مدد علي سنڌيءَ : عهد ساز شخصيت

'انٽرويو' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    [​IMG]


    مدد علي سنڌيءَ : عهد ساز شخصيت
    اهم انٽرويو

    مدد علي سنڌي صاحب! پنهنجي پرسنل پروفائيل (خاندان، ٻاروتڻ، تعليم وغيره) بابت ڪجهه ٻڌائيندا؟
    آئون ادبي توڙي صحافتي دنيا ۾ مدد علي سنڌي جي نالي سان سڃاتو وڃان ٿو. پر منهنجو اصل نالو مدد علي قريشي آهي. منهنجو تعلق سيوهڻ جي هڪ ادبي ۽ علمي گهراڻي سان آهي. جڏهن غلام شاهه ڪلهوڙي حيدرآباد شهر جو بنياد وڌو ته هن مختلف علائقن مان والينٽيرلي ماڻهن کي حيدرآباد گهرايو. اسان جا وڏا پڻ سيوهڻ مان لڏي حيدرآباد آيا. البته منهنجي ماءُ جو خاندان گهڻي عرصي تائين سيوهڻ ۾ ئي رهيو.
    آئون 12 آڪٽوبر 1950ع تي حيدرآباد ۾ ئي پيدا ٿيس. مونکي اول سينٽ بوناچر اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، پر نه پڙهي سگهيس. پوءِ هوپ فل اسڪول، ميان علي بخش اسڪول ۾ به موڪليو ويس پر منهنجي پڙهڻ سان دل ئي نه لڳندي هئي. اسانجي پاڙي ۾ خلافتِ تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن شيخ عبدالرحيم جي ڌيءَ غلام فاطمه شيخ رهندي هئي. اسانجي گهران جي اچ وڃ هئي. امان کيس مون بابت ٻڌايو ته ’هيءَ پڙهي ئي نٿو.‘ هن امان کي چيو، ’جي هي نٿو پڙهي ته منهنجي حوالي ڪيو آئون پاڻ ئي کيس پڙهائينديس.‘
    غلام فاطمه شيخ هندن جو هڪ ڇڏيل اسڪول پنهنجي نالي سان کولي گرلس اسڪول طور هلائڻ شروع ڪيو هو. هوءَ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي ۽ آئون گرلس اسڪول ۾ اڪيلو ڇوڪرو هوندو هيس جيڪو اتي پڙهڻ لڳس. مشهور فلمي اداڪار مصطفى قريشي جي ڀاڄائي مس حُسنه اتي ٽيچر هئي. ٻنهي ڄڻين مون تي سختي ڪئي. نيٺ اتان پڙهي نڪتس. مئٽرڪ مون گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ڪئي. ۽ سچل ڪاليج مان بي.اي ڪيم. ان ئي دؤر ۾ مون قوم پرست سياست ۾ بحرو وٺڻ شروع ڪيو. پهريان ڄام ساقيءَ واري پارٽي ۽ پوءِ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن نالي هڪ گروپ ٺاهيوسين جنهن ۾ آئون، شاهه محمد شاهه، اقبال ميمڻ ۽ ٻيا دوست ايڪٽِو ٿياسين. اسان ان دؤر ۾ اختر بلوچ کي جيل مان آزاد ٿي اچڻ تي ڪاليج ۾ دعوت تي سڏايو هو.
    ايئن مان سياست ۾ متحرڪ ٿي پيس. مونکي ياد آهي ستين ڊسمبر 1964ع تي جڏهن آئون ستين درجي ۾ پڙهندو هيس ته مادرِ ملت فاطمه جناح حيدرآباد آئي هئي. آئون اسڪول مان گُسائي سندس جلسي ۾ ويس. ان دؤر ۾ سرڪاري اسڪول مان ڀڄڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. مان ۽ منهنجو هڪ دوست ريلوي اسٽيشن تي وياسين ۽ فاطمه جناح جي آجيان ڪندڙ ٽولي ۾ به رهياسين ته جلسي ۾ به موجود رهياسين. ٻي ڏينهن اسڪول ۾ پڇاڻو ٿيو. مون چيو آئون مادرِ ملت جي جلسي ۾ ويو هئس. هيڊماستر مونکي 15 ڏينهن لاءِ اسڪول مان خارج ڪري ڇڏيو. اها منهنجي پهرين رسٽيڪيشن هئي. پر پوءِ والد صاحب ڪمشنر تائين سورس لڳائي معافي وٺائي ڏني.
    آئون جڏهن يونيورسٽي ۾ پڙهندو هيس ته انهن ڏينهن ۾ آئين خلاف ڪانووڪيشن ڪيس ٿيو هو. آئين ۾ صوبائي خودمختياري جو ذڪر نه هو. انهن ڏينهن ۾ آئون ’اڳتي قدم‘ نالي رسالو به ڪڍندو هيس. اسان تحريڪ هلائي، ته يونيورسٽي ۾ جهيڙو ٿي پيو. مونکي پهريان ٽن سالن ۽ پوءِ پنجن سالن لاءِ يونيورسٽي مان خارج ڪيو ويو. نتيجي طور آئون ايم.اي نه ڪري سگهيس.


    توهان پهريان سياست شروع ڪئي يا لکڻ؟
    آئون سياست ۾ گهڻو اڳ اچي چڪو هيس. پر جيئن ته گهر ۾ لکڻ پڙهڻ جو ماحول هو. اسانجي گهر ۾ عاليشان لائبريري هئي. منهنجي والد مرحوم جي مرزا قليچ بيگ سان عليڪ سليڪ هئي. منهنجي ڏاڏي محمد يوسف قريشي جو ذڪر قليچ صاحب پنهنجي آتم ڪٿا واري ڪتاب ۾ به ڪيو آهي. منهنجو وڏو ڀاءُ اردو ادب جو ڏاڍو شوقين هو. هن وٽ ان دؤر ۾ اردو جا رسالا نقوش، نيا دور، ۽ شعور مستقل ايندا هئا. مامي وٽ مهراڻ ۽ نئين زندگي جا پرچا ايندا هئا. ادي مرحوم وٽ منٽو ۽ قرت العين جا ڪتاب هوندا هئا. آئون پڙهندو هيس. پر شروع ۾ مونکي ڪجهه به نه ايندو هو. منهنجي پيءُ مونکي ’گلن واري ڇوڪري‘ ڪتاب آڻي ڏنو هو. آئون گل ڦل رسالو شوق سان پڙهندو هئس. روح رهاڻ جي گڏجاڻين ۾ ويندو هئس. ائين ادب مان سان جڙيو رهيو.
    ٻي پاسي ايوب جي دؤر ۾ سنڌ جي قومي تحريڪ جهڙوڪ گهرن ۾ گهڙي آئي هئي. اسان گهڻا متحرڪ هئاسين. حيدر بخش جتوئي جڏهن آزاد ٿي آيو ته اسان دهلن دمامن سان کيس اسٽيشن تان هوش محمد شيدي جي قبر تائين وٺي آياسين. شيخ اياز به آزاد ٿيڻ کانپوءِ جلوس جي صورت ۾ هوشو شيدي جي قبر تي آيو هو. چوٿين مارچ 1969ع تي هڪ شاندار جلوس ڪڍيو ويو هو. انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد ائين کڻي سمجهو ته هڪ تحريڪ جو مرڪز هو. وڏا وڏا جلسا جلوس ٿيندا هئا. ميڙاڪا ۽ تقريرون ٿينديون هيون. اسان وڏي چاهه سان انهن ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. توڙي جو آئون چوندو آهيان ته آئون اڳ ۾ سياست ۾ آيو هئس. پر حقيقت ۾ سياست توڙي ادب اسان وٽ ’ٻٽ‘ Parallel رهيا آهن.


    اوهان يا اوهان جي دوستن پاران ڪيل ڊگهي قومي جدوجهد ڪنهن به منطقي نتيجي تي نه پهتي، ڇو؟
    ان تي گهڻو ڳالهائي سگهجي ٿو. پر ڏٺو وڃي ته تحريڪ ڪامياب رهي. تاج بلوچ صاحب گواهه آهي ته اهو دؤر به هو جو ’سنڌ‘ لفظ لکڻ به ڏوهه ڪرڻ جي برابر هو. ان دؤر ۾ سنڌي اديبن ٻولي جي بچاءُ ۾ تحريڪ شروع ڪئي. ون يونٽ خلاف آواز اٿاريو. سنڌ کي صوبائي حيثيت ملي. ٻولي کي پڻ مڃتا ملي. اها دراصل تحريڪ جي ڪاميابي ئي هئي. جنهن دؤر ۾ ’شريف ڪميشن‘ وسيلي سنڌي ٻولي کي ’ذريعي جي ٻولي‘ تان خارج ڪيو ويو هو.

    (22 نومبر 1960ع سنڌي ادبي سنگت پاران وڏو جلسو ڪڍيو ويو. انهن ڏينهن ۾ ٽڪا خان حيدرآباد جو ڪور ڪمانڊر هو. هو ايڏو وڏو جلسو ڏسي حيران ٿي ويو. ۽ شريف ڪميشن کي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو. ان تحريڪ ۾ مدد ننڍو هو. پر ادا ممتاز ۽ ٻيا دوست به اسان سان گڏ هئا- تاج بلوچ)

    تاج صاحب، برابر آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌي جي سڃاڻ ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون هيون. الطاف گوهر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته کيس چوڌري محمد علي چيو هو ته هنن ڪراچي ۾ هڪ رٿا هيٺ ڪراچي ۾ اردو اسپيڪنگ کي هٿي وٺرائي پئي وڃي ڇاڪاڻ ته کين ڊپ هو ته سنڌ جو پڙهيل لکيل طبقو ڪنهن به وقت سندن لاءِ آزار پيدا ڪري سگهي ٿو. ان سڄي وايومنڊل جي موٽ ۾ قومي تحريڪ جهڙوڪر حيدرآباد جي گهرن ۾ گهڙي آئي. حيدرآباد تحريڪ جو مرڪز هو. ڀاشاني ۽ ولي خان پڻ انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد آيا. انهن ڏينهن ۾ سياستدان ريل رستي ايندا هئا ۽ ماڻهن سندن آڌرڀاءُ لاءِ دهلن شرناين سان وڏن جٿن جي صورت ۾ اسٽيشن ويندا هئا. آئون پڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ ممتاز علي قريشي سان گڏ اهڙن هنڌن تي ويندو هئس. منهنجو وڏو ڀاءُ ممتاز قريشي انتهائي اورچ انسان هو. هو اردو توڙي سنڌي ادب جو وڏو چاهيندڙ ۽ قومي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. مونکي ياد آهي هو هڪ ڀيرو مون کي سکر وٺي ويو هو. جتي راجا ڏاهر کي سلام ڪرڻ سان گڏ اسان پراڻي سکر ۾ هيمون ڪالاڻي جو گهر ڳولي لڌو هو. اَدَي، اتان ٿورڙي مٽي شيشي ۾ کڻي اهو وچن ڪيو هو ته هو ترت اهو گهر خريد ڪري قومي تحريڪ جي ورثي ۾ شامل ڪندو.
    اسان جو گهر جيڪو 1972ع ۾ سينٽرلي ايئر ڪنڊيشنڊ هوندو هو، اهو جهڙوڪر قومي تحريڪ جو پليٽ فارم هو. مان جيڪڏهن ڪجهه ڪري سگهيو آهيان ته اهو پنهنجي ڀاءُ جي طفيل. هن ڪڏهن به مون تي ڪنهن طرح جي ڪابه سختي يا بندش نه وڌي. ايتري تائين جو جڏهن منهنجو والد صاحب زيدي ڪيس ۾ جهلجي ويو. امڙ کي پڻ لاڪپ ڪيائون ۽ آئون انڊر گرائونڊ هليو ويو هوس. تڏهن به ڀاءُ ڪڏهن منهن ڪونه گهنجايو. ۽ نه ئي ڪڏهن هن منهنجي سياست تي ڪو اعتراض واريو. 1978ع ۾ جڏهن مون تان ڪيس ختم ٿيا ته مون پاڻ سياست تان استعيفى ڏئي صحافت شروع ڪئي. ۽ 1980ع ۾ ’سنڌ نيوز‘ جوائين ڪئي.


    سنڌي صحافت سنڌ جو ڪيس ڪهڙي طرح وڙهيو يا سنڌي اخبارن جو ڪردار قومي تحريڪ دؤران ڪيئن رهيو؟
    ڪو دور هيو جو اخبارون سڌو سچ لکڻ لکڻ کان لنوائينديون هيون. اهو ايوب جي آمريت جو دؤر هو. انهن ڏينهن ۾ وري سنڌي رسالن خوب نڀايو. پر ٿورو پوءِ ڀٽي جي دؤر ۾ سنڌ جي 72 پبليڪيشنس تي بندش مڙهي وئي. جن ۾ سهڻي، سوجهرو، اڳتي قدم، برسات، تحريڪ وغيره شامل هئا. طارق اشرف جيل ويو. ان وقت وري اخبارن پڻ موکيو. پر اخبارن تي سينسرشپ لڳل هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان، عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۽ ٻيون اخبارون نڪرنديون هيون. اخبارن جو مواد انفارميشن ويندو هو. جتان فوجين هٿان پاس ٿي وري دفتر ايندا هو ته اخبارون ڇپجنديون هيون. ايم-آر-ڊي دؤران پڻ اخبارن پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو. مون سمباليڪل طريقي سان لکڻ شروع ڪيو. اسانکي هر مهيني ٻه دفعا گهرايو ويندو هو. جن ۾ قاضي عابد، سردار علي شاهه، ذاڪر شاهه، شيخ علي محمد ۽ آئون ويندا هئاسين. سنڌ نيوز، عبرت ۽ مهراڻ خاص طور ايم-آر-ڊي دؤران بهترين ڪردار نڀايو. آئون ۽ شمشير الحيدري خاص طور مدي خارج خبرن بدران ڪم واريون خبرون هلائيندا هئاسين. شمشير الحيدري کي هڪ ئي مهيني ۾ هٽايو ويو. پر آئون پنهنجو ڪم ڪندو رهيس.

    توهان اڳتي قدم رسالو ڪڏهن ۽ ڪيئن شروع ڪيو؟
    1970ع واري عرصي ۾ سستائي هئي. اڄ جيڪو رِمِ 11 سؤ رپين ۾ ملي ٿو، تڏهن ڏهين رپين ۾ ملندو هو. مان سوڀي گيانچنداڻي وٽ لاڙڪاڻي ويس ۽ کانئس ’بچاءُ بند‘ ڪهاڻي لکائي آيس. پهرين پرچي ۾ سائين جي.ايم.سيد، قاضي فيض محمد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين جا پيغام شامل هئا.

    (منهنجي خيال ۾ ’بچاءُ بند‘ پهرين نظرياتي ڪهاڻي هئي. جنهن ۾ مارڪسزم جي نظرئي پٽاندڙ ٿيسز جي اينٽي ٿيسز پيش ڪئي وئي. نظرياتي سطح تي بهترين ڪهاڻي آهي. انهن ڏينهن ۾ ترقي پسندي ۽ قوم پرستي سلهاڙيل هيون. انهن ئي ڏينهن ۾ نجم عباسي، نسيم کرل، عثمان ڏيپلائي وغيره ساڳي پيراڻي ۾ لکيو- تاج بلوچ)

    اهو ڪريڊٽ اڳتي قدم کي مليو ته ان ۾ اهم شيون آيون. پهرين پرچي جي ٽائيٽل تي جيڪا تصوير ڏنل هئي ان ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڏاٽو ۽ هٿوڙو جهليون بيٺا هئا. ۽ سامهون سج اڀريو پئي. ’اڳتي قدم‘ جي پهرين پرچي ۾ منهنجي ٻي ڪهاڻي ’پکا پکن سامهون- اوري اچي اڏ‘ ڇپي. ائين اڳتي قدم جو سلسلو هلي پيو.

    توهان ڪهاڻي کان نثري نظم ۽ شاعري ڏانهن ڪيئن آيا؟
    آئون ان دؤر ۾ پڙهندو تمام گهڻو هيس. لکندو گهٽ هيس. مون جڏهن پهرين ڪهاڻي لکي طارق اشرف ڏي کڻي ويس. طارق اشرف جي اها خوبي هوندي هئي ته هو لکڻين ۾ ڪنهن جي به سفارش نه مڃيندو هو. اسان جا پاڙيسرين وارا واسطا به هئا. منهنجي پهرين ڪهاڻي سهڻي ۾ ڇپي. ٻي ڪهاڻي توڙي جو پنهنجي رسالي ۾ ڇاپي پر پوءِ به طارق اشرف ۽ ظفر حسن کي پڙهائي ۽ انهن جي ائپروول کان پوءِ مون اها ڪهاڻي ’اڳتي قدم‘ ۾ ڇاپي.
    اسان روح رهاڻ جي فنڪشن ۾ ويندا هئاسين مون ’روح رهاڻ ۽ شيخ اياز‘ جي نالي سان هڪ تحقيقي مقالو به لکيو. مون کي پڙهڻ ۽ لکڻ جو شوق هوندو هو. سندري اتم چنداڻي جڏهن حيدرآباد آئي ۽ زينت عبدالله جي گهر ترسي ته اتي کيس ٻڌڻ ويس. يا امداد حسيني هيرآباد ۾ حيمد سنڌي وارن پاران ڪرايل هڪ ميڙاڪي ۾ شعر پڙهيو هو جيڪو مونکي اڃا تائين ياد آهي. - ’اسان جي ٻار کان خواهشن جو بسڪٽ کسي نالي ۾ اڇلايو ويو آهي.‘ مون کي شاعري تمام گهڻي وڻندي هئي. ميرا جي ۽ ٻين کي پڙهيو هيوسين، ’نيا دور‘ وارا ڪتاب پڙهيم. شاعري جي شروعات مون تڏهن ڪئي جڏهن هڪ ڇوڪري سان عشق ٿيو. مون سندن ياد ۾ جيڪو ڪجهه لکيو، اهو جڏهن دوستن ٻڌو ته چيائون ته هي شيون ڪتابي شڪل ۾ آڻيو. ’پنر ملن‘ منهنجي نثري نظمن جو ڪتاب آهي. جنهن جي مهورتي تقريب ۾ تنوير عباسي ۽ ٻين چيو ته ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ نثري نظمن جو پهريون ڪتاب آهي.


    (انڊيا ۾ ڪلاپرڪاش جو ’ممتا جون لهرون‘ ان کان اڳ ڇپيو هو. ۽ ان کان اڳ لعل چند امر ڏني مل ٽئگور جو ترجمو ڪيو هو. پر سنڌ ۾ پنر ملن نثري نظمن جو ڇپيل پهريون ڪتاب آهي- تاج بلوچ).
    مون گهڻا نثري نظم ته ان ڇوڪري بابت لکيا. پر ڪجهه ٻين بابت به لکيا. جيئن هڪ نظم ’رشيد جهان‘ جي نالي لکيو. هوءَ ترقي پسند تحريڪ جي تمام گهڻي سرگرم رڪن هئي. يا هڪ نظم مون حيدرآباد جي پرتاب محل ۾ رهندڙ هڪ خوبصورت عورت تي لکيو جنهن کي مون سگريٽ پيئندي ڏٺو هو. رشيد جهان تمام اهم عورت هئي. ان لاءِ عبدالله هادي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي، ’مون ميان افتخار جي گهر ۾ هڪ انتهائي خوبصورت عورت ڏٺي جيڪا اڌ ٻانهن واري ساڙهي ۾ ملبوس بيڊ تي ليٽي پئي.‘ جنهن لاءِ مون پڇيو، ’اها ڪير آهي؟‘ مونکي ٻڌايو ويو، ’اها ڊاڪٽر رشيد جهان آهي جيڪا ترقي پسند تحريڪ جي پڌرنامي جي سلسلي ۾ لاهور آيل آهي.‘ ته مون ان تي به نثري نظم لکيو.

    توهان جي ڪتاب جو انتساب ’گ‘ سيد جي نالي آهي. اها ڇا ماجرا آهي؟
    اصل ۾ آئون اڪيلو ڇوڪرو هيس جيڪو ڇوڪرين جي اسڪول ۾ پڙهيس. ظاهر آهي پوءِ اتي جيڪا ڇوڪري منهنجي پاسي ۾ ويهندي هئي اها مونکي وڻي وئي. يا ريڊيو تي جڏهن آئون ٻارڙن جي ٻارڙي ۾ ويندو هئس ته اتي به هڪ ڇوڪري مونکي ملي جيڪا ڏاڍو وڻندي هئي. فوزيه نالي اها ڇوڪري مونکي منهنجي ’انڊر گرائونڊ‘ واري دؤر دؤران به ملي. جنهن تي مون ’دل اندر درياوَ‘ ڪهاڻي به لکي. ٻي ڪهاڻي ’هينئڙو ڪچي تند جيان‘ آپا ممتاز عباسي تي لکي جيڪا سوجهري ۾ ڇپي. اهڙي طرح مون کي جن به متاثر ڪيو انهن تي ڪجهه نه ڪجهه لکيو آهي. آپا ممتاز تي لکيل ڪهاڻي ماهتاب محبوب سمجهي وئي هئي. حالانڪه ان ۾ نالو مٽيل هو. سو پردا رکڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن نالا مٽايا به اٿم ته اڌ نالا به ڏنا اٿم.

    (شايد انڪري ته سنڌي سول سوسائٽي ڏاڍي بنياد پرست آهي. ان رجعت پرستي ۾ شاعر فيمليز جو احترام ڪندا هئا. مدد علي سنڌي ٻولي توڙي سماج لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. هن ٻولي ۾ پڻ سٺو سڌارو آندو، مهراڻ اخبار وارو سردار شاهه به سٺي توجهه ڏني پر خاص طور مدد علي جو ڪم ساراهڻ جوڳو آهي- تاج بلوچ)


    اخبارن ۾ ڇپجندڙ خبرن ۽ ٻولي بابت توهان ڇا ٿا چئو؟
    انهن ڏينهن ۾ عجيب غريب خبرون اينديون هيون مثال- فلاڻي پاڙي ۾ رات جو روح ٿو اچي. ڪبير شاهه- عبرت جو رپورٽر اڪثر اهڙيون خبرون ڏيندو هو. ڪو عورت رات جو نظر آيس يا ڪٿي ڪو ڪتو ڏٺائين ته ان کي ڀوائتو ڪري پيش ڪندو هو. اسان انهن شين کي رد ڪيو. ۽ چيو ته اڄ ماڻهو قبرستان ۾ رهن ٿا. ڪٿان جا روح؟ ڪيڏانهن ويا روح؟ سڀ فضول بڪواس آهي. اهڙي طرح اسان ڪوشش ڪري انهن مغالطن کي به رد ڪيو.
    يا جڏهن ڀٽي جي دؤر ۾ 72 پبلڪيشنز تي بندش پئي ته ڪنهن هڪ اخبار به ايڊيٽوريل نه لکيو. هلال پاڪستان ۾ سراج صاحب ويٺو هو. پر ان به ڪجهه نه لکيو. عبرت به ڪجهه نه لکيو.

    مدد صاحب تازو سوجهري ۾ ناز سنائي انڪشاف ڪيو آهي ته سنڌي رسالن تي جيڪا ڀٽي جي دؤر ۾ بندش پئي انهن جي فهرست سراج ميمڻ پاڻ تيار ڪئي ۽ پير علي محمد راشدي کي پيش ڪري بندش لڳرائي. توهان ڇا ٿا چئو؟
    مون وٽ اهڙو ڪو ثبوت ناهي ته اها فهرست ڪيئن ۽ ڪٿي تيار ٿي!! پر آئون سراج ميمڻ توڙي پير علي محمد راشدي صاحب ٻنهي جي ويجهو رهيو آهيان. مون کي چڱي طرح ياد آهي 18هين جون 1972ع تي سنڌ متحده محاذ جي پهرين افتتاحي گڏجاڻي هئي. حيدر منزل تي ٿيل تقريب ۾ تاج بلوچ سرڪري ملازم هوندي پنهنجي وڏي پٽ نديم مراد کي وٺي آيو هو. ان ٻارڙي کي فل سوٽ پاتل هو. مون کيس چيو، ’توهان ٻارڙي کي وٺي آيا آهيو؟‘ ته چيائين، ’ٻارن کي ڏيکاريون ٿا ته هي قومي تحريڪ آهي.‘ آئون هڪ تحقيقي ماڻهو آهيان مون کي جستجو ضرور رهي ته اها فهرست آخر ڪنهن تيار ڪئي. مون کي ناشاد ٻڌايو ته اها فهرست پير صاحب وٽ پهتي هئي. مون جمال الدين ميراڻي کان پڇيو، ’ پير علي محمد راشدي اها حرڪت ڇو ڪئي؟‘ ميراڻي مونکي ٻڌايو، ’رسالن ۽ ڪتابن جي فهرست پير صاحب وٽ پهتي هئي.‘ هن پاڻ ايئن نه ڪيو هو. علي محمد راشدي صاحب سان منهنجي سندس تحريرن سبب عقيدت هئي. هڪڙو ڀيرو آئون راشدي صاحب کي حيدرآباد ڪلب وٺي ويس اتان جڏهن اسان واپس آياسين ته قبرستان وٽان هن گاڏي هلڪي ڪري دعا گهري مون کيس چيو، ’اتي ڪي دوست دفن ٿيل اٿوَ ڇا؟‘ چيائين، ’ها، هتي دوست دفن ٿيل آهن.‘ مون اتان لنگهڻ کانپوءِ پير صاحب کان ٻه سوال ڪيا. هڪ ’پير صاحب، اوهان پاڪستان ڪيئن ٺاهيو؟‘ چيائين، ’اسان کي خبر نه هئي ته ايڏي لڏپلاڻ ٿيندي. پر اسان هندن کان ڊنل هئاسين ان ڪري مطالبو ڪيوسين.‘ ٻيو سوال منهنجو اهو هو، ’اوهان سنڌي رسالن ۽ ڪتابن تي بندش ڪيئن وڌي؟‘ چيائين، ’آئون ان ڪم ۾ اڪيلو نه هيس. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئون تفصيل ۾ نٿو وڃڻ چاهيان.‘ ٻيا ڪير هئا راشدي صاحب سان؟ ڪجهه به چئي نٿو سگهجي.

    قومي تحريڪ ۾ هڪ ولولو هو. پر ان ۾ ڏارَ ڪيئن پيا؟
    اصل ۾ تحريڪ جڏهن مختلف ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ته ان جو زور ٽٽي ويو. ڇاڪاڻ ته تحريڪ ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو آيا جن کي پنهنجي ليڊرشپ ڪرڻي هئي. اسان نيڪ نيتي سان آيا هئاسين. پر ڪجهه ماڻهو سازشون کڻي آيا. ڪجهه ته غوث بخش بزنجي سان مليا. جيئي سنڌ تحريڪ ۾ گهڻا ڌڙا ٿيا. پر آئون جيئن ته هن وقت تحريڪ ۾ ناهيان انڪري مونکي حق نٿو پڄي ته آئون انهن خلاف ڳالهايان جيڪي ڪم ڪن پيا. ايترو ضرور چوندس ته شروعاتي دؤر ۾ ليڊرشپ جي شوقينن تحريڪ کي نقصان ڏنو.

