داعش ڇا آهي؟ ۽ ڇا پنهنجي مذموم ارادن ۾ ڪاميابي ماڻيندي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابو جواد طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2014۔

  1. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    داعش ڇا آهي؟ ۽ ڇا پنهنجي مذموم ارادن ۾ ڪاميابي ماڻيندي؟
    دنيا جي غنڊن، دهشتگردن ۽ پگهار تي آيل قاتلن کي شام ۾ گڏ ڪري هڪ مثالي عرب حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ ان جي غير مشروط حامي عربن اربين روپيه خرچ ڪيا. پوري دنيا کي غلط پروپئگنڊا ذريعي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جهاد النڪاح ذريعي دنيا جون مسلمان عورتون انهن درندن لاءِ موڪليون ويون. جن جون عزتون پائمال ڪيون ويون. هزارين ناجائز ٻار وجود ۾ آيا. پر ٿيو ڇا؟ آخر ۾ جڏهن ملڪ ۾ اليڪشن ڪرايو ويو ته 90 پرسنٽ ماڻهن بشارالاسد کي ووٽ ڏيئي ثابت ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جا غير مشروط حمايتي عرب ئي انهن ماڻهن جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن بشار الاسد انهن جو هيرو آهي. شام ۾ استعمار ۽ سامراج ننهن چوٽي جو زور لڳايو پر خدا جنهن کي عزت ڏيئي ان کي ڪير خوار ڪري ئي نه ٿو سگهي. اهي سڀ سامراجي حربا ناڪاره بڻجي ويا سامراج کي خدا اهڙو ذليل ڪيو جو پوري دنيا ۾ انهن کي پنهنجو ذليل چهرو ڇپائڻ جي جڳهه نه پئي ملي. پر جڏهن شام انهن جو قبرستان ثابت ٿيو ته ان ساڳئي ٽولي کي هڪ نئين ٽيڪنڪ سان شام مان عراق ۾ داخل ڪيو ويو ته جيئن سامراج پنهنجي مذموم ارادن کي حقيقت جو روپ ڏيئي سگهي ليڪن تاريخ شاهد آهي ته جيڪو به خدا جي چونڊيل نمائيندن جي مقابلي ۾ آيو ذلت ۽ رسوائي کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيو. خدا جي محبوب امام حسين عليه السلام جي پاڪ روزي ڏانهن وڌڻ جا اعلان ڪندڙ داعش جا دهشتگرد ٻڌي ڇڏن ته جهڙي نموني دنيا جي غيور مومنن عقيله بني هاشم، ناشر پيام ڪربلا ثاني زهرا سلام الله عليها جي پاڪيزه حرم ڏانهن وڌيل انهن جا ناپاڪ قدم ڪٽي ڇڏيا انهن جو ميريون اکيون ڪڍي ڇڏيون اهڙي ريت جهنم رسڻ تائين پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا ڪربلا ۽ نجف پهچڻ ته پري جي ڳالهه آهي جلد انهن کي پنهنجي غليظ چيل لفظن جي سزا ضرور ملندي. حقيقت اها آهي ته سامره ۾ انهن کي جيڪا عبرتناڪ سزا ملي شايد اها وساري ويٺا آهن جو وري نجف ۽ ڪربلا جهڙا پاڪيزه نالا پنهنجي نجس زبانن تي آڻي رهيا آهن. انهن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته ڪربلا بنا ڪنهن حڪم ۽ فتوا جي هر سال ڪروڙين عاشقان حسين جو شاهد رهيو آهي هاڻ جڏهن فتوا آئي آهي ته ڪربلا ۽ نجف جي حفاظت هر مسلمان جو فرض آهي ته اهي داعش واري ڳولئي نه لڀندا. خدا انهن کي اڃا ذليل ڪندو دنيا جا غيرتمند مسلمان داعش ( دولت اسلامي عراق ۽ شام) جي چالاڪين کان آگاهه آهن ۽ اهي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندا ته سامراج ۽ خونخوار عربن جو اهو ڪرائي جي قاتلن جو ٽولو مقدس مقامات جي ويجهو به اچي سگهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏14 جون 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    حق پنهجي جاذبي سان اهڙا ته عاشق پيدا ڪيا آهن جيڪي ڪڏهن به حق جي علم کي سرنگون نه ٿيڻ ڏيندا. باطل به هميشه دنيا جي زور تي دنيا طلب رزيلن کي جنم ڏنو آهي.
    هاڻي معاملو آهي بيدار اڳواڻن جو يقينن هن وقت عراق جي اندر آغا سيستاني جي فتوى کان پوءِ جي جيڪا صورتحال آهي ان استعمار جون اکيون کولي ڇڏيون آهن.
    مسلمانن جي وحدانيت کي ٽوڙي مسلمان جو مسلمان کي دشمن بڻايو ويو ان جي پٺيان پڻ تلخ تاريخ آهي.
    هن وقت به جيسيتائين عرب و عجم ۾ عشقِ حُسين سان متصل رهبري موجود آهي تيسيتائين هر باطل منهن جي کائيندو.
    يقينن باطل جي رسوائي حق جي عذت مقتدارتِ الاهي آهن جن کي بدلي نه ٿو سگهجي .
    سائين اوهان حالاتِ حاضره کان باخبر رکيو اوهان جي مهرباني.
    وسلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    سائين بلڪل اهي بيدار اڳواڻ ئي آهن جن جي هڪ اشاري تي عظيم انقلاب برپا ٿي ويندا آهن. اهڙي ئي طرح آية الله سيد علي حسيني سيستاني جي هڪ فتوا تي 15 پندرنهن لک شيعه سني مجاهدن جو قافلو داعش جي دهشتگردن سان مقابلي لاءِ موصل روانو ٿي چڪو آهي. ڇو جو داعش صرف هڪ دهشتگرد ٽولو آهي ۽ ان جو تعلق نه سني سان آهي نه ٻين مسلمانن سان ڇو جو انهن اچڻ سان ئي جامع مسجد موصل جي امام اهل سنت جي فاضل عالم دين شيخ محمد المنصوري کي ڪٺو ۽ ڪهڻ کان بعد ان جي لاش جي بيحرمتي ڪندي کيس ساڙيو. خدا مسلمانن کي متحد ٿي دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ جي توفيق عطا ڪندو
     
  4. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    [quote="ڏاڏل شينو, post: 156532, membe
    مسلمانن جي وحدانيت کي ٽوڙي مسلمان جو مسلمان کي دشمن بڻايو ويو ان جي پٺيان پڻ تلخ تاريخ آهي.
    کولي ڇو نه ٿا لکو !!!!!!!!!!!!!!!! ڪفر جي فتوى کان ڊڄو ٿا ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ يا مصلحت تحت چُپ آهيو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟

    [/quote]
     
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    ڇا اڃا به ڪا گنجائش آهي ؟؟؟ جو آل سعود (اُمويين) کي خانه ڪعبه جو رکوالو ٿيڻ ڏنو وڃي يا انهن کي ڳولهي ڳولهي چونڊي چونڊي نيست و نابود ڪيو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو