ميان نور محمد جا قبا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏16 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام مصطفيٰ سولنگي

    [​IMG]
    سنڌ جي تاريخ جي سونهريءَ دور جا اهڃاڻ ميان نور محمد ڪلهوڙي جا قبا 64 ايڪڙن تي پکڙيل سنڌ جو اهو تاريخي ماڳ آهي جنهن سان سنڌ جي سياسي، دفاعي، ثقافتي، معاشي ۽ عملي ترقيءَ جا ڪيترائي شاندار باب سلهاڙيل آهن.

    ميان نور محمد جا قبا، جتي هينئر خاموشيءَ ۽ اداسيءَ پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيا آهن. ڪنهن دور ۾ هڪ وسيل ۽ برسيل شهر هيو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو تخت گاهه هيو، جنهن کي محمد آباد جي نالي سان سڏيو ويندو هيو.

    هيءُ ماڳ موري شهر کان سورنهن ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي ۽ تعلقي دولت پور ضلعي نواب شاهه جي ڳوٺ مقيم ڏاهريءَ کان 2 ڪلو ميٽر اولهه ۾ واقع آهي.

    سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته ميان نور محمد ڪلهوڙو سال 1681ع ڌاري پيدا ٿيو. ان ئي سال ميان نصير محمد ڪلهوڙي موجوده خيرپور ناٿن شاهه ضلعيءَ دادوءَ ڀرسان ڳاڙهي جي علائقي ۾ پنهنجي خانداني حاڪميت جو بنياد رکيو.

    پنهنجي پيءُ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وفات کان پوءِ ميان نور محمد، سال 1719ع ۾ خدا آباد ۾ تخت نشين ٿيو. پاڻ ڪلهوڙا خاندان جو چوٿون حڪمران هيو. دهليءَ جي درٻار پاران کيس “خدا يار خان” جو لقب ڏنو ويو هو. پاڻ تمام گهڻي سياسي بصيرت ۽ ڏاهپ رکندڙ شخص هيو. اهو ئي سبب آهي جو سندس دور ۾ سنڌ جو سمورو پرڳڻو لاڙ کان وٺي سبيءَ تائين هڪ وحدت بنجي ويو. ميان نور محمد سنڌ جو پهريون، ڪلهوڙا خاندان جو حڪمران هيو، جنهن ارغونن کان پوءِ سڄيءَ سنڌ تي حڪمراني ڪئي.

    سال 1740ع ۾ نادر شاهه سنڌ تي ڀرپور حملو ڪيو ۽ طاقت جي آڌار تي سڄيءَ سنڌ کي ايران جي قبضي ۾ آڻي ڇڏيائين. ميان صاحب جا ٽي پٽ به ايران ۾ يرغمال ڪري رکيا ويا. سال 1747ع ۾ نادر شاهه کي ايران ۾ قتل ڪيو ويو ته سنڌ به ايران کان آجي ٿي وئي. هاڻي ميان صاحب سنڌ جي وحدت کي سگهارو ڪرڻ لاءِ نهايت وقتائتا فيصلا ڪيا. هڪ ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کان توپون خريد ڪيون ويون، جن مان هڪ توپ اڄ به عمرڪوٽ قلعي ۾ موجود آهي. ٻيو فيصلو اهو ڪيو ويو جو تخت گاهه خداآباد جي بلڪل سامهون محمد آباد نالي هڪ نئون شهر آباد ڪيو ويو ته جيئن دفاعي لحاظ کان سنڌ جي اوڀارين ۽ لاڙ واري علائقي کي مضبوط ۽ محفوظ رکي سگهجي.

    ناليوارو تاريخدان اعجاز الحق قدوسي پنهنجي ڪتاب “سنڌ جي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته “محمد آباد جي پيڙهه ميان نور محمد رکي هئي ۽ هيءُ هڪ خوبصورت شهر هيو.”

    ڊاڪٽر محمد لائق زرداريءَ پنهنجي ڪتاب “ تاريخ ضلع نواب شاهه” ۾ لکيو آهي ته “ميان نور محمد 1750ع ۾ پنهنجو ڪتاب “ منشور الوصيت في دستور الحڪومت” لکي پورو ڪيو. هن سال مراد ياب خان وطن واپس پهتو. کيس ولي عهد بنائي ميان صاحب نئين اڏايل شهر محمد آباد ڏانهن منتقل ڪيو ويو.”

    سنڌ جي تاريخ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دور کي نهايت سهڻن لفظن ۾ ياد ڪيو ويو آهي. جن به حڪمرانن سنڌ کي سياسي ۽ دفاعي لحاظ کان تمام گهڻو سگهارو ڪيو، تن ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جو نالو نهايت مٿانهون آهي. پاڻ سنڌ جي ترقيءَ لاءِ جيڪي به ڪم ڪيائين، تن کي هرگز وساري نه ٿو سگهجي. نادر شاهه ۽ احمد شاهه ابداليءَ جي آفتن کي مڙسيءَ سان منهن ڏنائين ۽ ڳري ڏن جي باوجود سنڌ جي زراعت کي تمام گهڻي ترقي وٺرايائين. ناليواري تاريخ دان ۽ آبپاشيءَ جي ماهر مرحوم ايم ايڇ پنهور جي کوجنا مطابق “ميان نور محمد ڪلهوڙي سنڌ ۾ 550 واهه کوٽرايا. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي تاريخ ۾ کيس King of Irrigation سڏيو وڃي ٿو. برطانوي دور ۾ سنڌ جي آبپاشي سرشتي تي کوجنا ڪندڙ ماهر مسٽر ڊيل هوسٽ، ميان صاحب پاران کوٽايل واهن جا نالا ڏنا آهن، جهڙوڪ: پراڻ واهه، نارو، اڙل واهه، ڦليلي گوني واهه، پيڃاري واهه، لکي واهه، سيتا واهه، بگهاڙ واهه، دادو واهه، گهاڙ واهه، امر ڪس واهه، نور واهه، سدا واهه، وهري واهه ۽ سنڌو واهه انهن واهن جي انتظام ڪري سنڌ جي زراعت بيحد ترقي ڪئي.

    ميان نور محمد علم ۽ ادب جو تمام وڏو قدردان هيو. سندس دور ۾ عالمن ۽ اديبن کي وڏي حيثيت حاصل هئي. سندس دور جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي پروڙ، سنڌ جي تاريخ تي لکيل ڪتابن مان پوي ٿي. مثال طور: سليمان بيگ، اسلم ايراني، ابوالحسن ايراني، تراب ابن ابو احمد، جعفر شيرازي، ابو تراب منعم، دائود خان، ذڪي ڪرماني، محمد زمان، محمد محفوظ سرخوش، مير عبدالجليل بلگرامي، مير محمد بلگرامي، مير غلام علي آزاد، عاشق اصفهاني، منشي عبدالرئوف بکري، شيوڪ رام عطارد، مير قمرالدين عطارد لاهوري، مرزا علي مدد ايراني، علي گاز روني، فنا جالنڌري، مير علي شير قانع ٺٽوي، قوي فاروقي، محسن ٺٽوي، قانع سيوستاني، شيخ مزمل، مستمند ڪاشاني، حڪيم عبدالرزاق اصفهاني مشرب، نجم الدين مير، نسيم امروهوي، محمد وفا سيوستاني جامع، مخدوم معين بيراگي، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي.

    ميان صاحب “منشور الوصيت في دستور الحڪومت” نالي سان هڪ وصيت نالو پنهنجي پٽن لاءِ لکيو هيو. ان وصيت نامي مان سندس اعليٰ آدرشن، اسلامي ۽ سياسي سوچ، شخصيت جي بلندي ۽ ڪردار جي پاڪ ۽ صاف هجڻ جو ڏس ملي ٿو.

    ميان نور محمد 9 ڊسمبر 1753ع ۾ جيسلمير وٽ وفات ڪئي. سندس خواهش موجب کيس محمد آباد ۾ دفنايو ويو. اهڙيءَ طرح محمد آباد تخت گاهه بدلجي مدفن گاهه بنجي ويو. ان کان پوءِ وري هالا ڀرسان خداآباد ثالث کي ڪلهوڙن جو تخت گاهه بنايو ويو ۽ بعد ۾ وري حيدرآباد – محمد آباد وري ڪڏهن به آباد نه ٿيو. پر هن شهر جي تاريخ اڄ به مقبرن جي صورت ۾ ضرور آباد آهي.

    ميان نور محمد جيئري ئي ان جاءِ تي دفن ٿيڻ جو پٽن کي چئي ڇڏيو هيو، جتي هينئر سندس مقبرو آهي. قبر مٿان قبو سندس وڏي پٽ محمد مراد ياب خان اڏايو هيو. هن قبي جي ڊزائن ٺٽي جي مشهور ڪاريگر استاد ابو بڪر ٺاهي هئي. مقبري تي ڪاشيءَ ۽ گلڪاريءَ جو ڪم سندس پنجين نمبر پٽ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سال 1763ع ۾ ڪرايو هيو.

    قبي جي اندر ميان صاحب جي قبر آهي. ان کان سواءِ هڪ ٻي ننڍي قبر پڻ آهي جيڪا سندس پوٽي ميان علي مراد جي آهي.

    ميان نور محمد جو مقبرو هڪ اوچي پليٽ فارم تي ٺهيل آهي. اٺ ڪنڊي شڪل وارو هي مقبرو چورس 14.45X 14.45 چورس ميٽر ويڪرو، جڏهن ته ان جي اوچائي 18 ميٽر آهي. مقبري کي ٻاهران پڪ سري ڀت ڏنل آهي، جنهن جي ماپ 67.10X44.90 ميٽر آهي. هن مقبري کي اوڀارين پاسي کان هڪ لنگهه جو دروازو آهي، جنهن جي مٿان هڪ گنبذي ٺهيل آهي. اهو محرابي دروازو آهي، جنهن تي اڪر سان خطاطي ٿيل آهي. قرآن پاڪ جي آيتن، ڪلمي پاڪ ۽ آيت الڪرسيءَ جي اڪر دروازي تي واضع نظر اچي ٿي. ان کان سواءِ دروازي تي گلن ٻوٽن جي اڪر به نهايت وڻندڙ آهي. مقبري جي ٻاهرين ديوارن کي پٿر جي بلاڪن سان مضبوط ڪيو ويو آهي. انهن بلاڪن تي نه رڳو سهڻي گلڪاري ڪئي وئي آهي، پر انهن تي فارسي شعرن جي اڪر به ڏاڍي ٺاهوڪي ٿي لڳي.

    سڄي مقبري ۾ ڪاشيءَ جا ٽائيل ڪثرت سان استعمال ڪيا ويا آهن. نيرا، اڇا، ڳاڙهسرا ۽ هلڪا ساوا ٽائيل هن مقبري جي سونهن سوڀيا کي ٻيڻو ڪري ٿا ڇڏين.

    ڪلهوڙا دور جي ٻين سمورين اڏاوتن وانگر هي مقبرو به پڪين سرن مان ٺهيل آهي. انهن سرن جي ماپ 18.4X26 سينٽي ميٽر آهي. سرن مٿان گچ گارو، چيرولي ۽ پٿر جون سليبون ڪتب آنديون ويون آهن. مقبري جي اندرئين گولائين ڇت نهايت ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺاهي وئي آهي، جنهن تي گلڪاريءَ جا مختلف نمونا ڏاڍا وڻندڙ آهن. ان ڇت جي ڊزائن، خدا آباد واري مسجد جي ڇت، ميان يار محمد ڪلهوڙي جي مقبري جي ڇت ۽ لاڙڪاڻي ۾ موجود شاهه بهاري جي مقبري جي ڇت سان گهڻي هڪجهڙائي رکي ٿي.

    مقبري جي ٻاهران آڳر تي ڏيڍ فوٽين سنهين پڪين سرن واريون ڪجهه قبرون به موجود آهن، جن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ميان صاحب جي ڪجهه گهر ڀاتين ۽ مٽن مائٽن جون آهن.

    مقبري جي ڇت تي چڙهڻ لاءِ هڪ سوڙهي ڏاڪڻ پڻ ٺاهي وئي آهي. مٿي وري مختلف ڊزائنن واريون گنبذيون پڻ اڏايون ويون آهن، جن ۾ اڇو چونو ڪتب آندو ويو آهي.

    ميان صاحب جي مقبري جي مجاوري شروع کان وٺي جتوئي فقير ڪندا پيا اچن. لهڻو خان، پارو خان ۽ سلطان خان خاص مجاور ٿي گذريا آهن.

    هن مقبري جي ٻاهران هڪ ڪچي مسجد پڻ ٺهيل آهي، جيڪا هن وقت باقي وڃي بچي آهي، پر کنڊر ٻڌائين ٿا ته ڪنهن دور ۾ هيءَ ويچاري مائي مسجد نهايت شاندار هوندي.

    ميان نور محمد جي مقبري کان اتر اولهه ڪنڊ تي سڏ پنڌ تي واقع گلان بيگم جو مقبرو آهي. گلان بيگم پنهنجي دور جي مشهور ڳائڻي هئي. پوءِ وري ميان صاحب ساڻس شادي ڪئي جنهن مان سنڌ جو ناميارو حاڪم ميان غلام شاهه ڪلهوڙو پيدا ٿيو هو.

    انهن قبن کان علاوهه ڇهه ٻيا قبا به هن گجگاهه قبرستان ۾ موجود آهن. اهي قبا آڍي خان، ٻڍي خان، جلال خان، صحبت خان ڏنگڙاج، مراد ڪليري ۽ قائم خان ڪورائيءَ جا آهن. اڏاوت جي لحاظ کان اهي سمورا قبا لڳ ڀڳ هڪجهڙا ۽ نهايت نرالا آهن.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور

    انهن قبن کان علاوهه ڇهه ٻيا قبا به هن گجگاهه قبرستان ۾ موجود آهن. اهي قبا آڍي خان، ٻڍي خان، جلال خان، صحبت خان ڏنگڙاج، مراد ڪليري ۽ قائم خان ڪورائيءَ جا آهن. اڏاوت جي لحاظ کان اهي سمورا قبا لڳ ڀڳ هڪجهڙا ۽ نهايت نرالا آهن
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هي ليک اڳ به سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي شيئر ڪيل آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نصرالله ڏاهري

    نصرالله ڏاهري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 مارچ 2020
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    زبردست سائين
    پر خدا يار جو لقب ته سندس والد يار محمد ڪلهوڙي کي مليو هو، جنهن صوفي شاهه عنايت شهيد جي سر جو سودو مغلن سان هو.
     
هن صفحي کي مشهور ڪريو