    لعل محمد لعل، شيخ اياز جي شعرن جي پيروڊي لکي ته سنگت جي ابراهيم جوئي، پوهو، شيخ حفيظ، عادل، غلام رباني ۽ ٻين اياز قادري صاحب تي زور ڀريو ته هو ان جي ترديد ڪري. پر قادري صاحب چيو ته ترديد ڪيو ته سڀني جي ڪيو جن ۾ احسان بدوي، لطف الله بدوي به شامل آهن. اڪيلي لعل محمد لعل جي ڇو؟ ان جهيڙي ۾ اياز قادري سنگت جي سيڪريٽري تان استعيفى ڏني. ۽ شمشير الحيدري ايڪٽنگ سيڪريٽري جنرل ٿيو. جنهن 1965ع تائين پورا يارنهن سال ادبي سنگت کي غير فعال رکيو.ان بابت توهان جا ڪهڙا ويچار آهن؟
    آئون تاج صاحب سان متفق آهيان. هڪ پرآشوب دور ۾ سنگت کي غيرفعال رکيو ويو. ان دؤر ۾ سنگت جون 23 شاخون هونديون هيون. ۽ تاج بلوچ صاحب جڏهن سيڪريٽري ٿيو ته سنگت کي فعال بڻايو ويو. اديبن بهرحال پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. ون يونٽ ۽ ايم-آر-ڊي دؤران سندن ادا ڪيل ڪردار هميشه ياد رکيو ويندو.

    سنڌي ڪتابن بابت توهان جو خيال ڇا آهي؟
    مان چين ويو هئس. مون ڏٺو ته جن ماڻهن کي انگريزي آئي ٿي انهن به نه پئي ڳالهائي. هنن هر شيءِ چيني ٻولي ۾ آڻي ڇڏي آهي. اسان وٽ ايئن ناهي. اسان وٽ معلومات آهي ئي ڪانه. مثال مان سريلنڪا پئي ويس ته سواءِ هڪ اڌ سفرنامن جي مونکي ڪو هڪ به سنڌي ڪتاب نه مليو. جنهن مان لاڀ پرائي سگهان ها. اڄ تحقيق جو جو دؤر آهي. ٻه واڌو ٻه برابر چار جو دؤر آهي. اسان وٽ جيڪي ڪتاب آهن انهن ۾ به سگنيفائيڊ طريقو ڪتب ناهي آندل. غلام رباني آگري ڪتاب لکيو آهي. ترقي پسند تحريڪ- ڪتاب ۾ ذڪر ڪيل ماڻهن جي ڪا گلاسري ناهي ڏنل. نه ڪو انڊيڪس آهي. پڙهندڙ کي ڪهڙي خبر ته ڊاڪٽر رشيد جهان ڪير هئي. نوجوانن کي ته اها به خبر ناهي ته رشيد ڀٽي ڪير هو. اسانکي ڪتابن کي عالمي معيار موجب گلاسري ۽ انڊيڪس/فوٽ نوٽ/وضاحتي جملن سان گڏ آڻڻو پوندو.
    ڀڳت سنگهه تي ڪلديپ نيئر زبردست ڪتاب لکيو آهي. تاريخوار هر شيءِ پڌري. ٻي پاسي شيخ اياز ڀڳت سنگهه جي ڦاسي جي تاريخ 1942ع يا 1941ع لکي آهي. حالانڪه ڀڳت سنگهه کي ڦاسي 31 مارچ 1931ع تي ڏني وئي. مون اياز جي ڪتاب جي نئين ڇاپي اچڻ کان اڳ مؤنس اياز کي چيو به هو ته تاريخ درست ڪرايو. ماڻهو غلط حوالا پيا کڻن. توهان کي خبر آهي. ڀڳت سنگهه جي ڦاسي وقت نوجوانن مهاتما گانڌي کي ڪارا گل پيش ڪيا هئا. اهي سڀ شيون ڪتابن ۾ ڏيڻ کپن. وضاحتي نوٽ ته انتهائي اهم ٿي ويا آهن.

    سنڌي ادبي سنگت جڏهن متحرڪ ٿي ته ادب ۾ جديديت جو لاڙو آيو، جنهن جو مقصد سبجيڪٽ ۾ نواڻ سان گڏ مڪالمي جي سادگي شامل هئي. جديديت پٽاندڙ خاص طور توهان، ماڻڪ، علي بابا، مشتاق شوري لکيو ۽ ان مان ناڪاريت ۽ فرد جي ويڳاڻپ واري جي عنصر کي شارپ ڪيو. فرد جي اندر جي ڀڃ ڊاهه ۽ سماجي ذاتي محروميءَ هيٺ ڇرڪائيندڙ/نئون ادب تخليق ڪيو. پر هاڻي جڏهن مابعد جديديت آئي آهي ته اها ان جي اصل ضمير طور سامهون اڀري آهي. پر اڄ مابعد جديديت پٽاندڙ نٿو لکيو وڃي. ان جا ڪي خاص ڪارڻ اوهان کي سُجهن ٿا؟
    جديديت اسان وٽ هنر جي معرفت آئي. اها 1960 واري ڏهاڪي جي ڳالهه آهي تڏهن انڊيا مان آکاڻي، رابيل، ساهت ڌارا جديديت جا رسالا هئا. اسان جا اديب انهن مان متاثر ٿيا. هتي اسان وٽ سوجهرو آيو جنهن ۾ شين کي نئين رنگ ۽ ڍنگ سان شامل ڪيو ويو. ماڻڪ ۽ مشتاق شورو ٻئي اهم ليکڪ ٿي سامهون آيا. پر خاص طور ماڻڪ، جيڪو پرائمري استاد هوندو هو. پر ان جو اڀياس ڪمال جو هو. مان ته ماڻڪ کان جهڙوڪ سکيو هئس. اڳتي قدم رسالو منهنجو هوندو هو. پئسا منهنجا هوندا هئا. پر ايڊيٽوريل بورڊ جو چيئرمين ماڻڪ هوندو هو. ماڻڪ، شوڪت شورو، امداد حسيني ۽ مشتاق شورو به ايڊيٽوريل بورڊ ۾ هوندا هئا. آئون ٿورو گهڻو دوستيون نڀائي ويندو هئس. پر ماڻڪ مونکي سختي سان جهليو ته دوستيون ناهن نڀائڻيون. توهان صرف ايڊيٽوريل لکو. هن مونکي چيو ته تون ساڳي پرچي ۾ جي.ايم.سيد کي به ڇاپين ٿو ته رسول بخش پليجي کي به جاءِ ڏين ٿو. اها ڊبل پاليسي آهي. ائين ڪري تون ماڻهن کي منجهائين ٿو.
    جديديت جي ڳالهه پئي هلي ته اهو لاڙو اسان وٽ هندستان معرفت ضرور آيو. پر جيئن تاج بلوچ چيو، ’اسان جي فڪر ۾ ڌرتيءَ جو عنصر هو. جيڪو هندستانين وٽ نه هو. انڪري جديديت اسان وٽ وڌيڪ فڪر انگيز ٿي اڀري‘

    توهان ڪهاڻين لکڻ ۾ هڪ نئين ٽيڪنيڪ ڪتب آندي آهي. ڪهاڻين جي وچ ۾ وضاحتي جملا، حقيقتون جاين ۽ اصل تاريخن جا حوالا، تاريخي قصن کي ڪتب آندو آهي. اهو سنڌي ادب ۾ هڪ نئون اسلوب چئجي. توهان ان جي انسپائيريشن ڪنهن کان ورتي يا اهي شيون پاڻ هرتو توهان جي تحريرن ۾ آيون آهن؟
    مان متاثر ته گهڻن کان ٿيو آهيان. پر تجربو منهنجو پنهنجو آهي. سنڌي ڪهاڻي ۾ اهڙو اسلوب اڳ نه آيو. نه ڪو وري نثري نظم اهڙي پيراڻي ۾ اڳ لکيا ويا. مشاهدو منهنجو پنهنجو آهي. مثال طور مان جڏهن چوڏهين جي چنڊ کي ڏسان ۽ ڪجهه محسوس ڪيان ٿو ته اهي فيلنگس منهنجون پنهنجيون آهن. آئون جڏهن پندرهين تاريخ جي چنڊ اڀرندي ڏسان ٿو جنهن جو ڌار حسن آهي، اونداهي راتين کان آئون ڌار انسپائيريشن وٺان ٿو، شام جو اڪيلو تارو آهي. صبح جو سوير جاڳي ڪري وهائو تاري جو حسن ڏسڻ، درياهه جون موجون ڏسڻ يا سج لهڻ جو منظر يا وري ڪنڊ ۾ جڏهن جهاز روانو ٿيڻ کان اڳ هڪ سائرن وڄائي ٿو. آئون انهن شين مان انسپائريشن وٺان ٿو. رومانس هميشه مون کي متاثر ڪيو آهي.
    اهڙي ريت منهنجي زندگيءَ ۾ ڪيل مشاهدا منهنجا پنهنجا آهن. باقي مان قرة العين کان گهڻو متاثر هيس ان کي مون ترجمو به ڪيو آهي. ٻاهريون ادب به پڙهيو اٿم باقي مون ڪڏهن به ويهي ڪري اهو طئي ناهي ڪيو ته مان هيئن يا هونئن لکان. لکڻ ويٺس ته شيون لکجي وڃن ٿيون. پوءِ اها ڪهاڻي هجي يا نثري نظم.

    اڄ ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ فاصلو وڌي ويو آهي ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ ڪٿي ائين ته ناهي قاري ڪجهه ٻيو ٿو پڙهڻ چاهي ۽ رائيٽر ڪجهه ٻيو ٿو لکي؟
    ڪنهن حد تائين توهان درست آهيو ته ماڻهو ڪجهه ٻيو ٿا پڙهڻ چاهين اسان انهن کي ڪجهه ٻيو پيا ڏيون. هڪ ڳالهه طئي آهي ته پڙهندڙ بهرحال موجود آهي. جڏهن پڙهندڙ اسان کان ٽٽي ويو ته اها ٽرئجڊي هوندي. ڇاڪاڻ ته پڙهڻ جو هئڻ ضروري آهي. اڄ لکندڙ تمام گهڻا آهن پڙهندڙن جو لاڙو ڪجهه ڊائيورٽ ضرور ٿيو آهي پر هو موجود ضرور آهن. اسان کي پڙهندڙ جي ٽيسٽ آهر لکڻو پوندو.

    توهان جي ڪهاڻين کي پڙهندي محسوس ٿيندو آهي ته هر ڪهاڻي هڪ طويل نثري نظم آهي ۽ توهان جي نثري نظم کي پڙهندڙ محسوس ٿيندو آهي ته هر نثري نظم مختصر ڪهاڻي آهي. اها ٽيڪنيڪ پڻ هڪ نئين آهي. اهو تجربو ڪيئن رهيو؟
    اصل ۾ منهنجي اندر ۾ هڪ شاعر ۽ حساس ماڻهو موجود آهي. جيڪو ڪنهن کي به ڏکائڻ نٿو چاهي. ڪو دؤر هيو جو تاج بلوچ چوندو هو ته تون گوهيون هڻين ٿو؟ پر هاڻي عمر وڌي وئي آهي.
    مان وهي ۾ ايڊونچرسٽ به هئس ته سياست ۾ به ايڪٽو هئس. حيدرآباد ۾ جي.ايم.سيد جي پارٽي جو جهنڊو اڪيلي منهنجي گهر تي لڳل هوندو هو. منهنجو گهر اديبن جي عوامي آماجگاهه بڻيل هو. منهنجي گهر ۾ مومن مليراڻي به ايندو هو. مشتاق عاملاڻي جڏهن سياڻو هو تڏهن به ايندو هو ۽ هاڻي جڏهن چريو ٿي ويو تڏهن به ايندو آهي. جي.ايم.سيد ٻه دفعا منهنجي گهر آيو. شير محمد مري آيو. شير محمد مري جو ڪمال جو حافظو هو. هڪ دفعي آئون طارق اشرف سان گڏجي ڪراچي آيو هئس. هاءِ ڪورٽ ۾ شير محمد مري جو ڪيس هلندڙ هو. اسان اتي ساڻس ملياسين ته هن طارق اشرف کان پڇيو ته حيدرآباد ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو ايندو هيو؟ طارق کيس چيو اهو هيءَ مدد علي سنڌي آهي. اها ڳالهه طارق اشرف پنهنجي ڪتاب ۾ به لکي آهي. ان سان منهنجي دل وڏي ٿي وئي. آئون جيستائين سياست ۾ هئس مون آڻ نه مڃي. مون تي 20 کان مٿي ڊي.پي.آر جا ڪيس هئا ڪجهه مرڊر ڪيس هئا. پوءِ ڪيس ختم ٿيا. پر حقيقت ۾ سياست تان منهنجي دل تڏهن ڀڳي. جڏهن منهنجي ڪري منهنجي پوڙهي پيءُ کي لاڪپ ڪيو هئائون. مون سياست تان هٿ کنيو ۽ صحافت ۾ آيس صحافت جي سلسلي ۾ قاضي عابد وٽ ڪم ڪيو. قاضي اڪبر جي نوڪري ڪئي. محترمه بينظير ڀٽو مونکي پنهنجي اخبار جو چيف ايڊيٽر ڪري رکيو. هلال پاڪستان سان سلهاڙيل رهيسس. حمزي پليجي وٽ به ڪم ڪيم ۽ ارباب رحيم جو پريس سيڪريٽري به ٿي رهيو آهيان.

    صحافتي طور توهان جو ڪردار ڪيئن رهيو؟
    مون کان جنهن به پليٽ فارم تي جيڪو ڪجهه پڳو اهو مون ڪيو. مون نون نوجوانن کي اڳتي آندو انهن جي تربيت ڪئي . صحافت سيکاري جيڪي اڄ سٺن عهدن تي آهن، ڪي ته ڊي سي ۽ سيڪريٽري به ٿيا. حسن مجبتى، اعجاز منگي، ناز سهتي، جامي چنڊئي سميت ٻين به ڪيترن ئي نوجوانن کي مون صحافت ۾ آندو. ۽ انهن کي همٿايو. اڄ سيکارڻ جو رواج ڪونهي. اسان ڏکئي وقت ۾ صحافت ڪئي. ٻولي جي معاملي تي آواز اٿاريو. ايم.آر.ڊي هجي. يا ٻي تحريڪ اسان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. مون سمباليڪل ايڊيٽوريل به لکيا. ڇاڪاڻ ته اهو سينسرشپ جو دور هو. مون هڪ ايڊيٽوريل لکيو. اسين مجبور آهيون. ها اسان مجبور آهيون اسان ڪجهه نٿا ڪري سگهون. ٻي ڏينهن تي مونکي آفيس ۾ گهرايو ويو پڇائون،
    ’مون چيو مجبور آهيون؟.
    پڇيائون،

    يه ڪيا لکا ہي؟
    مون چيو،
    همي تنخواهين ملتي مين، هم مجبور هين!
    هنن چيو
    يه ڪون سي مجبوري هي؟

    مون چيو،
    ذاتي مسائل ڀي تو هين، صرف ايم آر ڊي تو نهين
    پوءِ وڃي جان ڇٽي.


    1955ع کان 1990ع تائين ڪهاڻي سگهاري هئي ۽ اشوز تي لکيو ويو. اڄ توڙي جي انهن ڪهاڻين ۾ اهي شيون محسوس نٿيون ٿين ڇاڪاڻ ته حالتون بدليل آهن، پر ڇا اڄوڪي ڪهاڻي پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪري پئي؟
    ٽارگيٽ پورو ٿيڻ کپي. اڄ به معاملا ۽ مسئلا آهن. انهن تي لکجي به پيو. پر آبزويشن جو ٿورو ڦيرو آهي. پوين ڏينهن ۾ آئون هڪڙي ضلعي ۾ ويو هئس. مون ڏٺو ته هڪڙي همراهه مراد واهه مان پيئڻ جو پاڻي ٿي ڀريو. مون کيس چيو ادا اهو ته الاهي ميرو پاڻي آهي. هن چيو ادا خدا جو شڪر آهي. اهو پاڻي به ملي ته ٿو. يعني ماڻهن جا مسئلا موجود آهن. هڪ هنڌ سرڪاري اسڪول نم جي ڪاٺين ۽ پنن جا ٺهيل هئا. ٻوڏ دؤران ڪيترائي مسئلا ڏٺاسين. معنى مسئلا موجود آهن ضرورت آهي انهن کي فوڪس ڪرڻ جي. يورپ ۾ ته ڪهاڻي ۽ رپورٽنگ هڪ ٿي وئي آهي. يعني جيڪا حقيقت آهي اهائي ڪهاڻي آهي. يعني اسان کي لکڻ کپي. جيڪڏهن نٿا لکون ته اها هڪ ٽرئجڊي آهي.

    توهان چئو ٿا يورپ ۾ ڪهاڻي ۽ رپوتاز هڪ ٿي ويا آهن، پوءِ ڪهاڻي جو فن ۽ فڪر ڪٿي اسٽينڊ ٿو ڪري؟
    منهنجي چوڻ جو مقصد هو ته واقعن کي اسٽوريز واري انداز ۾ پيش ڪيو پيو وڃي. ڪيترن ئي واقعن، حادثن ۽ معاملن کي اهڙي طريقي سان رپورٽ ڪيو پيو وڃي. جهڙوڪر ڪهاڻي هجي. جيئن مون چيو ته مون وٽ منرل واٽر هو ۽ غريب هاري وٽ ميرو ۽ گدلو پاڻي هو ۽ هو وري به شڪر پيو ڪري ته کيس اهو پاڻي به ميسر ته آهي. اسان کي اهڙي طرح اسان کي اهڙن معاملن ۽ اهنجن کي رپورٽ ڪري ڪهاڻيون لکڻ گهرجن. ڪو دؤر هوندو هو جڏهن مان سنڌ جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پيو رلندو هئس. عبدالقادر جوڻيجي لکيو آهي ته ڪو ماڻهو ڪنهن پروگرام وغيره ۾ جيڪڏهن سهڪي سهڪي پهچي ۽ هن جي هڪ پير ۾ چپل هجي ۽ ٻي ۾ نه هجي ته پڪ سمجهو اهو مدد علي سنڌي هوندي. سو اسانجي اديبن ۽ صحافين کي به ائين ئي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.
    ڇا اليڪٽرانڪ ميڊيا توقعات تي پوري لٿي آهي؟
    سنڌي اليڪٽرانڪ ميڊيا ته پنهنجو ڪردار ائين ادا ناهي ڪيو جيئن ان کي ڪرڻ کپي ها- البته اردو ميڊيا پوءِ به ڪم ڪري پئي. ٻوڏ دؤران طلعت حسين حامد مير وغيره پاڻي ۾ وڃي رپورٽنگ ڪندا رهيا. اسانجي سنڌي صحافين به ٽڪو-پنجو ڪيو. پر هنن کي پگهارون ملن ئي نٿيون. ويچارا اڪثر پرائمري ماستر آهن اهي ڪهڙو ڪم ڪندا.
    مون پنهنجي اکين سان ڏٺو ته سيوهڻ کان دادو تائين رستو ٻوڏ ۾ وهي ويو هو ڪنهن هڪ چينل به رپورٽ ڪونه ڏني. پرائمري ماستر ڪيستائين رپورٽنگ ڪندو. اردو وارا سٺيون پگهارون ڏين ٿا انڪري ڪم به سٺو پيو ٿئي. اسان وٽ معاملو ئي ابتڙ آهي. سنڌي اخبارون ڪالمن جا پئسا نٿيون ڏين ته ائين ڪير لکندو. سنڌ ۾ آيل ڪرپشن جي لهر ۾ ائين سمجهو ته سنڌي ميڊيا به لڙهي وئي آهي.


    ادبي حلقن ۾ توهان بابت هڪ ڪنٽرا ورسي عام آهي ته توهان جو هڪ دؤر هو ’اڳتي قدم‘ رسالي وارو ۽ جاکوڙي قومي ڪارڪن وارو، ٻي دؤر ۾ توهان ضياءُ الحق جي ڏينهن ۾ ريڊيو پاڪستان تان هلندڙ پروگرام ’ظلم ڪي داستان‘ ۾ شريڪ ٿيا ۽ ڀٽي صاحب جي دؤر ۾ پاڻ مٿان ٿيل ظلمن بابت تفصيل ٻڌايا ۽ آخر ۾ مشرف دؤر ۾ توهان ارباب غلام رحيم جا ميڊيا ايڊوائيزر ٿي رهيا. اهي تضاد ناهن؟
    اصل تضاد آهي جڏهن ماڻهو تحريڪ ۾ رهندي تحريڪ کي وڪڻن. مون ائين ڪڏهن به ڪونه ڪيو. مان جيستائين تحريڪ سان واڳيل هيس، مون ڪم ڪيو ۽ مون کي اها به خبر نه هئي ته CM هائوس ڪاٿي آهي؟ مون کي ياد آهي ته غوث علي شاهه جڏهن وڏو وزير ٿيو هو ته مون کي CM هائوس اچڻ جي دعوت ملي هئي ته آئون پڇا ڪري اُتي پهتو هيس ته CM هائوس هو ڪٿي. مون عرفان الله مروت لاءِ انتظار ڪندڙ ’ٻن قومپرست‘ اڳواڻن کي سندن سامهون کين چيو هو ته قومپرست اڳواڻ آهيو. ٿوري پنهنجي ڊگنٽي رکو، ٻنهي ڄڻن جا فوٽو هلال پاڪستان ۾ ڇپيا هئا. چوڻ جو مقصد آهي ته مان جڏهن تحريڪ ۾ هئس ته مون ڪم ڪيو. ۽ مون تي بغاوت جي ڪيس سميت 22 ڪيس به لڳا ۽ مون منهن ڏنو. پوءِ آئون صحافت ۾ آيس. جيئن توهان آهيو. توهان سوجهري جي ايڊيٽر جي حيثيت سان مونکان انٽرويو ڪيو پيا اهو توهان کي ڪرڻو آهي. هڪ اداري ۾ رهندي توهان انڪار نٿا ڪري سگهو، ’آئون مدد علي سنڌي کان انٽرويو نه وٺندس‘ توهان کي انٽرويو وٺڻو آهي. آئون به جڏهن صحافي هيس ته مختلف ماڻهن جي پريس ڪانفرنسن کي ڪور ڪندو هيس. مونکي ياد آهي. جڏهن ضياءُ الحق دادو مان پادر کائي آيو هو ته هن سنڌي ايڊيٽرن کي سڏايو هو. مون قاضي اسلم کي چيو ته هتان نڪرون. آئون ته نڪري ويس پر پوءِ هن جيڪو قاضي عابد سان ڳالهايو اهو خوفناڪ هو. سو چوڻ جو مقصد آهي هڪ صحافي جي حيثيت ۾ توهان کي ڪم ڪرڻو پوندو آهي.
    مون قاضي اڪبر ۽ قاضي عابد، جي اخبارن ۾ ڪم ڪيو. مون هلال پاڪستان ۽ بينظير ڀٽو جي بختاور اخبار ۾ به ڪم ڪيو. مون کي ياد آهي ڀٽ شاهه تي محترمه کي ڪنهن چيو ته توهان هڪ متضاد ماڻهوءَ کي ايڊيٽر ڪيو آهي ته محترمه کيس چيو ڪرڪيٽ جي ٽيم ۾ ماڻهو هميشه پنهنجي پسند جا رانديگر رکندو آهي. مون به ائين ئي ڪيو آهي. منهنجي طبيعت ۾ هڪ خود سري آهي. منهنجي عزت تي جڏهن به حرف آيو آهي مون نوڪري ڇڏي علي احمد بروهي سان ملازمن جي ڪڍڻ تان جهيڙو ٿيو. هن مونکي چيو هلال پاڪستان مان سو ملازم ڪڍ! مون جواب ڏيئي ڇڏيس. ته آئون ماڻهن کي بيروزگار نه ڪندس. هن چيو لکت ۾ جواب ڏي. مون جواب ڏنو ۽ نوڪري ڇڏي ڏني. هن کي ڀٽي جي دشمني ۾ اخبار ئي ختم ڪرڻي هئي. هن ائين ئي ڪيو. پهريان اخبار يونين کي وڪڻي ڏنائين. پوءِ يونين به اخبار کپائي ڇڏي. هن وقت اخبار هلال پاڪستان سٺي حال ۾ نه پئي هلي.
    اوهان ’ظلم ڪي داستان‘ جي ڳالهه ڪئي. ته ان پروگرام ۾ مون جيڪ چيو اهو حقيقت تي ٻڌل هو. مون ڏانهن سائين جي.ايم.سيد ماڻهو موڪليو ته پروگرام ۾ پيش ٿي تڏهن آئون ويس، پر هن وقت آئون ذاتي طور سمجهان ٿو ته مونکي ان پروگرام ۾ نه وڃڻ گهرجي ها. مون کي پنهنجي غلطي جو احساس آهي. مون کي پروگرام ۾ نه وڃڻ کپندو هو. ارباب رحيم جي توهان ڳالهه ڪئي اصل ته ادا جي وفات کانپوءِ اسانجي فيملي انتهائي مالي مشڪلاتن جي ور چڙهي ويئي. سچ اخبار بند پيل هئي. مون اها جاري ڪئي. پر جڏهن حمزو پليجو گذاري ويو ته سند پٽ جا رويا الاهي مٽيل هئا. منهنجي ڌيءَ کي ڌڪ لڳو علاج جي لاءِ پئسا به ڪونه هئا. ارباب رحيم سان هڪ دعوت ۾ ملاقات ٿي. هن مون کان پڇيو، ’ڇا پيو ڪرين؟‘ مون چيو، ’واندو آهيان.‘ هن مونکي پاڻ سان ڪم ڪرڻ لاءِ چيو. مون چيس ’نوڪري ڏکي آهي سوچي ٻڌائيندس. جڏهن منهنجي ڌيءَ کي ڌڪ لڳو ۽ علاج لاءِ منهنجي گهر واري ڪنهن کان اڌارا ٽي هزار رپيا ورتا ته پوءِ مون نوڪري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ پوءِ نوڪري ڪئي. پر مون نوڪري باوقار طريقي سان ڪئي. ارباب رحيم سنڌي ٻولي بابت جيڪو بيان ڏنو اهو کيس مون لکي ڏنو هو. جنهن تحت گورنر کي اهو چيو ويو هو ته کيس نصاب مان سنڌي ٻولي ختم ڪرڻ جو اختيار ئي نه هو. ارباب رحيم ڪالاباغ ڊيم تي پڻ هاڪاري رول ادا ڪيو. باقي سندس پنهنجي ٻولي ڪهڙي هئي، Bossis always right.
    اهي سڀ ڳالهيون توهان جي سامهون آهن. باقي آئون ماڻهن جي پرواهه ناهيان ڪندو. ماڻڪ ’لڙهندڙ نسل‘ ٻي نالي سان ڇپايو هو. مون تي جڏهن بغاوت جو ڪيس هليو ته مون کان پڇيو ويو، ’ماڻڪ ڪير آهي؟‘ مون چيو، ’مونکي خبر ناهي. مون وٽ سندس افسانا ايندا آهن ۽ آئون ڇاپي ڇڏيندو آهيان. يعني مون تي سختيون به ٿيون پر مون ماڻڪ بابت ڪنهن کي به نه ڏسيو. ائين ڪو مون بابت ڇاپيو چوي مون کي پرواهه ناهي.

    ماهورا ” سوجهرو“ جي ٿورن سان
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جون 2014
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    تمام بهترين انٽرويو. سوجهرو وارن جي پڻ مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو