل آهن ۽ توهان ادارن ۾ به ڪم ڪرڻ بجاءِ اوطاقون ٺاهي ۽ سمورو ڏينهن هڪ ٻئي جي آفيسن ۾ وڃي ڪچهريون ڪندا وتو ۽ ضرورت مند توهان جي دفترن جي دروازن تي ڏهاڙا لڳائي واپس ڳوٺ هليا ٿا وڃن. توهان وٽ ته رسائي به ٺيڪيداران ۽ پاٿاريدارن جي معرفت ٿئي ٿي، ڇو جو ڪوڙيون يا ڪاپي ڪلچر تحت ڊگرين هُئڻ باوجود توهان ۾ نالي ماتر به اسڪل ۽ صلاحيت ڪانهين، ۽ نئي توهان سکڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۽ صلاحيت حاصل ڪرڻ چاهيو پيا بس توهان کي ته دفترن ۾ حاڪم بڻجڻ لاِ نوڪري گهربي هُئي سا سفارش سان ملي ۽ سماج ۾ ٻٽاڪوي آفيسر ٿيڻو هو ۽ دفترن ۾ واندا ويهي هر وقت اوطاقون لڳائي چانهن پارٽي تي وڏيرڪي پيا ڪريو! خدارا استعيفائون ڏئي ٻاهر نڪري اچو توهان سنڌي قوم تي اجايو بوجهه آهيو! جو اوهان جي حرڪتن کي ڏسي ٻيون قومون سنڌيءَ جي قابليت تي هٿ پيون کڻن ۽ کين جاهل پيون سمجهن. هاڻ جان ڇڏيو! پنهنجي علائقي مان ئي ڪنهن غريب مئرٽ ڀاءُ کي اڳيان آڻيو ته سنڌ سماج ترقي ڪري، سنڌ خوشحال بڻجي، ڇو ٿا سندن راهن ۾ ڪنڊا وڇايو!

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀُٽو جون جدوجهدي ڪوششون، خدمتون ۽ شهادتون ۽ قربانيون بشمول اسانجون، جانثارن ۽ ڀُٽو ازم وارن جون جدوجهدون، چرسين، موالين، نشاين يا ڀوتارن جي خاندان ، مٽن مائٽن ، اولادن لاءِ نه پر غربت ماريل مُفلس ۽ ميرٽ سنڌيءَ لاءِ هُيون ۽ قابض اهي ٿي ويا آهن. پوءِ ڍايا وڏيرا ٿي اڳي جي وڏيرن جي بيعزتي نه ڪريو جيڪي غريب بيواهن، واڻين، ميمڻن ۽ شيخن جي ملڪيتن تي ڌاڙيلگيريءَ جي مدد سان امير ته نه هُئا پر انصاف پسند، حق سچ ڪندڙ انهي نالي کي بدنام نه ڪريو. اڳ جو وڏيرو نه ڌاڙيل هو نه ڌاڙيلن جو پاٿاريدار.ڪاش جي سرڪار ڪنهن موالي يا پوءِ ڍائي وڏيري ۽ ان جي ماڻهونءَ(پاٿرايدار)کي ڌڙا ڌڙ نوڪريون ڏيڻ بجاءِ ميرٽ سنڌيءَ کي ۽ حقيقي ڊوميسائل رکڻ واري کي پروفيشنل ۽ ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ داخلائن ۽ صوبائي توڙي وفاقي، توڙي پرائيويٽ ادارن ۾، توڙي ميڊيا چئنلن تي نوڪريون ڏئي اڳيان آڻجي ها ته به قوم کي اڳيان وڌڻ جو رستو ملي ها!

لله هاڻ به وقت ناهي ويو! قوم کي اپاهج ۽ موالي ٿيڻ کان بچايو! کين موالي ۽ نشائي ڪرڻ وارن ڌرين کان بچايو! اوتارن، اوطاقن، ولين، بُزرگن، درويشن جي مزارن تي نشائين ۽ موالين جي آفيسن نما بيٺڪن ۽ اتان ئين کين ڪوڙن نوڪرين جي آرڊرن يا آسرن کان بچايو! ، سنڌي قوم کي ڪرمنل، ڪم چور! ٿيڻ کان بچايو! ڇا توهان کي حيرت نه پئي ٿئي ته پروفيشنل يونيورسٽين مان ماس ڪميونيڪيشن، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ڪندڙن کي به هن نظام موالي ۽ چرسي نشائي بڻائي ڇڏيو آهي (نالا کڻندي به شرم ٿو اچيم) ۽ اهي ادارن جا موالي هيڊ(وڏا) وري اڳيان به موالين جي ئي پروموشن پيا ڪن ته سنڌي قوم جو فيوچر ڇا وڃي بچندو! احساس ڪريو! اڀياس ڪريو! چوڌاري نظر ڪريو! پاڻ بچو! پنهنجي اولاد ۽ نسلن کي موالين جي اثر کان آزاد ڪرايو جيڪي پنهنجي خواهشين جي تڪميل لاءِ اهي رستا پيا اختيار ڪن! ۽ انهن کي مستقبل ۾ ٻارڻ بڻايو ويندو! ته ڪوڙيون بيمارون ڏيکاري گهٽ ۾ گهٽ نالي وارن سينيئر فنڪارن کي ثقافتي کاتي طرفان اجايا پئسا ڦٻائڻ وارين لالچن کان بچايو.

اسانجي مُشاهدي ۾ به آهي ۽ ثبوت به آهن ته ثقافت کاتي جي ڪن اثر رسوخ ،لازمن جي مدد ۽ ڪميشن طع ٿيڻ سان ڪي سينيئر فنڪار چينلن تي ۽ اخبارن ۾ پنهنجي صحافي دوستن جي مدد سان من گهڙت بيماريءَ جون خبرون هلارائي ( پوءِ بلي اها بيماري ٻلي ءَ جي زڪام جيان هُجي) ثقافت کاتي کان پئسا ڌڙا ڌڙ منظور ڪرائي رهيا آهن. جن جي ڪري اها لالچ ۽ رغبت ٻين فنڪارن ۾ به اچي پئي ۽ الاهي اهڙا سينيئر ۽ نالي وارا فنڪار آهن جيڪي اسانکي به عرض پيا ڪن ته اسان اهڙيون ڪوڙيون خبرون سوشل ميڊيا تي به هلايون ته جيئن ثقافت کاتو اُنهن ڏي به نظر رکي. اهي ثقافتي کاتي کان ڪوڙيون بيماريون ڏيکاري مُفت جي رقم ڦٻائيندڙ فنڪار هاڻ بلڪل صحتمندانه زندگي پيا گُذارين، ايستائين بيمار هُئا جيسين کين ڪنهن تنظيم يا گُروپ جي مدد سان رقم نه پئي ملي ۽ الاهي حقيقي بيمار الله کي پيارا ٿي ويا پر سندن ڪنهن به ضرورت ۽ وقت تي مدد نه ڪئي.

اها سراسر حقيقي ۽ بيمار فنڪارن سان زيادتي ۽ ثقافت کاتي ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي انهن رهزنن ۽ بليڪ ميلرن جي ٻيائي هوندي جن کي سوشل ميڊيا ڪُرڙي نگاهن سان پيو ڏسي. ۽ ضرور نروار ڪندو. ثقافت کاتي کي عرض ٿو ڪجي ته پنهنجي اهڙن ايجنٽن تي نظر رکن ۽ سرڪاري پئسا مستحق فنڪارن بجاءِ ائين نه ورهائيندا وتن. جي ثقافتي کاتو مدد ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڻ اسپتالن ۾ وڃي اُنهن حقيقي بيمارن جو جائزو وٺي مدد ڪري. ۽ اهڙن ويساگهاتين سان حاصل ٿيندڙ رقم ۽ جن جي اپروول سان ڪوڙيون بيماريون ڏيکاري حاصل ڪيو ويون آهن اُنهن جو احتصاب ڪري. ڇو جو اڄ ڪلهه سنڌ ۾ اهڙن وڏيرن جي سرپرستيءَ ۾ پاٿاريدارن اهو رواج عام و جام ڪري ڇڏيو آهي جو ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ايجنٽن وسيلي ڪوڙا نوڪرين جا ڪاغذ (آرڊر) ۽ آسرا ڏئي لکين رُپييا ڪمائي غريب ۽ بيوس سنڌين کي ويتر مُفلس لاچار ۽ بيوقوف بڻائي رهيا آهن! شرم به نٿو اچين ڪنهنکي پنهنجي ئي غريب سنڌي ڀاءُ کي! جن کي ڳولي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي ۽ سنڌي قوم کي اپاهج ڪندڙ اهڙن شخصتين جو احتصاب هُئڻ گهرجي.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top