• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جا وسيلا ۽ وفاق

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
سنڌ جا وسيلا ۽ وفاق
محمد خان سيالJune 16, 2014 روزاني سوڀ آرٽيڪل

محمد خان سيال

سنڌ جي ناڻي کاتي جي صلاحڪار، وفاقي سرڪار طرفان سنڌ جي وسيلن جي ورڇ بابت ٿيندڙ ناانصافين ۽ زيادتين تان هڪ ڀيرو وري پردو کنيو آهي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ صوبي سان واسطو رکندڙ انهن ڪامورن کي بي عقل ڪيو آهي جيڪي نه رڳو چئن مان ٽن صوبن سان لاڳيتين ناانصافين ۽ زيادتين جا ذميدار آهن پر انهن پنهنجي هڪ صوبي کي بيجا فائدا ڏيڻ لاءِ، ساري ملڪ جي آئينديَ کي کڻي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، جيڪا نهايت ئي خطرناڪ ۽ برداشت نه ڪرڻ جوڳي ڪارروائي آهي.

جيڪي قوتون ملڪ اندر جمهوريت کي وڌڻ ويجھڻ ۽ انصاف جو بول بالا ڏسڻ چاهين ٿيون تن لاءِ اهڙي صورتحال نهايت ئي ڳڻتيءَ جوڳي آهي جنهن جو ترت ازالو نه ڪيو ويو ته ان جا ڀيانڪ نتيجا نڪرندا.

سيد مراد علي شاهه پنهنجي پوسٽ بجيٽ پريس بريفنگ ۾ وڌيڪ ڄاڻايوآهي ته وفاق طرفان سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ مان پنهنجي حصي واري رقم 60 ارب روپيا وقت سر جاري نه ڪرڻ سبب، اسان ترقياتي بجيٽ ۾ ڪَتر آندي آهي جڏهن ته وفاقي آفسر شاهي وزيراعظم جي به نه ٿي ٻڌي.

اهي هوا، روشني ۽ ڪوئلي مان بجلي تيار ڪرڻ واري ٽيرف ۾ به رڪاوٽون وجھن ٿا، جڏهن ته وفاقي سرڪار سنڌ جي وسيلن مان ٻين صوبن کي هلائڻ چاهي ٿي. گيس پائيپ لائين لاءِ انفرا اسٽرڪچر ڊولپمنٽ سيس لاڳو ڪرڻ غيرقانوني آهي. ان مان حاصل ٿيل رقم وفاق اسان کي موٽائي ڏئي ڇاڪاڻ ته ايران ۽ ترڪمانستان مان گيس گھرائڻ لاءِ پائيپ لائينون وڇائڻ واري رٿا ختم ڪئي وئي آهي. اسان کي گيس جي ضرورت ناهي، جنهن صوبي کي آهي تنهن کان رقم ورتي وڃي ۽ اسان جا وسيلا خرچ نه ڪيا وڃن.

سنڌ سرڪار صوبن ۾، آئين هيٺ وسيلا ورهائڻ ۽ مالياتي ايوارڊ مان حصي جي رقم روزاني جي بنياد تي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته اسان جي وسيلن جي اسي سيڪڙو رقم، ورڇ جوڳي پول مان ايندي آهي پر وفاق طرفان گهٽ رقم ملڻ سبب، ترقياتي پروگرام جي بجيٽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 185 اربن کان گهٽائي 115 ارب روپيا ڪئي وئي آهي.

وفاق طرفان سنڌ ڏانهن نامناسب رويَي جو ذڪر ڪندي خزاني واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته: فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ڪوتاهيءَ سبب جنوري ۽ مئي ۾ مقرر حدف گهٽايو ويو ۽ ان معاملي تي وفاق کي 11 خط اُماڻيا ويا پر ڪو به کڙتيل ڪونه نڪتوـ وفاق ٽئڪس اوڳاڙيءَ ۾ ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته عوام آڏو کيس جواب ڏيڻو پوندو.

شاهه صاحب پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ۾ هڪ نهايت ئي اهم ڳالهه ڪئي ته وزيراعظم نوازشريف ته مخلص آهي پر وفاقي بيوروڪريسي رنڊڪ بڻيل آهي. مان شاهه صاحب جي ان ريمارڪس جي پوئين حصي سان سو سيڪڙو سهمت آهيان. ڏسجي ته اسلام آباد ۾ ويٺل بيوروڪريسي، پاڪستان جي تباهي ۽ ان کي ڇني ٻن حصن ۾ ورهائڻ واري دکدائڪ واقعي جي ذميدار آهي پر جيڪڏهن ملڪ جي يڪجهتي کي اڳتي هلي ڪو نقصان پهتو ته اڳ وانگيان هڪ صوبي جي بيوروڪريسي ان لاءِ مکيه طور ذميدار هوندي جنهن کي عام زبان ۾ پنجابي اسٽيبلشمينٽ به ڪوٺيو ويندو آهي.

سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو داستان اِتي نٿو کُٽي، پر شاهه صاحب جي چواڻي: گيس تي سيس (محصول) جي مَدَ ۾ وفاق 88 ارب روپيا غيرقانوني اوڳاڙي ڪئي آهي جيڪو انهيءَ صوبي جو حق هوندو آهي، جتي گئس پيدا ٿيندي آهي پر وفاق سيس جي مَدَ ۾ سموري رقم پاڻ رکڻ چاهي ٿوـ

بهرحال سنڌ کي پنهنجو حصو ڏنو وڃي. ان کان سواءِ سنڌ کي ورڇ جوڳي پول مان رقم جي ادائگي پندرهن ڏينهن جي بدران روزاني بنياد تي ڪئي وڃي. شاهه صاحب اهو به حيرت ۾ وجهندڙ مطالبو ڪيو ته سمورن وسيلن جي ورڇ آئين جي آرٽيڪل 161 هيٺ ڪئي وڃي پر ايئن نٿو ٿئي ۽ ايئن وسيلا آرٽيڪل 158 هيٺ ورهائڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي. سنڌ جي گئس سنڌ جي ضرورت مطابق ڏيڻ بدران ٻين صوبن کي ڏني پئي وڃي. منهنجي خيال ۾ سڀ کان وڏا مسئلا صوبن جا حق وٺڻ ۽ اين ايف سي ايوارڊ هيٺ ملندڙ رقمون وقت سر وفاق کان وٺڻ آهن جڏهن ته ماضيءَ ۾ اهڙي رقم نه ملڻ سبب سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي چواڻي سنڌ ورلڊ بئنڪ کان 35 ارب روپيا گھٽ وياج تي قرض ورتو هو. جيتوڻيڪ اهو پ پ پ جي دور ۾ ٿيو هو پر ان مان گھٽ ۾ گھٽ اهو ڪاٿو لڳائي سگھجي ٿو ته اسلام آباد ۾ ويٺل بيوروڪريسي ڪيڏي نه طاقتور آهي جو اها ڪنهن صدر يا وزيراعظم جي ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونهي.

مان هت اسلام آباد ۾ ڪم ڪندڙ بيوروڪريسيءَ جو مثال ڏيڻ مناسب سمجھان ٿو ته جڏهن پ پ پ جي دور ۾ اين ايف سي ايوارڊ هڪراءِ منظور ڪيو ويو هو ته اسلام آباد ۾ پنجاب سان واسطو رکندڙ بيوروڪريسي انهيءَ ٺاهه جون اهي شقون ڪڍي ڇڏيون هيون جيڪي سنڌ جي فائدي ۾ هيون پر اهي شقون رهڻ ڏنائون جيڪي پنجاب جي فائدي ۾ هيون.

بعد ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي رڙين دانهن تي اهي شقون وري داخل ڪيون ويون ۽ پهرين توڙي ٻي منظوري اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ کان ورتي وئي آهي. انهيءَ مثال کان ظاهر آهي ته پنجاب سان واسطو رکندڙ بيوروڪريسي ڪيڏي نه سگھاري رهي آهي.

وفاقي سرڪار جي نامناسب روييَ جو ذڪر ڪندي سنڌ جي ناڻي واري صلاحڪار جو چوڻ هو ته ورڇ جوڳي پول جو ساڍا 57 سيڪڙو حصو صوبن کي ڏنو پيو وڃي. وفاق سرڪار کي 15 ڏينهن اندر سنڌ ورڇ جوڳي پول مان رقم ڏيڻي آهي پر فيبروري ۽ مارچ جي رقم جا پئسا ٽي چار ڏينهن اڳ ڏنا ويا آهن.

هونئن به اسلام آباد ۾ ويٺل بيوروڪريسي، لاهور جي بيوروڪريسيءَ سان ملي ڀڳت ڪري ٽن صوبن جهڙوڪ: سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سان هر محاذ تي زيادتيون ڪندي رهي آهي،۽ سچ ته اُهو آهي ته اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جي آزاديءَ ۾ ٻين سان گڏ مکيه هٿ پنجاب جي بيوروڪريسيءَ جو رهيو آهي.

اِها بدقسمتي جي ڳالهه آهي ته سنڌ اندر به پنجاب سان واسطو رکندڙ بيوروڪريٽ مقرر ڪيو ويو آهي پر جيڪڏهن فرض ڪجي ته ملڪ جي يڪجهتي ۽ ان جي مفاد خاطر ايئن ڪيو ويو آهي ته پوءِ وفاق ۽ پنجاب اسان کي سمجهائي ته سنڌي آفيسر ڇونه پنجاب ۾ مقرر ڪيل آهن؟ منهنجي ڄاڻ موجب ڪوبه سنڌي آفيسر، پنجاب جو چيف سيڪريٽري نه ٿيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ هيل تائين پنجاب سان واسطو رکندڙ چيف سيڪريٽري مقرر ٿيندا آيا آهن.

پاڪستان جي اڳوڻي چوٿين ۽ نسلي مت ڀيد رکندڙ پرويز مشرف جي دور ۾ ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ سنڌ جو چيف سيڪريٽري هڪ سنڌي َقلي بخش رند کي رکيو ويو پر ڪجهه مهينن کانپوءِ کيس هٽائي بلوچستان جو چيف سيڪريٽري رکيو ويو، جڏهن ته هن وقت به سنڌ جو چيف سيڪريٽري سجاد سليم هوتيانا پنجاب جو آهي. اسان جو مطالبو آهي ته جيڪڏهن ايئن ڪرڻ ضروري آهي ته وزيراعظم نوازشريف تُرت ئي سنڌ سان واسطو رکندڙ چيف سيڪريٽري پنجاب ۾ مقرر ڪري، ٻي حالت ۾ سنڌ جي هاڻوڪي چيف سيڪريٽري کي تُرت هٽايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ايئن نه ڪرڻ سان عوام ۾ غلط تاثر پئدا ٿئي ٿو.

يڪجهتي جو مقصد اهو هرگز ناهي ته رڳو سنڌ قربانيون ڏئي ۽ پنجاب سان واسطو رکندڙ ڪامورا سنڌ ۾ سڻڀا عهدا وٺي عيش عشرت ڪندا وتن. هن وقت به سنڌ ۾ ڪيترائي پنجاب سان واسطو رکندڙ بيوروڪريٽ اعلى عهدن تي مقررآهن پر ان جي ابتڙ سنڌ جا آفيسر پنجاب ۾ ڏينهن جو ڏيئو کڻي ڳولهڻ سان به نٿا لڀن جنهن ڪري اهو تاثر اُڀري ٿو ته ٽي صوبا خاص ڪري سنڌ، هڪ وڏي صوبي جي ڪالوني آهي. تنهنڪري اِهو تاثر تُرت ئي ختم ٿيڻ گهرجي.

آئين جي گهربل ۽ واسطيدارفقري بدران وسيلن جي ورڇ غير واسطيدار فقري هيٺ ڪرڻ آئين جي کُليو کُلايو ڀڃڪڙي آهي، جيڪا صوبن توڙي ملڪ لاءِ نهايت ئي خطرناڪ آهي. اهڙيون حرڪتون اڳتي هلي ملڪ جي يڪجهتي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿين ٿيون اهڙو مثال اسان جي اڳيان اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) جو آهي پر لڳي ٿو ته اسان جا اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران توڙي هڪ صوبي سان واسطو رکندڙ بيوروڪريٽ تاريخَ مان ڪوبه سبق پرائڻ لاءِ تيار ناهن.

اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم نوازشريف جو فرٰض آهي ته آئين جي درست ۽ واسطيدار فقري هيٺ وسيلن جي ورڇ جو تُرت حڪم جاري ڪري ۽ ان تي عمل جي به خاطري ڪري.

سنڌ سان اسلام آباد طرفان ٿيندڙ زيادتين جو نتيجو اِهو نڪتو آهي جو سنڌ جي ترقياتي پروگرام جي بجيٽ 185 ارب روپين کان گهٽائي هن سال 115 ارب روپيا ڪئي آهي، اهڙي ريت بجيٽ ۾ 70 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، جيڪا معمولي ڳالهه ناهي.

صوبن سان ٿيندڙ زيادتين جو هڪ مکيه مثال اِهو به آهي ته وفاق گيس جي سيس (محصول) جي مَدَ ۾ 80 ارب روپيا غيرقانوني اوڳاڙيا آهن جڏهن ته ان تي ان صوبي جو حق هوندو آهي جيڪو گئس پئدا ڪري ٿو ۽ وفاق اِها رقم پاڻ وٽ رکي سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. وزيراعظم نواز شريف کي گھرجي ته ٽن صوبن جي حقيقي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ ڳنڀيرتا سان ڪوششون ڪري ۽ صوبن سان همدرديءَ جا سکڻا بيان جاري نه ڪري. صوبن ۽ خاص ڪري سنڌ کي سندن حق، ڪنهن به رڪاوٽ کانسواءِ ترت ڏنا وڃن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اسلام آباد ۾ ويٺل پنجاب جي بيوروڪريسيءَ کي لغام ڏنو وڃي.
www.facebook.com/mksial.wrier
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top