اسان جو بزرگ ساٿي، محمد عثمان ڏيپلائي!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    584
    ورتل پسنديدگيون:
    1,303
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    اسان جو بزرگ ساٿي، محمد عثمان ڏيپلائي!
    محمد ابراهم جويو
    ڪائنات جي هر ذي حيات شي کي موت جو ذائقو چکڻو آهي، بلڪ ان جي هر بيجان سيءِ به، پنهنجي پاڻ ۾ ۽ پنهنجي اندر هر گهڙيءَ انهيءُ موت ۽ حيات جو آما جگاهه رهي ٿي ۽ انهيءَ فنا ۽ تزخليق جي تماشي کي ، خود پنهنجي ذات جي حوالي سان ، ڏسي ٿي ۽ ماڻي ٿي .

    درحقيقت اهو موت ۽ حيات جو سلسوئي آيه ، جيڪو سڄي ڪائنات جي اُپجڻ ۽ قائم رهڻجو بنيادي سبب به آهي، بنيادي محرڪ به آهي. هن سڄي ڪائناتي مانڊاڻجي ڪارڪردگيءَ ۽ بقا جو اصول ۽* ضمانت به اهائي فنا ۽ تخليق جي عمل آرائي آهي .

    اسين انسان، جي هن ڪائنات جا ئي جزا آهيون، سي اُن موت ۽ حيات ، فنا ۽ تخليق جي اثر کان ۽ ان جي دائري عمل کان هر گز محفوظ نه آهيو ۽ نه رهي سگهو ٿا.

    اسان انسانن جو امتياز هن سلسلي ۾ رو ايترو آهي، جو اسين فنا ۽ تخليق جي ان اصول کي سمجهي ان جي قانونن کي ۽ انهن جي ڪاريگريءَ ۽ ڪارستانيءَ کي سمجهي، انساني حيات کي خاص طرح ۽ حيات عموميءَ کي عام طرح ، اُن جي مطابقت سان بيهاري ۽ هلائي، سکيو بنايون ٿا ، وڌايون ٿا ۽ وجهايون ٿا ۽ دلپسن ۽ سڦل ڪريون ٿا. ٻي ڪابه جاندار شيءِ سواءِ اسان انسانن جي، ائين نه ڪري ٿي ۽ نه ڪري سگهي ٿي .

    رڳو پنهنجي جيئن جي وٿيءَ کي ٿو ڏسجي ته اسان ان کي ابتدائي دور جي 20، 25 سالن جي اوسط سان وڌائي، خوشحال ۽ مهذب ملڪن ۾ ته 70، 75 سالن جي اوسط تائين آندو آهي . اها اسان جي ڪاميابي پنهنجيءَ جاءِ تي، اسان جي تخليقي سگهه ۽ صلاحيت جي تمام وڏي ڪاميابي آهي.

    پر انساني حياتيءَ جي وٿي، انفرادي طور ، ڪيتري به وڏي ، 30 سال هجي يا هڪ سئو سال ٿئي، ان مان ان فرد جي ذات لاءِ ڪو خاص فرق ڪو نه ٿو پوي ، ڇو ته هن جي حياتي، سڀڪنهن جي حياتي، نيٺ به پڄاڻيءَ تي پهچڻي آهي ۽ پهچي ٿي.

    حضرت عيسيٰ مسيح جي حياتي 30 سال ۽ 9 مهينا ٿي ، پر ڪيڏي نه اها پڪ ۽ عظيم ، امر حياتي هئي هن جي دور ۾ توڙي اڄ اسان وٽ ، ان کان ٻيڻيءَ بلڪ ان کان ٽيڻيءَ عمر جا به ڪيترا مڻهو جيئن ٿا، پر انهن جي نيٺ به مرڻ کان پوءِ ڪو چئي سهندو ته هو مري ڄاوا ۽ پنهنجي حياتي سجائي ۽ سڦلي ڪري ويا افسوس آهي، جو ائين فط ڪن خاص ماڻهن لاءِ چئي ٿو سگهجي ۽ اها هڪ بيحد وڏي خوشيءَ جي ڳالهه آهي.

    ڄمڻ ۽ڄڻڻ زندگيءَ جي طعي ڪارڪردگي آهي، ان ۾ انساني امتياز ۽ عظمت، انساني شرف ۽ تڪريم جو ڪو نشان يا عمل دخل ڪو نهي اها عظمت ۽ اهو خصوصي شان فقط ان ۾ ظاهر ٿو ٿئي ته ڪنهن انسان پنهنجي زندگي ڪيتريقدر حيات دشمن يا انسان دشمن طاقتن جي ٽڪر ۾ گذاري۽ اجتماعي حيات انسانيءَ جي ڪيتري اضافي، ڪيرتري سک ، ڪيتريءَ سونهن ۽ ڪيريءَ سڦلتا لاءِ مّصوص ڪئي ۽ خرچ ڪئي.

    ائين ڪا زندگي فقط تڏهن ٿي خرچ ٿئي . پوءِ اها ڪيتري به مختصر زندگي ڇو نه هجي، جڏهن اها پاڻ لاءِ نه پر ٻين لاءَ خرچ ٿئي ؛ مطلب ته حيات دشمن طاقتن خلاف وڙهنديم، جن کا انسان دشمن طاقتون يا بديءَءُ جو شيطاني طاقتون چئون ٿا، ڪيتريقدر ڪو فرد پنهنجي زندگي ائين ڪڙي ڪري ٿو ، پنهنجو سُک سهنج ۽ پڻ پنهنجو ساهه قربان ڪري ٿو ، اوتري قدرئي، مهذب انساني قدرن موجب چئجي ٿو ته ان فرد جي زندگي سهج ۽ سونهن ڀري ۽ سڦلي گذري ۽ ان جو موت به سرهو سيبتو ٿيو. في الدنيا حسنته وفي الآخرت حسنت جو مطلب اهوئي آهي. دنيا جو مطل زندگي ۽ آخرت جو مطلب پڄاڻيءَ يا موت کان پوءِ نتيجي طور پوئين لاءِ ڇڏيل خير ۽ ڀلائي.

    مون اڳي هڪ موقعي تي پنهنجي دوست ۽ ساٿيءَ محترم ۽ مهربان، حق آشنا۽ انسان دوست، محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي زندگيءَ جي اهڙيءَسڪرميءَ ۽ سڦلتا بابت هڪ مضمونپڙهيو، جيڪو اڄ آءُ هتي وري پڙهڻ چاهيا ٿو ، هيءُ مضمون مون 6 سپٽمبر 1979ع تي سنڌ گرئجوئيٽس اسوسيئيشن طرفان ڏيپلائي صاحٻ سان ملهايل ” ادبي شام جي موقعي تيپڙهيو هو. ان موقعي تي مون چيو هو ته .

    ” انسان جي عظمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي وس آهر پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿڻ جو اُمنگ رکي ۽ اُدم ڪري. پاڻ مان ٻاهر نڪرڻ جو مطلب آهي ته پنهنجي مفاد سان گڏ ٻئي جي مفاد جو خيال ڪري، بللڪ پنهنجي مفاد کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي مفاد کي اهميت ڏئي.

    ڌرتي کان مٿي ٿاڻجو مطلب آهي ته گهڙيءَ جي مفاد کيگهڻي وقت جي مفاد لاءِ ۽ هو هاڻي جي مفاد کي پوءِ جي مفاد لاءِ قربان ڪري.

    ” محترم محمد عثٿمان ڏيپلائيءَ کي جيئن آءُ سڃاڻان، تيئين منهنجي نظر ۾ هو ٻين لاءِ جيئن جي اهڙي اُمنگ ۽ مستقبل جي بهتريءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ مثال آهي.

    اءُ ڇو ٿو چوان ته ڏيپلائي صاحجھب ، منهنجي لاءِ انهيءَ بنيادي انساني عظمت جو هڪ مثال آهي؟ انهيءَ ڪري، جو جڏهن کان آءُ سندس واقف ٿيو آهيا،، لڳ ڀڳ ٽيهارو سالن جو عرصو چئجي، تڏهن کان مون کين پنهنجي مفاد کان گهڻولاپرواهه ۽ سنسندل، مستقبل جي اميدان ۾ سدائين ڀريل ڏٺي اهي، جڏهن به مون کيساڻن دلجمعيءَ سان ڪچهري ڪرڻ جو موقعو مليو آهي، تڏهن مونکين آئيندي جو ڪو نه ڪو سهڻو خواب لهندي ڏٺو آهي ۽ پوءِ پاڻ ئي اڪثر اُن کي پنهنجي اسڪيم نمبر هڪ سئوو هڪ سڏي ٿورو کنگهي، نريءَ کي سوئي، عام طرح وڏو پر ڪڏهن ڪڏهن ننڍو ٽهڪ ڏيئي، ڪنهن نهن ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جو نقل کڻي ٻڌائيندا ، جنهن کي ٻڌي ، حال کان بيخبر ۽ لاپرواهه سندس پاڻ جهڙي ئي انهيءَ مستقنبل جي خفتيءءَ تي کل به اچي ويندي ۽ قياس به. ڏپيلائي صاحب جي حال کان اها لاپرواهي ۽ مستقبل ۾ اها محويت پنهنجي لاءِ نه، پر سدائين پنهنجي ڪم جي حوالي سان ٻين جي ڀلائيءَ يعني عام ڀلائيءَ لاءِ هوندي آهي. زندگيءَ ڏانهن سندس روش مون کي ڪنهنناٽڪ يا کيل جي اهڙي ائڪٽر يا ڪردار جيان لڳندي آهي، جنهن کي اها هر گز پرواهه نه هوندي آهي ته هو اسٽيج جي وچ ته، ڪنڊ ۾ يا پٺيان بيٺو آهي، يا هن کي ڏسندڙن يا ٻڌندڙن کان ڪيتري واهه واهه ملي رهي آهي، پر هو فقط پنهنجي سونپيل يا پسند ڪيل ڪردار جي ادائگيءَ ۾ محو هوندو آهي.

    ڏيپلائي صاحب زندگيءَ جي ناٽڪ ۾ پاڻ لاءِ ڪهڙو ڪردار پسند ڪيو ۽ شروع کان يعني پنهنجي سن شعور کان ۽ هيلتائين اهو ادا ڪندا آهيا آهن، ان جي ٺڄاڻ ضروري آهي ۽ پوءِ ئي چئي سگهبو ته پاڻ اهو ڪردار پنهنجي وس آهر پاڻ کان پاسي ٿي ۽ ڌرتيءَ کان مٿڀرو اُڀري ادا ڪندا آيا آهن يا ـ ۽ جي هائو ته ڪيتري قدر . ڪو انسان ڪيتريءَ وٿ جو آهي، اُن جو ڪاٿو به ائين زندگيءَ ۾ سندس ڪردار جي سڃاڻپ ۽ ان ڪردار جي سندس ادائگيءَ جي عوع مان ئي ٿي سگهندو آهي: ۽ نهنته ڪنهن انسان کي ڄاڻڻ ايتروئي مشڪل آهي، جيترو ٻيءَ ڪنهن اوچي کان اوچي غيب جي ڳالهه کي يا شيءَ کي.

    جيئن عام کيل ۾ تيئن زندگيءَ جي کيل م به ماڻهوءَ لاءِ فقط ٽي ڪردارئي ادا ڪرڻ لاءِ موجود ٿين ٿا. هيرو جو ڪردار، ولين جو ڪردار ۽ سائيڊ رول، سڄي کيل جو مقصد آهي ته شيطان کي يعني بديءَ کي شڪست اچي يا ڪم ازم ڪم اُن سان جنگ جاري ريه. اُن ۾ بئي ڪردار يعنني بديءَ جي دوستيءَ ۽ بديءَ جي دشمنيءَ کان سواءِ ڪنهن تماشائيءَ جي رول جي ڪا گندجائش ڪانهن هوندي آهي ۽ هر ڪردار پنهنجيءَ جاءِ ته اهم آهي ۽ اُن جي عظمت جو بنياد جيئن مٿي مون عرض ڪيو ، ان ڳالهه ۾ آهي ته اهو ڪيتريءَ ڪاميابيءَ سان ادا ٿئي ٿو يا ڪيو وڃي ٿو.

    محترم ڏيپلائيءَ جي زندگي هيرو جي زندگي رهي آهي، خاموش، پائدار ۽ لاڳيتي: پنهنجي والاد لاءِءَ کپنهنجي ڳوٺ ڏيپلي لاءِ پنهنجي ضلعي ٿر لاءِ ۽ پنهجن هم وطن لکن انسانن لاءِ ۽ پڻ انهن ٿورن پاڻ جهڙن. اڌ چرين اڌ سياڻ، شصسن لاءِ جيڪي پاڻ کي اديب چوائين ٿا. سندس اولاد پنهنجي سڄي ماڻهپي لاءِ ۽ پنهنجي سڄي دنيوي مان ۽ مرتبي لاءِ پاڻ لي سندن شڪر گذار سمجهي ٿو. ٿر جو ڏيپلو، سنڌ ۾ خاص طرح تعليم ۽ عملداريءَ جي ميدان ۾ اڄ ايترو ، جو اڳرو آهي، اُن ۾ ڏيپلائي صاحب جي همرچي ( همراهه اچو! ) جي هوڪاري ۽ پڻ سندن ذاتي مثال جو هڪ رهنمائي رول رهيو آهي. سنڌ ۾ ته ڏيپلائي يعني ”ڏيپلي“ وارو ، اڃ فقط محترم محمد عثمان ڏيپلائي صاحب جن پاڻ ئي سڏجن ٿا ۽ ڳڻجن ٿان.

    اسين اڄ ٿر جي صحرائي فضا ۽ پڻ ٿر جي عام ماڻهن جي مسڪينيءَ مان ۽ مريادا سان ايترا ته شناسا آهيون، اُن ۾ ٿر جي ٻين عوام دوست ۽ محب وطن اديبن ۽ سماجي ڪارڪنن سان گڏ ڏيپلائي صاحب جي خاص ادبي ۽ سماجي ڪوشش جو وڏو دخل رهيوآهي. سنڌ جي ذهني فضا تي آڻ ڄاڻائيءَ اٻوجهائيءَ ۽ ويساهه وسوڙپ جي جيڪا ڪارٺ ڇانيل رهي آهي، اُن جي ڪوري ڪڍڻ ۽ صاف ڪرڻ جي هلندڙ عمل ۾ ڏيپلائي صاحٻ جي قلمي فڪري ڪوشش جو هڪ بنههه وڏو ۽ اتساهڪ رول رهيو آحي. سنڌ جي ادبين لاءِ محترم ڏيپلائيءَ جي ڏاهپ ۽ نماڻائي ، همت ۽ حوصلو ، سچائي ۽ سادگي، اورچائي ۽ محبت، اڄ به هڪ وڏو مثال آهي. هن وت هو هڪ ناچاڪ پيرسن ماڻهو آهي، ٻه ڀيرا فالج جو حملو ٿيل اٿس، سندس هٿ جي لکندڙ آڱرين ۾ ايتروست نه رهيوآهي، تڏهن به تازو پاڻ “ايراني صورتحال تي ناول لکيو اٿن.

    نيڪيءَ ۽ بديءَ جي دائمي جنگ ۾، ڏيپلائي صاحب رڳو، قلم کان ئي ڪم ڪو نه ورتو آهي. سندن زبان، هن جهاد ۾ سندسن قلم کان وڌيڪ مصروف ۽ مستعد رهي آهي. جيڪي سندن ڪچهريءَ ۾ ويٺا آهن ۽ ويهندا رهن ٿا، انهن کي معلوم آهي ته هو پنهنجي ڳالهين ۾ ڪوڙ، منافقئيءَ ۽ مڪر جي خلاف، ڏهڪاءَ ڏاڍ ۽ طلم جي خلاف، ٽرڙائپ، بي ايمانيءَ ۽ بداعماليءَ جي خلاف ڪيريءَ بي ريائي ۽ بي ڊپائيءَ ۽ بي تڪلفيءَ سان ڳالهيون ڪندا ۽ ڳالهيون ٻڌندا، کلندا ۽ چٿرون ڪندا، نقل نظير ۽ ٽوٽڪا کڻندا ۽ ٻڌائيندا، ڳالهه ڳالهه تي منجهائينداڙ سوال پڇندا ۽ ٽيڪا ٽپڻيون ڪندا رهند آهن . ڳالهه مان ڳالهه ڪڍڻ ته ڪو کانئن سکي. ٻئي جي ڳالهه ٻڌندي ٻڌندي ، کين اهڙي ڪا نئين تز ۽ تکي ڳالهه يا اچي وئي ته اتي جو اُتي، ٻارن وانگر آڱوٺي ۽ اـر جو ڇلو ٺاهي ويهي رهندا ته مٿان اها وسري نه وڃي. وقتي ،پاڻ ئي ڳالهائيندي ڳالهائيندي، آتي جو اُتي پنهنجي قميص جي ڪنڊ ۾ ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا.

    هوڏانهن اڳئين جي ڳالهه ٿي نه آهي يا سندن پنهنجي هڪڙي ڳالهه ختم ٿي نه آهي ، ۽ هيڏانهن اهو آڱرين جو کلو کُلليو نه آهي۽ قميص جي ڳنڍ ڇڙي نه آهي. بس ڪجهه کنگهڪار، ڪجهه نڙيءَ جي صفائي، ڪجهه ٽهڪ ٻڌبو ۽ ڏيپلائي صاحب جي اصلي سون جهڙي صاف ۽ املهه ڪا ڳلاهه ، ڪوٽوٽڪو ۽ڪو نئون نقل نطير شروع ٿي ويندو. ويجهڙائيءَ ۾ منهنجي اها شديد خواهش رهي آهي ته ننڍڙو ڪو ٽيپ رڪارڊر منهنجي ڪارائيءَ ۾ ٻڌل يا کيسي ۾ پيل هجي ۽ ڏيپلائي صاح جون اُهي ڳالهين مان اٿندڙ اڻکٽ ڳالهيون ائين رڪارڊ ڪري ڇڏيان، جو کين خبر به نه پويـ رڳو تنهن ڏينهن آءُ ۽ ڏيپلائي صاحب اڪيلا وٺاهئاسين ته ڪنهن ريت ڪو گدڙ جو نقل ڇڙي پيو ... پوءِ ته ڏيپلائي صاحب گدر جا ايترا نقل ۽ توٽڪا ٻڌايا، جو دل ۾ آيم ته ڪنهن تازه دم ننڍيءَ ٽهيءَ جي ليکڪکي چون ته هڪڙي ڪنهن وڏي ڪتا جي ترتيب هٿ ۾ کڻي، جنهن ۾ سنڌي سماج جي لوڪ ڏاهپ، جيڪا ائين گدڙ کي لوڪ ڪردار بڻائڻ بيان ڪئي وئي آهي، آها اُن ۾ جمع ٿئي ۽ هميشه لاءِ محفوظ ٿي وڃي.... ته ڏيپلائي صاحب جي چهري ۽ سندن زباني ڳالهه ٻولهه به بديءَ جي خلاف سندسن جيون سنگرام ۾ هڪ عملي اظهار آهي، ۽ جن سندن اُهي ڇر ڪائيندڙ ۽ سرت ۽ ساڃهه ڏيندڙ ڳالهيون ٻڌيون آهن، اُهي ئي جو قدر ڪري سگهندا.

    مون ڏيپلاڻيءَ صاحب جي ادب جو يا ذاي ڪردار جو مطالعو ڪيو آهي، ته مون کي ائين ڏسڻ ۾ آيو آهي ته ، سواءِ سندن ابتدائي تصنيفي دور جي، جنهن کي پاڻ ئ.ي پنهنجو جاهليت جو دور، سنڏيو ۽ پڻ لکيو اٿن، زندگيءَ جي منچ تي ڏيپلائي صاحب جي سامهون بديءَ جا چار زندگه نشان يا ڪردار رهيا آهن ۽ اهي هي اهن: اوهان کي اسان کي سڀني کا انهن جا نالا معلوم هجڻ گهرج، ڇو ته پوءِ ئي، سنڌ جي حوالي سان، ڏيپلائي صاحب جي سورميائي ڪردار کي اسين سمجهي سگهنداسين. ڏيپلائيءَ جي آڏو اُهي چار ولين هي آهن. هڪڙو پير، ٻيو ملو ، ٽيون زميندار۽ شاهوڪار، ۽ چوٿون ڪامورو. بلڪل انهيءَ ترتيب سان ـ ۽ ان ۾ يعني اُن ترتيب ۾ ڏيپلائي صاحب سان البت اختلاف جي گنجائش سا ٿي سگهي ٿي ـ ۽ سنڌ ۾ سنڌي سماج جي سموري نڀاڳ ۽ ناڪاميءَ لاءِ پڻ انهيءَ چونڪڙي وارا آُهي چار ذميدار رهيا آهن. ڏيپلائيصآحب جي قلم ۽ زبان جي سموري قوت، سندن افسانا، ناول، ناٽڪ ۽ ٻيا علمي ڪتاب ۽ مضون جن جو رڳو شمار ۽ نالن جو تفصيل ئي ڪو هن موقعي تي اسان کي ٻڌائي ها ته به چڱو؛ يعني ڏيپلاڻي صاحب جي سموري تصنيفي ڪاوش ۽ ڪوشش، سنڌ جي انسانن کي انهن چئن نوڙن مان ڇڏائڻ ۽ آزاد ڪرئڻ ۾ مصروف رهي آهي، ۽ سنڌ جو اسان چئو کنڀو ٻڌل به انهن چئن نوڙن ۾ آهي ۽ اهيئي چار سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم سماج لاءِ سموري قوت ۽ سموري اقتدار جا ملڪ آهن، ۽ ڇا ڪاڻ ته خود اُهي پاڻ بهڪن ٻين جا غلام ۽ محتاج آهن، انهيءَ ڪري هڪ پاسي بزدل، بي عزت ۽ ويچارا به آهن يعني پنهنجن آقائن جي ڳيان، جن جا ڇاڙتا، ڪمدار ۽ چغل بڻجي کين جيتڻو پوي ٿو، ۽ ٻئي پاسي هو پاڻ ڪٺور، بيحِس ۽ طاقتور آهن، ڇو ته سندن هٿن ۾ نور آهن. پنهنجي هم وطن ۽ هم قوم هيڻن ۽ زبان هوندي بي زبان گگدامن کي ٻڌي رکڻ لاءِ اهڙن اکين ڍڪيل، اڻٽر، بي همت ۽ بيڪار پر نوڙ هٿن ۾ کڻ يگهمندڙ بکين ۽ خونخوار چئن وليني ڪردارن سان وڙهڻ، هڪ وڏي بي غرضيءِ ۽ بلندي نگاهيءَ جو ڪم آهي، سواءِ اُنهن جي، جيڪي پاڻ کان پاسي ٿيڻ ۽ ڌرتيءَ کان مٿي اُٿي جو اُمنگ رکن ٿا ۽ عمل ڄاڻن ٿا، ٻئي ڪنهن وس جي ڳالهه ناهي.

    انسان جي واقعي عطمت هيءَ آهي ته هو پنهنجي مفاد سان گڏبلڪ اُن کان پهريائين ۽ اُن کان وڌيڪ ٻئي جي مفاد کي اهم سمجهي ۽ اُن جو خيال ڪري ۽ ٻيو ته فوري ۽ وقتي مفاد کي دور واري ۽ دائمي مفاد تي قربان ڪري ـ ۽ انهيءَ ڪريئي پهريائين مون چيو هو ته آءُ پنهنجي بزرگ ۽ پياري دوست ۽ ساٿيءَ محترم محمد عثمام ڏيپلائيءَ کي جيئن سڃاڻان ٿو، تيئن منهنجي نظرن ۾ هو ٻين لاءِ جيئڻ جي اهڙي امنگ ۽ مستقبل جي سرخروئيءَ لاءِ اهڙي اُدم جو هڪ نمايان مٿال آهي، ۽ ان لاءِ آءُ کين سلام ڪريان ٿو.“

    هتي منهنجو 6 سيپپٽمبر 1979ع تي پڙهيل اُهومضون پورو ٿيو.

    ڏيپلائي مرحوم ، تحقيق هڪ پربهار شخصيت جو مالڪ هو. آپيبازي ۽ نراسائي، هن جي ڪوهين ويجهو به ڪڏهن ڪانه آئي . پوين ڏينهن ۾ آءُ اڪثر ساڻس گڏبو هوس ۽ جيتوڻيڪ سندن شگفته طبيعت مان اهائي تازگي پئي بکندي هئي، پر سندن ضعف جو خيال رکندي، آءُ کين ڳالهائڻ جي گهڻي تڪليف ڏيڻ کان عذر ڪندو هئس. ڪجهه سندن ٽوٽڪا ۽ پر لطف گفتا ۽ ڳالهين هلندي ٻڌايائون، جنهن تهمون کي نشي جا کيپ ڏئي ڇڏيا ۽ رستي پنڌ، سُتي ويٺي ڪيئي ڏينهن پيو اُن کي وري وري چوندو ۽ هونگاريندو هئس. اهو شعر انساني اُمنگ ۽ اڌمي جي اٿاهه ۽ اکٽ اايڪتا بات آهي. شعر آهي.



    کهي جائيگي کتاب دل کي تفسيرين بهت،هون گي لي خوابب جواني تيري تعبيرين بهت

    ٻيو شعر جيڪو بهمون کي کانئن بنهه پوئين ملاقات ۾ مليو، ۽ پوءِ اڪثر پاڻ اهو پڙهندا هئا، سو عظيم مقصد لاءِ ۽ اعليٰ عشق جي راهه ۾ انسان جي پرشوق سرفروشيءَ بابت آهي شعر اهي ته :


    چڙها منصور سولي پر پکار پريم والون کو
    يه اُس کي بام کازينه هه، که آئه جس کا جي چاهي

    هن شعر کان پوءِ ڏيپلائي مرحوم هر ڀير لطيف سائينءَ جو هيءُ بيت پڙهنو هو ۽ پڙهندي دل ڀڄي پوندي هئس ۽ اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي ايندويون هيس ؛


    تون جي ڪالهه مئي، ته ڪالهه ئي گڏينءَ پرينءَ کي
    ڪڏهن ڪانه سُئي ته ڪا سگهي گڏي سڄڻين!

    هڪڙو نظم، جيڪو جيدي سنڌي شعر جي هڪ لافاني تخليق آهي، اهو به آءُ ڏيپلائي مرحوم جي ياد جي هن موقعي تي پڙهي ٻڌائڻ گهرن ٿو، ڇو ته هيءُ نظم کين ڏاڍو وڻندو هو ۽ وقت بوقت پاڻ اُهو پڙهندا هئا. ڪيترائي ڀيرا هيءُ نظم پرهندي پاڻ مون کي ٻڌائيندا هئا ته ڪنهن موقعي تي هي نظم پاڻ مرحوم شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي سندن پير سنيءَ ۾ پڙهي ٻڌايو هئائون ته شيخ صاحب جي دل تي اُن جو اهڙو دل ڀِڄائيندڙ اثر ٿيو هو، جو سندن اکين مان ڳوڙها زارو قطار وهي نڪتا هئا! هي نظم ڏيپلائي مرحوم پنهنجي زندگيءَ جي آخري لکيل ۽ ڇپايل ڪتاب ” انقلاب ايران، ۾ به آندو آهي. نظم انهن مسيحي صفت انسانن بابت آهي، جيڪي فوري سپک قربان ڪريءَ ذاتي مفاد پسنديءَ کان مٿي اُڀري، دائمي چڱائيءَ ۽ ٻين جي خير ۽ ڀلائيءَ لاءِ زندگيءَ جا ڏينهن گذاري، هن دنيا ۾ پنهنجو وارو وڄائي ويا. نظم شيخ اياز جو رچيل آهي:


    جي پنهنجو نور نچوئي ويا ۽ تُنهنجي جوت جلائي ويا،
    سي لڙڪ مٽيءَ ۾ لوئي ويا، پر ڇا ڇا موتي پائي ويا!

    سي وڻ وڻ لوڏي واءُ ٿيا، سي پن پن ۾ پڙلاءُ ٿيا،
    جن بن بن بين وڄائي ويا، جي تن من واري ڳائي ويا.

    مون ڌرتي تنهنجا ڌڱ ڏٺا، مون تن جا لويل لڱ ڏٺا،
    جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا.

    مون اڻ ٿيڻا انسان ڏٺا،مون سوريءَ تي سومان ڏٺا،
    اي ڌرتي! ڇا ڇا ڪونڌر ها، جي پنهنجا ڪنڌ ڪپائي ويا!
    مون ويندي تن جا پير ڏٺا، مون ڇاڇا مڙس مٿير ڏٺا!
    جي ڪيئي سج اُڀاري ويا، جي ڪيئي سج سمائي ويا.

    مون ڪاتيءَ هيٺيان ڪنڌ ڏٺا، مون ساڻا ساڻا سنڌ ڏٺآ،
    مون ڇا ڇا مائيءَ لال ڏٺا، جي لوئيءَ لڄ بچائي ويا!​


    سي جيءَ جيارا ماڻهو ها، سي سڀ کان پيارا ماڻهو ها،
    جن ساهه ڏئي، ويساهه ڏنو، جي دل ۾ دود دُکائي ويا.

    ڪلهه رات مسافر آيا ها، جن پنهنجا جيءَ جلايا ها،
    ٿي ڇاڇا ڄرُ ڪا ڄاڻ ڪري! هو ڪيڏا مچ مچائي ويا.

    ڇا ڇا نه وسيهر ـ ونگ هيا! پر نانگاير نسنگ هيا!
    جي تنهنجو روپ نکاري ويا، جي تنهنجي سيندڌ سجائي ويا.

    ڇانعرا ها، ڇا نينهن هيا! هو مڙس هيا يا شينهن هيا!
    جي ڏونگرـ ڏيل ڏڪائي ويا، گجگوڙ ڪري گرمائي ويا.

    آ ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه مڻيا، پر مون کي اهڙا مڙس وڻيا،
    جي سارو جڳ جرڪائي ويا، پر پنهنجو پاڻ ڀلائي ويا.

    جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس نه ويندا مور منان،
    جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سرو سچ ٻڌائي ويا.

    جن پاسو ورتو ڪوڙ ڪنان، هي مڙس نه ويندا مور منان،
    جن واڪي واڪي وس ڪيا، جي سارو سچ ٻڌائي ويا.

    هو بادل بادل آيا ها، جن جل ٿل ڀال ڀلايا ها.
    اي کيت کِڙو، اوشال ٽڙو! هو پنهنجا مينهن وسائي ويا.

    ويا پريت ڏئي هو پاڻيارا، اڄ ڪينجهر تن جا ڪاڻيارا،
    ڇا راڱا تن سان سان رُڃ ڪيا ، جي تنهنجي اُڃ اجهائي ويا!

    هو پيار ـ پتنگا کامي ويا، ۽ ڪيڏو دور اُڏامي ويا !
    پر تنهنجي منهنجي ڏيئي ۾ ، هو پنهنجي جوت سمائي ويا

    اڄ ڇو هه انهن جا ڇوليءَ ۾ ، اڄ ٻول انهن جا ٻوليءَ ۾ ،
    اي ڌرتي ؟ تنهنجي جهوليءَ ۾ جي سوريهه سيُس ڇپائي ويا.

    هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي جهوليءَ جهوليءَ گل ڦل!
    ويا سانول ڇا ڇا ارڏا ڪنڌ، اڏي! جي توکي ميندي لائي ويا.

    هي برهه به ڪوئي بڙ آهي! ڇا جانٺي اُن جي جڙ آهي!
    مون اُن ۾ ڪيئي ڏار ڏٺا، جي ڇانو ڪري، من ڀائي ويا.

    اي آري! تنهنجي اُڍ هئي، پر ڏنگر ڏاڍو ڏاڍ ڪيا !
    هي تنهنجا پيارا پيراها، جي پنهنجو پنڌ پڄائي ويا

    ڪيئن تو کي ڪاري ٻاٽ مڃان، ٿي چڻنگ ڪري چمڪاٽ اڃان،
    آٽم ٽم ٽم ٽم لاٽ اڃان، جا جوڳي ڪالهه جلائي ويا.

    هيءَ جانِ ته اچڻي وڃڻي آ، پر مرندي مات نه مڃڻي آ ،
    مون اهڙا سو سانو نت ڏٺا، جي پنهنجو هٺ هلائي ويا.

    ڏس! باک ڀليري آئي آ، ڏس! سنڌ مٿان سرهائي آ!
    ڇو تن جي لاءِ ”اياز“ رُنين، جي مارو ماڳ مٽائي ويا!

    سو اسان کي روئڻو ڪونهي، ڏيپلائيءَ جهڙين زندگين تي روئڻو ناهي. مون کي يقين آهي ته ڏيپلائيءَ مئو ناهي، هو جيئرو آهي. هن جو ڪم ، هن جا پيرا، هن جا اسان جي مٽيءَ ۾ لويل لڙڪ، موتين جهڙا، هن جا اسان جي دل ۾ ڊُکيل درد، هن جا اسان کي ٻڌايل سچ، هن جا اسان جي جل ٿل تي وسايل مينهن، هن جي جلايل جوت، جيڪا اسان وٽ جيسين اسان جي سنڌي ٻولي زندهه آهي، سدا چمڪندڙ لات جيان ٽم ٽم ٻرندي رهندي، ۽ هن جون اسان جي هن مائيدار مائيتيٻوليءَ ۾ اسان وٽ ڇڏيل ڳالهيون ۽ امر ٻول، هن جي اسان کي ڏنل اها سڄي دين ، اسان وٽ سدا موجود رهندي، بت يا جسم ڪا شيءَ ڪانهي.. مٽي آهي، جا وري به مٽيءَ سان وڃِ ٿي ملي ۽ مٽي ٿيو وڃي. پر


    هي چوٽيءَ چوٽيءَ تي مشعل! هي جهولي جهوليءَ ۾ گل ڦل!
    ويا سانول ڇا ڇا سڳ ڇڏي، ڇا جندڙيءَ کي جرڪائي ويا.

    اهي مشعل، اهي گل ڦل، اهي سون ورنا سڳ، جيڪي اسان جي زندگين کي اجارڻ وارا آهن، اُهي اسانوٽ اسان جو سرمايو آهن، اسان جو ورثو آهن. اسان جي اصل مٽي اها آهي، جنهن ۾ اسان جون پاڙون بيٺل آهن.اسنا جي وڏن به اهائي الملهه مٽي اسان وٽ ڇڏي، اسين پاڻ به پنهجن پونيرن لاءِ اهائي ڪجهه ڇڏي سگهنداسين ۽ا انهن جا پونيان به انهي ئي اکنڊ جوت جي ڪا تازي چڻنگ ٻاري، پنهنجن وپونيرن لاءِ ڇڏيندا... ۽ انساني تهذيب جي وڌندڙ اکٽ اجالي کي وڌيڪ ۽ وڌيڪ جرڪائڻ لاءِ ائين اسين پنهنجي حصي جي اُها ئي جيءَ جيار امر جوت آڻيندا رهنداسين: ڇو ته بني نوع انسان جي هن ويع مانڊاڻ ۽ گوناگو هتذيبي تجمل ۾ اسن جو ، اسان جي سنڌ جو، ۽ اسان جي سنڌي تهذيب جو، جيڪو حصو ۽ جيڪو ڪردار آهي، سو اسان کي ئي ادا ڪرڻو آهي. ۽اُهو اسان کان سواءِ ٻيو ڪو ادا ڪري ئي نٿو سگهي.

    اسان کي پنهجن عظيم بزرگن، ڏيپلائيءَ جهڙن مٿيرن مڙسن، ڪونڌرن، ساه سيبائيندڙ ماڻهن ۽ جو ڳيئڙن جي حيات ۽ موت کي انهيءَ معنيٰ ۾ ڏسڻو، پرکڻو ۽ پنهنجي پنهنجي پيش قدميءَ لاءِ نشانِ راهه بڻائڻو اهي

    شال اسان کي انهيءَ پرک، انهيءَ پسند ۽ انهيءَ پيروريءَ جي سرت ۽ سگهه نصيب ٿيندي رهي.

    ڏيپلائي مرحوم جي ياد، ڏيپلائي مرحوم سان عقيدت ۽ هن جي ڪم سان پيار ۽ وفاداري، اسان کان بس اِهوئي گهري ٿي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    678
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    سانگهڙ ناول جي خالق محمد عثمان ڏيپلائي، جنهن کي سنڌ ناول نگاري جو باني سڏجي ٿو. ان بابت چونڊ ڪالم ونڊڻ تي وڏا وڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو