Sindhi Media
سينيئر رڪن

محترمه شرميلا فاروقي صاحبه، صوبائي وزير، ثقافت کاتو
محترم منظور ڪناسرو صاحب، ڊي جي ثقافت کاتو
اسلام عليڪم !
مون کي ڪجھ ڏينهن اڳ دل جي دوري جي تڪليف ٿي هئي جنهن جي علاج جي لاءِ اوهان ٻين اديبن ۽ فنڪارن سان گڏ منهنجي لاءِ پڻ ڏيڍ لک رپين جي منظور ڪيا، جنهن لاءِ مان اوهان جو شڪرگذار آهيان. پر ٻئي ڏينهن اوهان جي ان اعلان سنڌ جي وڏي ۾ وڏي اخبار ۾ انتهائي دل ڏکائيندڙ انداز ۾ رپورٽ ٿي، جنهن کي پڙهي منهنجي نه رڳو دل آزاري ٿي بلڪه منهنجي بيماريءَ ۾ به اضافو ٿيو آهي. ان کان پوءِ اهڙين خبرن جي ترتيبوار سلسلي مون کي سخت ذهني اذيت ۾ مبتلا ڪيو آهي، اهڙي اذيت ته مون اسپتال جي ڏينهن ۽ راتين ۾ بيماريءَ ۾ به نه ملي هئي.
ان کان پوءِ اسان جي سنڌي ادبي سنگت جي ڪجھ دوستن جو مشتاق ڦل جي اڳواڻيءَ ۾ ثقافت کاتي جي انهيءَ فيصلي خلاف مظاهرن جو سلسلو شروع ٿيو جنهن ۾ بيمار اديبن ۽ فنڪارن تي الزام لڳايوته هنن ثقافت کاتي کي رشوت ڏئي پئسا منظور ڪرايا آهن. انهن دوستن کي ڪجھ باروزگار نالن تي اعتراض آهي جنهن ۾ مان به شامل آهيان، ( پر کين لک روپيا پگهار کڻندڙ 19 گريڊ جي سرڪاري ملازم مهرالنساء لاڙڪ تي اعتراض ناهي، سبب انهن کي ئي معلوم هوندو).
محترم سائين / سانئڻ ! رشوت ڏيڻ جا گندا الزام اهڙا منهنجي سهپ ۽ ظرف کان ٻاهر آهن. ڇو ته مان هڪ شاعر آهيان ۽ اديب شاعر سماج جو حساس فرد ٿئي ٿو جيڪو قوم ۽ ڌرتيءَ جا درد سهيڙي ٿو. مون کي ڊاڪٽر ذهني دٻاءَ کان پري رهڻ جي هدايتون ڏنيون آهن ۽ ههڙي قسم جون خبرون مون لاءِ سخت ذهني دٻاءَ جو سبب آهن. مان هڪ انتهائي حساس دل ۽ نرم طبيعت رکندڙ انسان آهيان، جنهن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو دوستن جي مشوري سان، مجبوريءَ جي حالت ۾ ثقافت کاتي ڏانهن ڏسڻو پيو. پر پنهنجن ئي ادبي ۽ صحافي دوستن جا رَويا منهنجي لاءِ دل آزاريءَ جو سبب بڻيا آهن جيڪي مون لاءِ ناقابلِ برداشت آهن، هر ٽئين چوٿين ڏينهن اخباري سُرخين مان پنهنجو نالو پڙهي نه صرف منهنجي عارضي ۾ به اضافو ٿئي ٿو پر عزتِ نفس پڻ مجروح ٿئي ٿي.
مان اوهان جو ۽ اوهان جي ڪميٽي ميمبرن: فهميده حسين صاحبه نصير مرزا صاحب, حميد سنڌي صاحب ۽ سرفراز راڄڙ صاحب جو شڪريو مڃيندي اوهان پاران منهنجي لاءِ منظور ڪيل رقم کي منسوخ ڪرڻ جي گذارش ڪيان ٿو ۽ اهو عرض ڪيان ٿو ته اها رقم سنڌي ادبي سنگت ۽ “ٿقافت کاتي سار نه لڌي” جي شڪايت ڪندڙ انهي ءَ اخبار جي مشوري سان ڪنهن وڌيڪ مستحق بيمار اديب کي ڏني وڃي. ڇو ته ڪنهن به خوددار انسان ۽ نفيس شاعر جي عزت نفس، ضمير ۽ ظرف جي قيمت ڪيتري به هجي پر ڏيڍ لک روپين کان مٿي آهي.
آخر ۾ هڪ ننڍڙي درخواست ته منهنجي هن گذارش کي ريڪارڊ تي رکيو وڃي ۽ احتجاج ڪندڙ ڌُرين تا.ئين پهچايو وڃي ته جيئن منهنجو نالو انهن احتجاجن ۽ اخباري خبرن ۾ نه کنيو وڃي.
تيــر کاڪي ديــکا جو ڪميــن گاه ڪي طـرف ،
اپــنــي هـي دوســتــون ســي ملاقـات هــوگـئــي !
اوهان جي مهرباني
زبــيــر ســومــرو
شڪارپور
03332680895
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: