منصور سرور
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم!
نور گھلو
ڪيف هالڪ يا حبيبي، هذا گرمي شديدي، والپگهر جديدي، انت بجلي غائبي، والشديد الامصائبي، ڪل شيطاني في الواپڊا، هذا گرمي تمام في النار جهنم، لاسڪون، لا آرام، والانسان ما پريشاني، والصورت شيطاني، هذا کڙين مان نڪتو آپاڻي ڪجهه سمجهه ۾ آيو!؟ جيڪڏهن سمجهه ۾ نه آيو ته پوءِ اوهان تي ڪا ميار ناهي، ميار ته اسان تي به ڪانهي جو اسان کي به سمجهه ۾ نه آيو آهي، اصل شديد گرميءَ جي اثر ڪري نه رڳو اسان، پر يار اوهان به ائين حواس باخته ٿي ويا آهيو، جيئن ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگرد حملي کانپوءِ سيڪيورٽي ايجنسيون، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون حواس باخته ٿي هڪ ٻئي ڏانهن گليلن جو وسڪارو لائي ڏنو آهي. نثار علي خان صاحب کي ته تمام وڏي ٽيڪ آهي، پر سائين قائم علي شاھ جي مٿان ته آصف علي زرداري کانسواءِ ڪابه ڇپر ڇانو ناهي جو گليلن جو ڌڪ سهي سگهي. سائين سڳوري کي مشورو آهي ته حڪومت ۽سياست ۾ رهڻو آهي ته پوءِ هيلميٽ Helmet جو استعمال ضرور ڪري، خير، اهو هنن جو ذاتي معاملو آهي، اسان ته واپڊا وارن جي مهربانين تي ڪجهه لکڻ ٿا چاهيون واپڊا جي حوالي سان سوشل ميڊيا کانسواءِ اسان جي موبائيل جي ان باڪس Inbox ۾ ايترا ته ناقابل اشاعت sms آيل آهن جن کي شايع ڪري، اسان پنهنجي اخلاق سان گڏ اوهانجو اخلاق به تباھ ڪرڻ نه ٿا چاهيون، (جيڪڏهن گرمي ۾ ڪجهه بچيو آهي ته) معاملي ۾ واپڊا ايئن گُسي ويو آهي، جيئن عرب سڳوار صحراءِ ٿر ۽ صحراءِ چولستان جي شڪار گاهن ۾ گسي ويندا آهن يا هاڻي ڪمانڊو پرويز مشرف اسپتالن ۾ گئس گسان لڳايو ويو آهي. پرويز سائين، اڄ ان وقت کان جڏهن سچ پچ اسپتالون تو ۾ گسي ويون ته نه رڳو لوٽي کان منگهه ڳورو ٿي ويندو، پر ثقافت کاتي جي ۽ ڊفينس جي سٺي بجيٽ به توکي ڪانه بچائي سگهندي. سوري دوستو! اسان ته واپڊا وارن سان محبت جو اظهار ڪري رهيا آهيون، پر هي وچ وارا ماڻهو اسانجي ۽ واپڊاق جي محبت جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائي ڊسٽرب ٿا ڪن. خير.
واپڊا وارن کي شايد اُها بشارت مليل آهي ته، سڄو پاڪستان ملڪ دشمن، نااهل سياست دانن جي اعمالن سبب دوزخ ۾ ويندو، تنهنڪري ،قبر جي گرمي، قبر جي اوندھ ۽ دوزخ جي باھ کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ تياري ضروري آهي، جيڪا لوڊشيڊنگ ذريعي عوام کي پرئڪٽس ڪرائڻ جي مشق سان ڪئي وڃي ٿي ته جڏهن انسان قبر ۾ وڃي ته ”سرخرو“ ٿي وڃي. ان معاملي ۾ تحريڪ انصاف، علامه طاهر القادري، ايم ڪيو ايم ۽ ڪجهه ايڪڙ ٻيڪڙ جماعتون هن شديد گرميءَ ۾ ڌرڻا هڻائي، ڪارڪن کي وقت کان اڳ قبر ڏانهن روانو ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا آهن، يه جينا ڀي ڪيا جينا هي !؟ ان حوالي سان واپڊا وارن هڪ نه، ڪيئي اسپيشل خوف-خدا سروس شروع ڪئي آهي
مت ڪر پيار روشني سي، يه پل ڀرڪي مهمان هي،
دل لگا اس انڌيري سي، جو قبر تڪ مهربان هي.
