معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
”اسان قوم ڪنهن کي ٿا چئون؟“
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
خبر ناهي ته اها سنڌ جي خوش بختي آهي، يا سنڌ واسين جو ڀلو ڀاڳ آهي جو اسان ساعت ساعت ۾ سوين دفعا ٻڌون ٿا ته ”اسان عظيم قوم جا فرد آهيون. اسان جو وات گلاب ڌرتي، ماتا جي لائق سپوتن کي سهڻيءَ سنڌ جي ايئن ئي ثنا ڪرڻ گهرجي. ان ۾ اسان جو مان آهي ۽ اسان جو شان آهي، پر هاڻي مسئلو هي آهي ته جنهن کي اسان ”عظيم“ ۽ ”قديم“ چئون ٿا. اها واقعي اسان جي مطلب موجب قوم آهي يا ڪا ٻي شيءَ؟
ڳڀرو جوان ٿياسين ته درسي ڪتابن ۾ پڙهايو ويو ته ”قوم“ اها آهي جنهن کي پنهنجي زمين هجي، زبان هجي، ڪلچر هجي، گڏيل ماضي، حال ۽ مستقبل هجي. اهي سبق پڙهندي ڳاٽ اوچو ٿي ويندو هئو ته اسان جي به قوم آهي، اسان جو به قومي تشخص آهي ۽ اسان به ٻين زندهه قومن برابر آهيون. پر جيئن جيئن وئي عمر وڌندي، ويون اندر جون اکيون کُلنديون ۽ پنهنجن پراون کي ڏسڻ پرکڻ جو موقعو مليو ته قوم پرست ۽ قوم پرستي جون معنائون ئي مٽبيون ويون.
قوم اها آهي، جنهن کي پنهنجي زمين هجي، اهو سچ آهي، پر حقيقت هتي اها ته اها ڌرتي ته روز بروز اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي، ڌرتي جي ڪن دشمنن تي صوبن ٺاهڻ جو جنون طاري آهي ته ڪن پيٽ ڀريل بد بختن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين جي ڪالونين ۽ ڪوٺن ٺاهڻ جو خفت لڳو پيو آهي، هر ڪو ڌرتيءَ پٺيان، بلڪه ڌرتي کي وڍڻ ڪٽڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تکا ڪيون بيٺو آهي، ايئن ”قوم“ جو بنيادي عنصر ۽ شرط پيو ميسارجي، پر پوءِ به اسان جي دعويٰ آهي ته سنڌ دوستي ڪو اسان کان سکي.
پنهنجي ڪلچر ۽ ثقافت سان ته اسان جو سر لڳي، ڪلچر سان اسان جيڪو قرب ڪيو، ان جو حوال وڃي مهين جي دڙي جي پروهت ۽ سمبارا کان پڇو. پٿر جي ٺهيل انهن بتن ۾ چڱو ٿيو جو روح ڪو نه هئو، نه ته روحن کي روئيندو به ڏسي سگهون ٿا. اتي اسان جي ڌن ڌڻين سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا ايڏا ته وڏا نعرا بلند ڪيا جو الله پناهه ڏني، نه ته اڀ به ڦاٽي پئي ها.
اسان ڪراچيءَ ۾ ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ وڏيون وڏيون تقريرون ڪري، وري جڏهن اسان کان وڌيڪ جوشيليون تقريرون ڪندڙ وڏن ماڻهن جي گهر ويندا هئاسي ته اتي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي مائي جو وجود ئي نظر ڪو نه ايندو هو. اسان اهڙن ئي ماڻهن کي اڳواڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻوليءَ کي ”قومي ٻولي“ بڻائڻ جي ڌم ۾ لڳا پيا آهيون.
جيڪڏهن ڌرتي پيرن هيٺان کسڪندي رهي، جيڪڏهن ثقافت جي پاڻ ٻيڙي ٻوڙيون، جيڪڏهن ماءُ جي جهوليءَ ۾ پنهنجي ٻولي ٻڌي نه سگهون ته پوءِ اسان پارن پيرن کي ٻڌائڻو ۽ سمجهائڻو پوندو ته اسان قوم ڪنهن کي ٿا چئون ۽ اسان قوم ڪنهن کي ڪري ٿا مڃون؟
رهيو حال گڏيل ماضي، حال ۽ مستقبل جو، ان ۾ به اسان جا حال پورا آهن. ”گڏيل ماضي“ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهي ٿو ته عظيم قوم جا عظيم فرد سڏائيندي به اسان ان قوم سان ماضيءَ جو رشتو نڀائڻ نه ٿا چاهيون. بانور اهي ڪرائينداسين ته اسان جا وڏڙا هتان جا هئا ئي ڪو نه ڪو عربستان جو پيو ڏس ڏيندو ته ڪو ايران ۽ خراسان جا دڳ پيچرا پيو ٻڌائيندو. ڪنهن کي مشرق مان پئي وڏڙن جي هڏين جي خوشبوءِ ايندي ته ڪنهن کي اُتر جي ٿڌڙي هير پئي ياد ايندي. ائين رشتا ناتا ٽوڙي به پيا ڊاڙون هڻنداسين ته اسان جي سنڌي قوم عظيم آهي ۽ اسان عظيم قوم جا عظيم فرزند آهيون.
آخر اسان ”قوم“ ڪنهن کي ٿا چئون ۽ اسان جي قوم ” قوم پرستي“ قوميت جي ڪهڙي باغ جو گل آهي. هتي ته اسان ذات پات جي زنگ مان نت نئين روز پيا زنگجئون. هتي ته عملدار اڃا رعيت آزار جي رنگ ۾ رتو پيو آهي. هتي ته غريب جي غربت روزانو پئي آسمان سان چوٽيون لڳائي. استاد پنهنجي ٻار کي پڙهائڻ لاءِ تيار نه هجن، سرڪاري ملازم دفترن ۽ آفيسن ۾ ڀينگ ڪرڻ لاءِ آتا هجن، جتي محبت بدران منافقي ڪئي وڃي، جت دوکي ڪرڻ کي عقلمندي ڄاتو وڃي. جتي عالم اڻپڙهيل جو محتاج هجي، جتي سمجهڻ بدران هر ڪو سمجهائڻ جي چڪر ۾ مگن هجي، اهڙي سماجي وهنوار ۾ ڪير ٿو قوم لاءِ سوچي؟ ڪير ٿو ”قوم کي ”قوم“ ڄاڻي.
اسان کي جهڙوڪ حالتن ۽ حادثن هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي، هونءَ نه ته نه گڏجي رهڻ جو جواز آهي ۽ نه ڪا ضرورت. سنڌي هجڻ ۽ سنڌيت جو لباس پهري، اسان پنهنجي منهن ۽ پنهنجن مقصدن جي پيا گهاڻن ۾ هلئون ۽ پيڙهجون. ڪو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارو ڪونهي جو اسان کي ڪنڌ کان جهلي، درست قبلي طرف منهن ڪرائي. سچ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جا جهڙوڪ رسم رواج ختم ٿي ويا آهن. ڪو هجي جو فقط ۽ فقط اسان جي ثناخواني نه ڪري، ۽ دل کولي پنهنجا اهي رنگ روپ ڏيکاري جن کي اسان پنهنجي خوبصورتيءَ جو راز سمجهون ٿا، پر حقيقت ۾ اهي اسان جي مستقبل جي چهري کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائڻ لاءِ آتا آهن. ان ڪري اچو ته هي سچ مڃون ته پاڻ کي اڃان گهڻو وقت گهرجي جو عظيم قوم جا عظيم فرد سڏائي سگهون.