منصور سرور
سينيئر رڪن
مان اعتراف ٿي ڪريان ته منهنجا ٻار ڪلاسيڪل سنڌي ٻولي شاهه ڀٽائي جي ٻولي ۽ ٻين سنڌي صوفي شاعرن جي ٺيٺ سنڌي ٻولي نه ٿا پڙهي سگهن ۽ نه ٿا سمجهي سگهن، جيڪا پنهنجي جاءَ تي منهنجي لاءِ پريشاني جي به ڳالهه آهي. شرمندگي جو به احساس ڏياري ٿي.
جيتوڻيڪ اسان جو گهريلو ماحول سنڌي آهي، گهر ۾ سنڌي ڳالهايون ٿا ۽ خاص ڪري مون پنهنجن ٻارن کي پاڻ گهر ۾ ويهي سنڌي پڙهائي آهي، جنهن سبب هو گهر ۾ ايندڙ سنڌي اخبارون ۽ رسالا پڙهي سگهن ٿا، پر سنڌن سنڌي ايتري معياري ۽ ادبي معيار جي سنڌي ناهي جو هو ڀٽائي پڙهي ۽ سمجهي سگهن انهي لاءِ مون کي کين اڃا گهڻو وقت ڏيڻ گهربو هو جيڪو شايد مان نه ڏئي سگهيم، انهيءَ جو مونکي ذاتي طور تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي.