”اسان قوم ڪنهن کي ٿا چئون؟“

'راءِ شماري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جون 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ”اسان قوم ڪنهن کي ٿا چئون؟“

    ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

    خبر ناهي ته اها سنڌ جي خوش بختي آهي، يا سنڌ واسين جو ڀلو ڀاڳ آهي جو اسان ساعت ساعت ۾ سوين دفعا ٻڌون ٿا ته ”اسان عظيم قوم جا فرد آهيون. اسان جو وات گلاب ڌرتي، ماتا جي لائق سپوتن کي سهڻيءَ سنڌ جي ايئن ئي ثنا ڪرڻ گهرجي. ان ۾ اسان جو مان آهي ۽ اسان جو شان آهي، پر هاڻي مسئلو هي آهي ته جنهن کي اسان ”عظيم“ ۽ ”قديم“ چئون ٿا. اها واقعي اسان جي مطلب موجب قوم آهي يا ڪا ٻي شيءَ؟
    ڳڀرو جوان ٿياسين ته درسي ڪتابن ۾ پڙهايو ويو ته ”قوم“ اها آهي جنهن کي پنهنجي زمين هجي، زبان هجي، ڪلچر هجي، گڏيل ماضي، حال ۽ مستقبل هجي. اهي سبق پڙهندي ڳاٽ اوچو ٿي ويندو هئو ته اسان جي به قوم آهي، اسان جو به قومي تشخص آهي ۽ اسان به ٻين زندهه قومن برابر آهيون. پر جيئن جيئن وئي عمر وڌندي، ويون اندر جون اکيون کُلنديون ۽ پنهنجن پراون کي ڏسڻ پرکڻ جو موقعو مليو ته قوم پرست ۽ قوم پرستي جون معنائون ئي مٽبيون ويون.
    قوم اها آهي، جنهن کي پنهنجي زمين هجي، اهو سچ آهي، پر حقيقت هتي اها ته اها ڌرتي ته روز بروز اسان جي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي، ڌرتي جي ڪن دشمنن تي صوبن ٺاهڻ جو جنون طاري آهي ته ڪن پيٽ ڀريل بد بختن کي پنهنجي ڌرتيءَ تي ڌارين جي ڪالونين ۽ ڪوٺن ٺاهڻ جو خفت لڳو پيو آهي، هر ڪو ڌرتيءَ پٺيان، بلڪه ڌرتي کي وڍڻ ڪٽڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تکا ڪيون بيٺو آهي، ايئن ”قوم“ جو بنيادي عنصر ۽ شرط پيو ميسارجي، پر پوءِ به اسان جي دعويٰ آهي ته سنڌ دوستي ڪو اسان کان سکي.
    پنهنجي ڪلچر ۽ ثقافت سان ته اسان جو سر لڳي، ڪلچر سان اسان جيڪو قرب ڪيو، ان جو حوال وڃي مهين جي دڙي جي پروهت ۽ سمبارا کان پڇو. پٿر جي ٺهيل انهن بتن ۾ چڱو ٿيو جو روح ڪو نه هئو، نه ته روحن کي روئيندو به ڏسي سگهون ٿا. اتي اسان جي ڌن ڌڻين سنڌي ٻوليءَ ۽ ثقافت جا ايڏا ته وڏا نعرا بلند ڪيا جو الله پناهه ڏني، نه ته اڀ به ڦاٽي پئي ها.
    اسان ڪراچيءَ ۾ ٻوليءَ جي تحفظ ۽ ترقيءَ لاءِ وڏيون وڏيون تقريرون ڪري، وري جڏهن اسان کان وڌيڪ جوشيليون تقريرون ڪندڙ وڏن ماڻهن جي گهر ويندا هئاسي ته اتي سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌي مائي جو وجود ئي نظر ڪو نه ايندو هو. اسان اهڙن ئي ماڻهن کي اڳواڻ ڪري اڄ ڏينهن تائين سنڌي ٻوليءَ کي ”قومي ٻولي“ بڻائڻ جي ڌم ۾ لڳا پيا آهيون.
    جيڪڏهن ڌرتي پيرن هيٺان کسڪندي رهي، جيڪڏهن ثقافت جي پاڻ ٻيڙي ٻوڙيون، جيڪڏهن ماءُ جي جهوليءَ ۾ پنهنجي ٻولي ٻڌي نه سگهون ته پوءِ اسان پارن پيرن کي ٻڌائڻو ۽ سمجهائڻو پوندو ته اسان قوم ڪنهن کي ٿا چئون ۽ اسان قوم ڪنهن کي ڪري ٿا مڃون؟
    رهيو حال گڏيل ماضي، حال ۽ مستقبل جو، ان ۾ به اسان جا حال پورا آهن. ”گڏيل ماضي“ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهي ٿو ته عظيم قوم جا عظيم فرد سڏائيندي به اسان ان قوم سان ماضيءَ جو رشتو نڀائڻ نه ٿا چاهيون. بانور اهي ڪرائينداسين ته اسان جا وڏڙا هتان جا هئا ئي ڪو نه ڪو عربستان جو پيو ڏس ڏيندو ته ڪو ايران ۽ خراسان جا دڳ پيچرا پيو ٻڌائيندو. ڪنهن کي مشرق مان پئي وڏڙن جي هڏين جي خوشبوءِ ايندي ته ڪنهن کي اُتر جي ٿڌڙي هير پئي ياد ايندي. ائين رشتا ناتا ٽوڙي به پيا ڊاڙون هڻنداسين ته اسان جي سنڌي قوم عظيم آهي ۽ اسان عظيم قوم جا عظيم فرزند آهيون.
    آخر اسان ”قوم“ ڪنهن کي ٿا چئون ۽ اسان جي قوم ” قوم پرستي“ قوميت جي ڪهڙي باغ جو گل آهي. هتي ته اسان ذات پات جي زنگ مان نت نئين روز پيا زنگجئون. هتي ته عملدار اڃا رعيت آزار جي رنگ ۾ رتو پيو آهي. هتي ته غريب جي غربت روزانو پئي آسمان سان چوٽيون لڳائي. استاد پنهنجي ٻار کي پڙهائڻ لاءِ تيار نه هجن، سرڪاري ملازم دفترن ۽ آفيسن ۾ ڀينگ ڪرڻ لاءِ آتا هجن، جتي محبت بدران منافقي ڪئي وڃي، جت دوکي ڪرڻ کي عقلمندي ڄاتو وڃي. جتي عالم اڻپڙهيل جو محتاج هجي، جتي سمجهڻ بدران هر ڪو سمجهائڻ جي چڪر ۾ مگن هجي، اهڙي سماجي وهنوار ۾ ڪير ٿو قوم لاءِ سوچي؟ ڪير ٿو ”قوم کي ”قوم“ ڄاڻي.

    اسان کي جهڙوڪ حالتن ۽ حادثن هڪ هنڌ گڏ ڪيو آهي، هونءَ نه ته نه گڏجي رهڻ جو جواز آهي ۽ نه ڪا ضرورت. سنڌي هجڻ ۽ سنڌيت جو لباس پهري، اسان پنهنجي منهن ۽ پنهنجن مقصدن جي پيا گهاڻن ۾ هلئون ۽ پيڙهجون. ڪو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارو ڪونهي جو اسان کي ڪنڌ کان جهلي، درست قبلي طرف منهن ڪرائي. سچ ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ جا جهڙوڪ رسم رواج ختم ٿي ويا آهن. ڪو هجي جو فقط ۽ فقط اسان جي ثناخواني نه ڪري، ۽ دل کولي پنهنجا اهي رنگ روپ ڏيکاري جن کي اسان پنهنجي خوبصورتيءَ جو راز سمجهون ٿا، پر حقيقت ۾ اهي اسان جي مستقبل جي چهري کي وڌيڪ ڀيانڪ بنائڻ لاءِ آتا آهن. ان ڪري اچو ته هي سچ مڃون ته پاڻ کي اڃان گهڻو وقت گهرجي جو عظيم قوم جا عظيم فرد سڏائي سگهون.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    ادا بيشڪ هي درد ڪٿا هڪ ڀوڳنا آهي پيڙا آهي ...توهان جو پنهنجي سنڌي قوم لا هي درد احساسن جي اوج تي آهي شڪوا شڪايتون سڀ جائذ ۽ سچ تي مبني ...هن دور ۾ اسان کي انگريزن کان آزادي ماڻيندي هڪ چڪ ٿي وئي هڪ ڀل ٿي وئي جيڪا قوم 5000 سال کان به وڏو عرصو لاها چاڙها ڏسندي ڏسندي 21 صدي ۾ پڳي آ سا بلڪل عظيم قوم آ هڪ جاندار قوم آ هڪ جستجو واري قوم آ هو جٽادار قوم آ ...اهو مان نه پر تاريخ ٻڌائي ٿي ...پر يار هن سان دوکو ٿيو آ دولاب ٿيو آ هن کي هڪ بي رنگ پاڪستانيت جو رنگ ڏنو ويو هن کي مسلماني جي اوڍڻ ۾ ڍڪيو ويو ۽ اهو ايترو دلفريب ۽ چالاڪي تي مهيت هيو جو اسان پنهنجو وجود ڪجه وقت لا ته وساري ويٺاسين ۽ هنن ڦورن جي ورچڙهي ويا سين جن جو پاڪستانيت يا مسلماني سان دور دور جو واستو به نه آهي هي ٺڳن جو ٽولو هندستاني پنجابي ۽ پٺاڻ جن جون نظرون صرف سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ تي آهن جي چنگل ۾ ڦاسي پياسين ...تان جو هڪ مهان ماڻهو جاڳايو اٿايو ته اي سنڌ جا صدين جي سڃاڻ پٽ سنڌي تون هڪ عظيم قوم آهين وڃ وڃي تاريخ کي پڙه ۽ تون هڪ باوقار قوم آهين تنهنجي عظمت انساني ڪردار موهن جي دڙي کان گهرو گهنگور گهٽا وانگر آهي ...جنهن تي شروع م ته ڪفر جو فتوائون ۽ ملڪ دشمن جو دعوائون بغير دليلن جي جاري ڪري عمر قيد ۾ رکيو ويو ....ها اهو شخص جنهن جي طفيلي تون اڄ پنهنجي قوم جي وري وڃايل وقار جي ڳاله پيو ڪرين ...فردن جو قومن سان دوکو ٿيندي به ڏٺو ويو آهي سامراج ايترو ته چالاڪ ۽ ڦرتيلو آهي جو قوم هڪ مهان قوم زنده قوم کي ميسارڻ ۾ پوري ڪوشش ڪئي پر الله جي مدد سان سنڌي قوم ڪله به هئي اڄ به آهي ۽ انشاالله صبحاڻي به رهندي ...رهندي دنيا تائين ...ها 1947 ع کان هن دوکي جي ديوار کي ڊاهڻو آ جيڪو اسان جي وسيلن کي ڦرڻ ۽ قوم کي يرغمال ڪرڻ کان سوسا ڪجه نه آهجي اسان سان هڏ هي ويچارو بلوچ به پيڙهجي پيو......ها اسان کي فخر آهي ته اسان هڪ عظيم قوم جا فرد آهيون جنهن کي پنهنجي ٻولي آ ،ثقافت آ ،رهڻي ڪهڻي آ ڌرتي آ پنهنجا سنڌي ماڻهو آهن ....دشمن ديس کي ڇيهي رسائڻ جي هر ممڪن ۽ ناممڪن ڪوششن ۾ رڌل آ پر انجو مطلب اهو نه آهي ته اسان نفسياتي هيسجي پاڻ کي ڪجه به نه سمجهون ...1000 ع کا 1600ع تائين هن سنڌ جا حڪمران هي اهي ئي سنڌي رهيا آهن ۽ پو هنن غاصبن انگريزن جي تسلت ۾ رهجي ويل قوم ۽ پهرين ڏينهن کان انگريزن سان ڇاپا مار جنگ جوٽيندڙ ...ڀائو اهي سنڌي قوم جا فرد هئا...قومن ۾ سڀ جا سڀ فرد ويڙهاڪ نه هوندا آهن ۽ غيرت مند به ڪجه هوندا آهن جيڪي قومن جي ٻيڙي کي پار لڳائيندا آهن ان مهاڻي وانگر جيڪو پور ۾ ٻيڙي ۾ گهڻن ماڻهن کي ونجه هلائي پار اڪاري ٿو ....ها مفاد پرست ڪمينا کوڙ آهن جن جا ضمير ويڪائو آهن غدار آهن ۽ رهندا ۽ پنهنجي انجام کي به رسندا رهندا ...انهن شاطرن جو دشمنن جون ديس لا دشمنيون ڪي نيون نه آهن پر يار همٿ ۽ جاڳرتا سان هن ڪن مان پار پوڻ جي ايتري اميد آهي جيتري سج اڀرڻ ......ائين سمجه ته تون هن وقت اجتمائي قيد ۾ آهين تنهنجون ڄمارون قيد آهن انهن مان پاڻ کي جند آزاد ڪرائڻي آهي...اي عظيم سنڌي قوم جا عظيم فرزند...
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تحرير ،مواد ۽ معلومات جي ڪري ونڊ ، ونڊينڙ دوست هڪ مانائتو ۽ شانائتو ڪم ڪيو آهي . ان جي ساراه ڪرڻ جي لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن . ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي ڪير نه سڃاڻي ، ان جو ڪم ۽ سنڌ دوستي سڃاڻ سنڌين جي دلين جي دڙڪڻ کي قائم ۽ دائم رکيو اچن. محترم معصوم سنڌي ۽ رسول بخش دائودپوٽي جي واکاڻ نه ڪرڻ به هڪ قومي ڏوه تصور سمجهندس . اميد ته سنڌ دوست اسان بي خبرن کي اهڙن لاڀائتن ليکن ۽ تحريرن کان باخبر ڪندا رهندا ته ، سندن مهرباني ٿيندي . سنڌ جاڳي پئي ، حالانڪ ان کي سمهارڻ جي لاءِ ڪيتريون ئي نشي جون انجيڪشنون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي . هن وقت سنڌ ڪر موڙي اٿڻ ۽ ٻڌل زنجيرن کي ٽوڻڻ جي لاءِ ڪوشش ۾ آهي . بس ماڻهن کي جڏهين سڌي ۽سولي آزادي حاصل ڪرڻ واري واٽ ( قومي حق خود اختياري حاصل ڪرڻ ) سمجه ۾ آئي ته پوءِ ڪير به سنڌ جي آزاديءَ جي راه ۾ رڪاٽ بنجڻ جي سگه ساري نه سگهندو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو