• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسرار شام به لاڏاڻو ڪري ويو، ڇا اهڙن ماڻهن جي کوٽ نئون نسل ڀري سگهندو؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن

اسرار شام به لاڏاڻو ڪري ويو، ڇا اهڙن ماڻهن جي کوٽ کي سنڌ سٻاجهڙيءَ جون نئون نسل ڀري سگهندو؟ جيڪو وڌندڙ ۽ وچڙندڙ ناسور نشائي ۽ موالي ڪلچر ڪري محنتن جي عزمتن کان ڏور، سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر تحت اڳتي وڌي علم کان بيبهرو ٿيندو وڃي ۽ جن جون شامون ۽ محفلن جو اختطام ٺري محفل تي پُهچي دنگ ٿو ڪري ۽ هو سمجهي ٿو ته ڪنهن معمولي شيءَ تي نالو ڪمايو اٿس ته هاڻ هُن تي نالي وارو بڻجڻ لاءِ نشائي ۽ موالي ٿيڻ واجب آهي ۽ پوءِ هو جيڪو نالي وارو ٿيڻ کان پهرئين نه موالي هو ۽ نه نشائي سگريٽ جي سُوٽي کان شروعات ڪري ٿو ۽ وڌندو پنهنجي وڏڙن جي عزت نيلام ڪرڻ لاءِ ۽ وڏو ماڻهون ٿيڻ لاءِ مُسلسل نشائين ۽ موالين جي ياري دوستيءَ ۾ رهي پنهنجو راتيون ۽ شامون گُذاري ٿو ۽ سنڌ ۾ سماجي ۽ علمي انقلاب آڻڻ جون دعوائون به ڪري ٿو ۽ اٻوجهه سنڌي انهن موالين جي ڍيڪن تي کيس مان ڏيندي سولائيزڊ سنڌ جو تصور اپنائڻ شروع ٿا ڪن جيڪو ناممڪن آهي. هُئڻ ته ائين کپي ها ته اهڙن ناسوري مرضن ۾ مُبتلا ماڻهن جو احتصاب ڪري، سوشل بائڪاٽ ڪري سنڌ کي موالي ڪلچر کان آزادي ڏيارجي ها ته موالي ڪلچر بجاءِ ميرٽ سنڌيءَ جي آمد ٿئي ها ۽ علم جي فروغ لاءِ سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر، گهوسٽ اسڪولن ۽ اُستادن ۽ وڏيرن جي غلاميءَ مان آزاديءَ جي پرچار ڪجي ها. اهو خواب تڏنهن ئي پورو ٿيندو جڏنهن سنڌ جي هر اداري، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽين، سماجي فنڪشن، سنڌي ٽيليويزن چئنلن، اوتارن، اوطاقن، ادب ۽ مشاعري جي محفلن، بُزرگن، درويشن ۽ ولي الله جي مزارن تان موالي هٽايو سنڌ بچايو مهم هلائجي ها. جيڪو سنڌين جي غلامي، ڪرپشن، بي ايماني، سُسستي، ڪاهلي، ڪم چوريءَ جو واحد ڪارڻ ۽ سنڌ لاءِ هڪ ناسور بڻجندو وڃي.
10456027_10203891036497121_8532039166827019763_n.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
مرحوم اسرار شام جي تعزيت لاءِ سندس تڏو ٽنڊوڄام جي فيوچر فائونڊيشن اسڪول ميمڻ پاڙو ۾ وڇايو ويو آهي اتي سندس ڀاءُ قاضي عبدالجليل ۽ ڀائيٽي آصف جليل ميمڻ (عرف جگنو) سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.
 
مون کي ننڍپڻ کان ئي اسرار شام جو نالو ڏاڍو وڻندو آهي، گُل ڦل ۽ ٻيا ٻاراڻا رسالا پڙهندي. سندس نالو هميشه زنده رهندو.
 
Back
Top