مان اعتراف ٿو ڪريان ته.....مظفر علي شجراع

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هيءَ 2003 يا 2004 جي ڳالهه آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو دبئي ۾ هُئي ۽ اسان کي دبئي ۾ گهرائي تنظيمي گڏجاڻيون ڪندي هُئي، هڪ ڀيري منهنجي موجودگيءَ ۾ ڪو فارينر محترمه وٽ آيو ۽ کيس ٻڌايائين ته پنجاب ۾ طالبانائزيشن جو ماحول ٺهي رهيو آهي، مدرسن اندر کين دهشتگرديءَ جي تربيت ملي رهي آهي، سو جيڪڏهن اوهان هاڻي ئي اک نه پٽيندئو ته اهو معاملو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿو، تنهن تي محترمه بينظير ڀٽو مون ڏانهن سوالي نظرن سان ڏٺو ڇاڪاڻ ته تنهن وقت واقعي پنجاب اندر طالبانائزيشن جو بظاهر ڪو نالو نشان ئي نه هو.

    بهر حال، ان موقعي تي مون پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ۽ محترمه کي دلجاءِ ڏني ته ان معاملي کي وڌڻ کان بلڪل به روڪي سگهجي ٿو.

    مان چئي ته ويس پر پوءِ پڇتائيندو هيس، ته اجايو وچ ۾ ڳالهايم، ڪٿي محترمه ائين نه سمجهي ته هن جو طالبانن سان ڪو واسطو ته ناهي، مان ڪافي عرصو انهيءَ ڳالهه کي پنهنجي غلطي سمجهندو رهيس ته مون کي محترمه بينظير ڀٽو ۽ فارينر وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي وچ ۾ پئي ڳالهائڻ ئي نه گهربو هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو