• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چيائين وات تي تالا چيو اکرن ته وڙهنداسين

چيائين وات تي تالا چيو اکرن ته وڙهنداسين
نما ڻا ۽ ويڳاڻا ڪو نه ڪڏهن يار ٿينداسين
ڪيو راغب اسان جي ديس جي ماڻهن کي پڙهڻ تي
اٿي پو سڀ پوندا راڄ دشمن کي دسينداسين
ڪئي همٿ جي ڪولن هئي دسي هاٿي وڌو هو تن
ائين ئي پور مان پڙلاءُ جيون کي جهپينداسين
ماري ٿو ديس جا ماڻهو اسان جي ويس جا ماڻهو
ڪڏهن زوري ڪڏهن چوري اسان تن کي وڍينداسين
ڪري ٿو شهر کي باندي هي دهشت گرد آ گيدي
اٿو سنڌي اچو سنڌي هن کي مات ڏينداسين
اسان مان ئي هي سوره آ اسان مان ئي دودو آ
ڪيا جن سر جا سودا ها پڙهي تاريخ پڙهنداسين
ڪري چالاڪيون ۽ چٿرون انهيءَ کي ڪين سڀ ڦٻنديون
اجهو هو ڏينهن ٿي ايندو منزل پور پڄنداسين
چيائين وات تي تالا چيو اکرن ته وڙهنداسين ......
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top