اهڙي طرح ڪسٽمر جي سهوليت ۽ عاقبت سنوارڻ لاءِ 5 ،5 ڪلاڪ نالي پئڪيج به متعارف ڪرايو آهي، يعني 5 منٽ بجلي استعمال ڪيو ۽ 5 ڪلاڪن تائين بجلي جي شاندار بچت حاصل ڪريو، اها Free ان سان گڏ ٻيا به اسلام ڏانهن مائل ٿيڻ جا بي شمار فائدا حاصل ڪيو. مثال طور،1- موبائل چارج نه هئڻ سان بئلينس جي بچت، ۽ گهٽ گفتگو، 2،- ٽي وي نه ڏسڻ سان گناهن جي بچت، 3- بجلي وڃڻ تي صبر ڪرڻ جي توفيق، 4- بجلي اچڻ تي الله جو شڪر ادا ڪرڻ جي عادت يعني جنت ۾ وڃڻ جا بي شمار فائدا.
جيڪڏهن اقبال، غالب، وغيره هن دور ۾ هجن ها ته هننجي حالت به اهڙي هجي ها ته هن گرمي ۾ عشق، وفا، واعدا، ڪاريون، ڪچهريون، اکيون، نانگ، زلفون، چنڊ چهرا ۽ گلابي رنگت جهڙا نازڪ ۽ نفيس جذبا ۽ لفظ کڙين مان پگهر وانگر وهي وڃنن ها ۽ سندن شاعري ڪجهه هن طرح جي هجي ها.
گهڻو سمهڻ ۽ خواب ڏسڻ جي شوقين علامه اقبال کي چوڻو پئي ها ته :-
وجود بجلي سي هي تصوير ڪائنات ۾ رنگ
بجلي نه هو تو ٽي وي، فرج، نيند هر چيز هي بند
غالب چوي ها
پهلي آئي ٿي ڪڀي ڪڀي بجلي
اب ڪسي وقت ڀي نهين ائي
مومن
ڪڀي هماري تمهاري گهر بجلي ٿي
تمهين ياد هو ڪه نه ياد هو
بهادر شاھ ظهر
عمر دراز مانگ ڪي لائي ٿي چار دن
دو احتجاج ۾ ڪٽ گئي، دو انتظار ۾،
مير تقي مير:
ابتدائي لوڊشيڊنگ هي، روتا هي ڪيا
نوازشريف حڪومت ۾ ، آگي آگي ديکئي هوتا هي ڪيا.
هتي سنڌ جي شاعرن جو نالو نه ٿا وٺون، جو اهي ايڏا ته سخت جان آهن جو عاشق مجبور جيان سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا.
چوندا آهن آمريڪا ۾ بيڊ جي وهاڻي هيٺان ڊالر نظر ايندا آهن، عرب ملڪن ۾ وهاڻي هيٺان سونا سڪا نظر ايندا آهن، هندستان ۾ وهاڻي هيٺيان سئنيما جون ٽڪيٽون نظر اينديون آهن، ۽ پاڪستان ۾ وهاڻي هيٺيان هٿ وارو پکو (وڃڻو) نظر ايندو آهي. پر هڪ دوست اهو sms ڪري آٿت ڏنو ته، پکي کي ڇڏيو،
Smile is an electricity and life is a battery.
اهو sms پڙهي خوشي ته ڏاڍي ٿي پر وري ڊپ به ٿيو ته جيڪڏهن واپڊا وارن ۽ وزير خزانا اسحاق ڊار کي خبر پئجي وئي ته واپڊا وارا ته هڪدم Smile تي لوڊشيڊنگ شروع ڪري ڏيندا ۽ جيئن هر بجيٽ ۾ ٿيندو آهي ، خاص ٽئڪسون بجيٽ کانپوءِ لڳايون وينديون آهن تيئن وزير خزانا اسحاق ڊار کي به جيڪڏهن اها خبر پئجي وئي ته ماڻهو هڪ ٻئي کي Smile ڏئي، بجلي جي ڏي وٺ ڪندا رهن ٿا يا ڪي ڪي ڏند ڪڍي، ٽهڪ ڏئي Smile جي وولٽيج Voltage وڌائيندا رهن ٿا ته هو صاحب ان Smile تي به سيلز ٽيڪس Sales Tax لڳائڻ ۾ دير ئي نه ڪندو، تنهن ڪري بابلا مسڪرايو ضرور Keep smiling، پر لڪي لڪي، بلڪه اسان جو خيال آهي ته اُها Smile اشارن ئي اشارن ۾ ڏيڻ گهرجي ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته اهڙا اشارا ڀري بازار ۾ ڪنهن نامحرم خاتون کي نه ڪرڻ گهرجن جيڪڏهن ائين ٿيو ته نتيجي جا ذميوار اوهان بـذات خود هوندا ۽ سڀ اشاري باز پنهنجي لائين فٽ ڪرڻ لاءِ ان خاتون جو ئي ساٿ ڏيندا.
اسان جي خيال ۾ شايد گرمي جو اثر، دماغ تي وڌيڪ ٿيڻ لڳو آهي، ان کان اڳ جو اسان شرافت جون سڀ حدون اورانگهي وڃون، ان قصي کان ڪوتاھ ڪندي، ڪجهه ڪم جي ڳالهه ڪري بجلي بابت ڪنهن فيصلي تي پهچون ته ان سان منهن ڪيئن ڏجي!؟
عوامي راءِ: جيئن اسيمبلين ۾ ٿيندو آهي ته ميمبر صاحب پنهنجي پگهارن ۽ مراعات حاصل ڪرڻ لاءِ متفق راءِ سان بل باڪس ڪرائيندا آهن تيئن اسان غريب عوام به ان راءِ تي متفق آهيون ته بجلي واپڊا جي ڌي Daughter آهي، جيڪا انتهائي لوز Loose ڪردار جي مالڪ آهي، ۽ پنهنجي مرضي سان، ڪنهن به وقت، ڪٿان به هلي وڃي ٿي ۽ ڏينهن نه ڏينهن پر راتين جي رولاڪ ٿي، ڪنهن کي ٻڌائڻ کانسواءِ غائب ٿي، خبر ناهي ڪنهن سان رنگ رليون ملهائيندي رهي ٿي. جنهن ڪري پوري ملڪ جي عزت، صحت ۽ اخلاق کي تباھ ڪرڻ سان گڏ ٻين ملڪن ۾ به ملڪ جي بدنامي جو سبب بنجي اسانجي غيرت کي للڪاريندي رهي ٿي. تنهن ڪري هي عوامي جرڳو (پنهنجي ڪميشن معاف ڪندي، ملڪي مفاد ۾ ان راءِ تي پهتو آهي ته بجليءَ کي ڪاري ڪري مارڻ گهرجي پر ان کان اڳ سندسڪارو هٿ ڪرڻ ضروري آهي، جو جيڪڏهن ڪاروڪاري ڪري نه ماريو، ته اسان جو ڪيس ڪمزور ٿي ويندو. پر سوال اهو آهي ته ڪارو ڪير آهي؟؟ ان حوالي سان شڪ جون آڱريون ٻن ڪارن ڏانهن ئي وڃن ٿيون. هڪ وزير پاڻي ۽ بجلي عابد شير علي، جيڪو ڳالهائڻ وقت اخلاق جون سڀ حدون اورانگهي ويندو آهي ۽ ٻيو وزيراعظم نواز شريف جنهن جي چوڻ مطابق، ستل ماڻهو پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي سان جاڳي پوي ٿو، پر ستل قوم کي جاڳائڻ لاءِ لوڊشيڊنگ ڪرڻي پئي ٿي. سو جيسائين ڪارو هٿ اچي، تيستائين پنهنجي موڪلاڻي آهي ۽ ڪاري جي ڳولا جي وچواري عرصي ۾ واپڊا وارن کي نماڻي گذارش آهي ته يارو ايتري بجلي ته ڏيو جو انب ٿڌا ڪري سگهون، سيزن نڪتي ٿي وڃي ٻيلي.