ابو جواد
سينيئر رڪن
داعش ڇا آهي؟ ۽ ڇا پنهنجي مذموم ارادن ۾ ڪاميابي ماڻيندي؟
دنيا جي غنڊن، دهشتگردن ۽ پگهار تي آيل قاتلن کي شام ۾ گڏ ڪري هڪ مثالي عرب حڪومت کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ۽ ان جي غير مشروط حامي عربن اربين روپيه خرچ ڪيا. پوري دنيا کي غلط پروپئگنڊا ذريعي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جهاد النڪاح ذريعي دنيا جون مسلمان عورتون انهن درندن لاءِ موڪليون ويون. جن جون عزتون پائمال ڪيون ويون. هزارين ناجائز ٻار وجود ۾ آيا. پر ٿيو ڇا؟ آخر ۾ جڏهن ملڪ ۾ اليڪشن ڪرايو ويو ته 90 پرسنٽ ماڻهن بشارالاسد کي ووٽ ڏيئي ثابت ڪيو ته آمريڪا ۽ ان جا غير مشروط حمايتي عرب ئي انهن ماڻهن جا وڏي ۾ وڏا دشمن آهن بشار الاسد انهن جو هيرو آهي. شام ۾ استعمار ۽ سامراج ننهن چوٽي جو زور لڳايو پر خدا جنهن کي عزت ڏيئي ان کي ڪير خوار ڪري ئي نه ٿو سگهي. اهي سڀ سامراجي حربا ناڪاره بڻجي ويا سامراج کي خدا اهڙو ذليل ڪيو جو پوري دنيا ۾ انهن کي پنهنجو ذليل چهرو ڇپائڻ جي جڳهه نه پئي ملي. پر جڏهن شام انهن جو قبرستان ثابت ٿيو ته ان ساڳئي ٽولي کي هڪ نئين ٽيڪنڪ سان شام مان عراق ۾ داخل ڪيو ويو ته جيئن سامراج پنهنجي مذموم ارادن کي حقيقت جو روپ ڏيئي سگهي ليڪن تاريخ شاهد آهي ته جيڪو به خدا جي چونڊيل نمائيندن جي مقابلي ۾ آيو ذلت ۽ رسوائي کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ڪري سگهيو. خدا جي محبوب امام حسين عليه السلام جي پاڪ روزي ڏانهن وڌڻ جا اعلان ڪندڙ داعش جا دهشتگرد ٻڌي ڇڏن ته جهڙي نموني دنيا جي غيور مومنن عقيله بني هاشم، ناشر پيام ڪربلا ثاني زهرا سلام الله عليها جي پاڪيزه حرم ڏانهن وڌيل انهن جا ناپاڪ قدم ڪٽي ڇڏيا انهن جو ميريون اکيون ڪڍي ڇڏيون اهڙي ريت جهنم رسڻ تائين پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندا ڪربلا ۽ نجف پهچڻ ته پري جي ڳالهه آهي جلد انهن کي پنهنجي غليظ چيل لفظن جي سزا ضرور ملندي. حقيقت اها آهي ته سامره ۾ انهن کي جيڪا عبرتناڪ سزا ملي شايد اها وساري ويٺا آهن جو وري نجف ۽ ڪربلا جهڙا پاڪيزه نالا پنهنجي نجس زبانن تي آڻي رهيا آهن. انهن کي اها به خبر هجڻ گهرجي ته ڪربلا بنا ڪنهن حڪم ۽ فتوا جي هر سال ڪروڙين عاشقان حسين جو شاهد رهيو آهي هاڻ جڏهن فتوا آئي آهي ته ڪربلا ۽ نجف جي حفاظت هر مسلمان جو فرض آهي ته اهي داعش واري ڳولئي نه لڀندا. خدا انهن کي اڃا ذليل ڪندو دنيا جا غيرتمند مسلمان داعش ( دولت اسلامي عراق ۽ شام) جي چالاڪين کان آگاهه آهن ۽ اهي ڪڏهن به اجازت نه ڏيندا ته سامراج ۽ خونخوار عربن جو اهو ڪرائي جي قاتلن جو ٽولو مقدس مقامات جي ويجهو به اچي سگهي.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: