• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي بقاءَ جي جنگ هڪ مقصد موالي ڀڄايو سنڌ ڪم چور ڪاهل، مُجرم ۽ سست ٿيڻ کان بچايو

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
10426309_10203864882363284_1278083747093929384_n.jpg

موالي ڀڄايو سنڌ بچايو! توهان جتي به آهيو سنڌ جا سفير آهيو، سنڌ اوهان تي فخر ڪري ٿي.
توهان سنڌي اوريجن آهيو (هندستاني يا پاڪستاني يا دنيا جي ڪنهن به مُلڪ جا رهواسي) ۽ جتي به آهيو يا دُنيا جي ڪهڙي به ٻوليءَ يا نيٽ ورڪ تي ويهي توهان ڪهڙي به سبجيڪٽ تي يا سنڌ سماج ۽ سنڌ ڪميونٽيءَ لاءِ ڪوريج پيا ڪريو (ڪهڙي به ٻوليءَ ۾) ۽ سنڌيت جو حق ادا پيا ڪريو ته اوهان اسانجي هن سالانا آن لائين يونيورسل ميرٽ ايوارڊ سرٽيفڪيٽ (امداد شاه راشديءَ جي ياد ۾) جا مڪمل حقدار آهيو.
جيئن ته : دُنيا وڏي آهي۽ اسانجي پُهچ ننڍي پر مقصد اهم! تنهنڪري پنهنجي پيش ڪيل خدمتن ۽ ايوينٽس سان اسانکي به ياد ڪرايو ته سنڌي قوم جو فرد فرد اوهان تي فخر ڪري اوهانجي جي ڪاوشن کي سمجهي ۽ فالو ڪري ۽ سکي اڳتي قدم وڌائي.

ياد رکو آن لائين يونيورسل ايوارڊ سرٽيفڪيٽ هڪ بهانو آهي اوهان کي متعارف ڪرائڻ جو ۽ سماج سڌار جو پر اسان جو مقصد انتهائي اهم آهي سنڌيت لاءِ. ڇو جو ضرورت آهي (سنڌ سماج ۽ ايندڙ جنريشن ) کي اهڙن ناسورن مان جند آجي ڪرائڻ جو جنهن کي (نشي پتي جي عادت وجهي) موالي بڻايو ويو آهي ۽ ذهني مفلوج ڪرڻ لاءِ سنڌ دُشمن قوتن اهو نشو سُتيءَ ۾ گهولي کين پياري رهيا آهن جيئن کين ان سولائيزڊ قوم بڻائي، باب الاسلام جي سوچ ۽ مڪي مُڪرمه ۽ مديني مُنوره جي مرڪزيت کان هٽايو وڃي ۽ مستقبل ۾ غلام ڪري ڪنهن جهيڙي جو ٻارڻ تيار ڪيو وڃي ۽ ته صدين کان ڇانيل سنڌ جو ۽ سولائيزڊ انڊس ويليءَ جو هي باشعور فرد سُتو (آرامي) ئي رهي، غلام ئي رهي ۽ سنڌ تي پناه وٺندڙ ۽ قابض قومون کين توهانجي انهن ڀوتارن جي مدد سان اڪليت ۾ ڪري هڪ هٽي قائم ڪري رهيون آهن ته سنڌ جي وسائلن تي اڪيلو ئي مقبوض رهن.
افسوس ! اسانجي گهر جي اهڙن ڪن ضمير فروشن ۽ ڪن ڀيدين جي ڪري هاڻ سنڌ بلڪل مفلوج، ڪم چور، ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر ۽ ڪوڙيون ڊگريون حاصل ڪري مڪمل جاهل بڻجي وئي اهي . اڄ 90 سيڪڙو نئون نسل موالي بڻجي رهيو آهي، 90 سيڪڙو ادارن جا حاڪم، اديب، شاعر، ميڊيا جا ڪانڀو خان ۽ سماج به موالي ازم جي فروغ ڪري رهيو هر محفل جو اختطام به آخر ۾ نشي ڀتي سان ڪيو وڃي ٿو ۽ دُنيائي ترقيءَ ۾ به اُهي صرف پيالا ڀائين کي اڳتي ڪري رهيا آهن.
سنڌ جا ادارا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، بُزرگن، درويشن ۽ ولي الله جي مزارن تي موالين جا اوتارا ۽ اوطاقون موالين جا مرڪز جتان سنڌ قوم جي جهالت جو آغاز ڪيو ويو آهي، جتان ڪوڙيون ڊگريون، ڊوميسائل، شناختي ڪارڊ، بلڊر مافيا جي مدد ۽ ڪوڙا روينيو ڪاغذ تيار ڪري سنڌ وڪڻجي رهي آهي ته ميدان تي نڪرو اهڙن ماڻهن جو سماجي بُرائين ۽ نشائين جي گٺ جوڙ کي سمجهو ۽ بائڪاٽ ڪري سنڌي نسل ۽ سماج کي موالي ڪلچر مان جان ڇڏرائي ۽ محنت ڪش، سولائيزڊ ۽ باب اسلام جو صحيح رکوالو ، 7000 سالن جو پُراڻو سولائيزڊ سنڌي ڪري ميدان تي آنيو. متان پوءِ دير ٿي وڃي. هڪ عمل سنڌ کي وري سُهاڳڻ بڻائي ڇڏيندو ۽ اهو آهي موالي ڀڄايو سنڌ بچايو.
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top