سوال پڇو ! ڪورل ڊرا ۽ اڊاب ڦوٽوشاپ متعلق.!

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏17 جون 2014۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    السلام عليڪم دوستو !

    ڪالهه سنڌسلامت جي دوست محترم ابو واصف ۽ بشيراحمد سان ملاقات ٿي . تمام بهترين ڪچهري جاري هئي ته هڪ سوال جي جواب ۾ محترم ابو واصف فرمايو ته ”سنڌ سلامت جا دوست جيڪڏهن ڪا ٿريڊ اپلوڊ ڪرڻ تي ان متعلق سوال پڇن ته ڏاڍو سٺو لڳندو آهي.“ جيئن آئون ڪا ٿريڊ اپلوڊ ڪريان ٿو جنهن ۾ ڪا سکيا ڏنل آهي ته دوستن کي گهرجي ته حوصله افزائي ڪن ۽ سوال پڇندا رهن.
    اڪثر دوست سوال پڇڻ کان لنوائيندا آهن ته ڪيئن پڇانس ! الائي ٻڌائيندو الائي نه ! :)
    انهن سڀني دوستن کي عرض آهي ته جيڪڏهن توهان کي ڪوبه سوال پڇڻو آهي ۽ اوهان سڌو سنئون نٿا پُڇي سگهو يا اپلوڊ ڪيل ٿريڊ ۾ سڀني جي سامهون نٿا پڇي سگهو ته ذاتي ڪچهري ۾ سوال ڪريو!
    محترم ذيشان رشيد جا لک ٿورا جنهن مونکي هڪ سافٽويئر موڪليو، جنهن جي ذريعي آئون وڊيو ٽٽوريل ٺاهڻ جي تياري ۾ آهيان. دعائن جي به ضرورت آهي ۽ توهان جي سوالن جو انتظار به آهي، توهان جي سوال ڪرڻ جا توهان کي به فائدا آهن ته اسان کي به :) .

    مونکي اميد آهي ته توهان سوال ڪندا رهندا .

    جيڪڏهن ڪنهن دوست کي ايس.ايم.ايس ذريعي يا موبائل ڪال ذريعي سوال ڪرڻا هجن يا ڪورل ۽ اڊاب متعلق پڇا ڪرڻي هجي ته ان دوست کي ذاتي ڪچهري ۾ پنهنجو موبائل نمبر موڪليندس.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام سٺو سلسلو شروع ڪيو اٿئو.
    لک قرب ادا
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سکڻ ۽ سيکارڻ جو سلسلو شروع ڪيو ته ڪوشش ڪبي ته فيسبوڪ تي به ان جي شيئرنگ ڪري دوستن کي سکيا ۾ شامل ڪبو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا جمعي واري ڏينهن کان انشا الله شروعات ڪندس.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڪوشش ، جاري رکو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    پهريان مان ٿو سوال پچان ڪورل ڊرا بابت
    سوال اهيو آهي ته ڪورل ۾ ٽيڪسٽ کي سرڪل م ڪيئن ڪجي?
     
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام بهترين سوال

    جواب :
    سڀ کان پهرين ڪابه ٽيڪسٽ لکو ، ۽ پو هڪ سرڪل ٺاهيو.

    هاڻي ٽيڪسٽ ۽ سرڪل ٻنهي کي سلڪيٽ ڪريو. (پهرين سرڪل کي پڪڙي شفٽ دٻائي ٽيڪسٽ کي سليڪٽ ڪريو)

    ۽ پو
    Alt+t پريس ڪريو ۽ ٻيهر ٽي پريس ڪريو .
    يا وري مينيو بار ۾ وڃي اتان ٽيڪسٽ تي ڪرسر رکو جيڪا فلائي آئوٽس کُلندي ان ۾ لکيل هوندو Fit text to path ان تي ڪلڪ ڪريو . توهان جي ٽيڪسٽ سرڪل ۾ اچي ويندي.

    ان بابت وڊيو سکيا هن لنڪ تي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 جون 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مهرباني ادا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    فوٽو شاپ ۾ مخصوص ماپ جي نئين ٽيب کولي ان ۾ ٻه تصويرون ملائي ڪيئن رکجن؟
    ورڊ يا پاور پوائنٽ ۾ ته سليڪيٽ ڪري ننڍو وڏو ڪري سگهجي ٿو. فوٽو شاپ ۾ اهو ڪيئن ڪجي؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    مانائتا سائين! فوٽوشاپ ۾ مخصوص ماپ جون ٻه اميج مختلف طريقن سان رکي سگهجن ٿا. هتي کوڙ سارا گرافڪس جا ماهر آهن، اهي ضرور پنهنجا طريقا اوهان سان ونڊيندا...! آءٌ اوهان کي ڪجهه طريقا ٻُڌايان ٿو.


    (1) ريڪٽينگل مارڪوي (Rectangular Marquee) جي ذريعي مخصوص ماپ جا ٻه اميج ملائڻ


    اوهان ڪي به ٻه اميج کوليو، جيڪي اوهان نئين ٽيب ۾ رکڻ چاهيو ٿا.

    • ٽول بار مان ريڪٽينگل مارڪوي ٽول (Rectangular Marquee) سليڪٽ ڪريو.
    • هاڻي سب مينيو مان Style تي اچو. ايرو جي ذريعي Fixed size کي سليڪٽ ڪريو.
    • وڊٿ ۽ هائٽ ٻنهي ۾ پنهنجي هڪ جهڙي مخصوص سائيز ڏيو.
    • اوهان اميج تي هڪ ڀيرو ڪلڪ ڪندا ته اوهان جي مخصوص ڏنل سائيز سليڪٽ ٿيندي.
    ان اميج کي ڪنٽرول+ايڪس جي ذريعي Cut ڪري پنهنجي نئين ٽيب ۾ ڪنٽرول+وي ذريعي Paste ڪريو.
    • ساڳيو ئي عمل ٻئي اميج سان ورجايو.
    ڌيان جوڳي ڳالهه: هڪ ڳالهه جو ڌيان رهي ته نئين ٽيب وارو فائل لازمي طور تي مخصوص ماپ واري سائيز کان ٻيڻو هئڻ گهرجي، ته جيئن اهي ٻئي اميج ان ٽيب ۾ پيسٽ ٿي سگهن.

    هاڻي آءٌ نموني خاطر اميج ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

    [​IMG] [/IMG]

    (2) ڪِراپ ٽول (Crop) ذريعي مخصوص ماپ جون ٻه تصويرون ملائڻ

    ساڳيو عمل ڪِراپ ٽول (Crop) ذريعي پڻ ڪري سگهجي ٿو. ان جو به مٿي بيان ڪيل ساڳيو ئي طريقيڪار آهي، البت هي ڳالهيون قدري مختلف آهن.
    • ٽول بار مان ڪِراپ ٽول (Crop) سليڪٽ ڪريو.
    • هاڻي سب مينيو وڊٿ ۽ هائٽ ٻنهي ۾ پنهنجي هڪ جهڙي مخصوص سائيز ڏيو.
    • اميج کي مناسب سيٽنگ سان ڊريگ ڪري انٽر دٻائيندا.
    • اوهان جي مخصوص ڏنل سائيز موجب اميج سليڪٽ ٿيندو.
    ان اميج کي ڊريگ ڪري پنهنجي نئين ٽيب ۾ کڻي اچو. ساڳيو ئي عمل ٻئي اميج سان ورجايو. وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ ڏسو.

    [​IMG] [/IMG]

    (3) ٽرانسفارم (Transform) ذريعي مخصوص ماپ جون ٻه تصويرون ملائڻ

    اوهان نئين ٽيب کولي ان ۾ ڪي به ٻه اميج ڊريگ ڪري کڻي اچو. اسڪرين شاٽ ۾ ٻه اميج ڏيکاريا ويا آهن.

    [​IMG] [/IMG]
    • ساڄي طرف پاسي کان ليئر جي پئليٽ ۾ اوهان ساڳيا اميج ڏسندا.
    نوٽ: اميج جي شارٽ ڪَٽ ڪي ايف+7 آهي. جيڪڏهن ڪنهن وٽ ليئر جي پئليٽ ظاهر نه ٿئي ته ايف+7 جي ذريعي ظاهر ڪري سگهجي ٿي.
    • مُوو ٽول(Move) ذريعي ليئر2 کي سليڪٽ ڪريو.
    • ايڊٽ مينيو ۾ اچو. ٽرانسفارم تي اچو ۽ پوءِ اُتان اسڪيل کي دٻايو.
    نوٽ: ٽرانسفارم جي شارٽ ڪَٽ ڪي ڪنٽرول+ٽي آهي.
    هيءُ اسڪرين شاٽ اوهان جي رهنمائي ڪندو.

    [​IMG] [/IMG]
    • هاڻي ليئر 2 کي مرضيءَ مطابق ڊريگ ڪري ليئر 1 جي سائيز سان ملايو.
    هن اسڪرين شاٽ ۾ اوهان کي ٻنهي تصويرن جي سائيز برابر نموني ڏيکاري وئي آهي.

    [​IMG] [/IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏2 جولائي 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام سؤلي نموني سمجهايل آهي. تمام گهڻي مهرباني ادا ابو واصف.

    رمضان شريف جي پهرين روزي کان آئون هيستائين آئون نيٽ کان پري ٿي ويو آهيان ان جي وجه ڳوٺ جو ٽرانسفارمر خراب ٿيڻ ئي آهي.
    توهان جي مهرباني ، توهان محترم سائين عبدالحفيظ جَن کي تُرت جواب موڪليو.

    آئون طريقو نمبر 3 ۽ 2 استعمال ڪندو آهيان . طريقو نمبر 3 آسان آهي،

    پهريان مخصوص ماپ جي هڪ ٽيب کولي، پو ان ۾ ڪي به ٻه تصويرون پيسٽ ڪجن ۽ پو اُن ٽيب کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لا اسڪيو ڏجي، پو اسڪيل ٽول ذريعي ان کي سيٽ ڪجي. تمام آسان آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏3 جولائي 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا مسئلو اهو آهي ته فوٽو شاپ ۾ اميج ڊريگ ٿي اچي ئي نه پيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ابو واصف

    ابو واصف
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جولائي 2009
    تحريرون:
    266
    ورتل پسنديدگيون:
    386
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر
    ماڳ:
    لطيف آباد نمبر4، حيدرآباد
    شايد اوهان جو اميج لاڪ ٿيل هوندو، جنهن ڪري اميج ڊريگ نه پيو ٿئي. اميج کي اَن لاڪ ڪرڻ جو طريقو هن طرح آهي:
    • ”ونڊوز“ جي مينيو مان ”ليئر“ جي ٽيب کوليو. يا وري شارٽ ڪٽ ڪي ايف+7 کي دٻايو.
    • هاڻي اوهان بئڪ گرائونڊ جي چيڪ باڪس کي ڊبل ڪِلڪ ڪندا ته اوهان کي جيڪا هدايت ملي، ان کي اوڪي ڪريو.
    • هاڻي اوهان پنهنجي مرضيءَ سان اميج کي ڊريگ ڪري سگهو ٿا.

    وضاحت لاءِ اسڪرين شاٽ تان رهنمائي وٺندا.

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ادا ان متعلق سنڌسلامت تي هڪ وڊيو اپلوڊ ڪئي اٿم. هتي ڪلڪ ڪريو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو