فيس بوڪ جي سرچ هسٽري ختم ڪريو

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اسان وٽ اڃان تائين به گهڻن ماڻهن کي فيس بوڪ استعمال ڪرڻ نه ٿو اچي.. مثلاً فيس بوڪ پرائيويسي ۽ پنهنجي سيڪيورٽي سيٽنگز ڇا رکڻ گهرجن... ؟ اها کين خبر ئي نه هوندي آهي.. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن اهڙن ماڻهن جي پروفائيل تي وڃجي ته ڪنن کي هٿ لائيندو واپس موٽڻو پوندو آهي... ۽ انهن صاحبن کي خبر ئي نه هوندي آهي ته پاڻ جيڪي ڍير سارا پيج لائيڪ ڪيون ويٺا آهن انهن جي خبر ٻئي کي به پئجي پئي...
    بهرحال ڳالهه پيا ڪريون سرچ سرگرمين جي... فيس بوڪ تي اسان اڪثر ماڻهن جا نالا لکي ڳولا ڪندا آهيون.. هاڻي ڀلا ماڻهون فيس بوڪ تي اهو ڪم نه ڪري ته آخر ڇا ڪري...؟ پر اهڙا ماڻهون جن جو ڪمپيوٽر ٻيو به ڪو استعمال ڪندو رهندو آهي يا وري سندن فيس بوڪ لاگ ان ئي هجي ۽ ڪو ٻيو ڪمپيوٽر تي ويهي رهي معاملو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو...
    اهو ان طرح جو فيس بوڪ تي ڪيل سمورا ڳولا... جنهن کي عرفِ عام ۾ “هرڪتون” به کڻي چئجي اهي کاتي ۾ ريڪارڊ ٿينديون رهنديون آهن... جن کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي پروفائيل تي وڃي Activity Log جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪجي..

    [​IMG]


    فيس بوڪ تي ڪيل توهان جون سموريون سرگرميون جهڙوڪ لائيڪس، ڪمينٽس، شيئر ۽ پوسٽ وغيره سڀ ڪجهه جو ريڪارڊ هتي تاريخ وار ترتيب سان موجود هوندو آهي.. هتي آساني سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته توهان ڪڏهن ڇا لائيڪ ڪيو هو يا ڪاٿي تبصرو ڪيو هو...
    ايڪٽوٽي لاگ ۾ سڀ کان هيٺ Search به لکيل هوندو آهي توهان ڏسي سگهو ٿا.. ان تي ڪلڪ ڪريو ۽ ڏسو ته توهان فيس بوڪ تي ڇا ڇا ڳوليو آهي.. هوئن ته هي سموريون سرگرميون لڪيل هونديون آهن جن کي صرف توهان ئي ڏسي سگهندا آهيو... پر جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر کي ڪو ٻيو به استعمال ڪندو هجي يا توهان جو فيس بوڪ لاگ ان ٿيل هجي ته هتان سڀ ڪجهه ڏسي سگهجي ٿو...

    [​IMG]


    ان لاءِ بهتر آهي ته ڪا اهڙي ڳولا جيڪا توهان لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندڙ ٿي سگهندي هجي ان کي هتان ڊيليٽ ڪندا ڪريو... چاهيو ته اهڙي سرچ ڳولي ڳولي ختم ڪريو يا وري مٿي موجود آپشن Clear Searches جي مدد سان سموري ڳولا هڪ ئي وقت به ڊيليٽ ڪري سگهجي ٿي...


    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين سمجهاڻي.
    شيئر ڪرڻ جي مهرباني
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ، سهڻي ونڊ
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ڳالهه ڪن ٿا ته اسلام ۾ آهي ته حمام ۾ اڪيلو وهنجندي به اوگهڙ ڍڪي وهنججي. . . . . .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو