Sindhi Media
سينيئر رڪن

صرف هڪ عمل سنڌ کي وري 7000 سالن وارو پُراڻو سولائيزڊ معاشرو ۽ باب الاسلام سنڌ طرف موٽ ڏياري سگهي ٿو. صرف هڪ عمل اپنايو جنهنڪري سنڌي قوم مڪمل اپاهج ۽ مفلوج بڻجي وئي آهي .سنڌ جي سڀني قومپرستن، سياستدانن، سنڌي چئنلن جي مالڪن، سياسي سماجي، ادبي ليڊرن ، اديبن، شاعر، فنڪارن، ليکڪن ۽ قلمڪارن ۽ هر غيرتمند سنڌيءَ کي اپيل :
جي سنڌ کي سُکيو ستابو ڏسڻ چاهيو ٿا، جي سنڌي ماڻهن کي ذهين ۽ صحتمند ڏسڻ چاهيو ٿا، جي سنڌي نوجوانن کي به دُنيا جي ماڻهن ۽ قومن وانگر محنتي، تعليم يافته ۽ حقيقي غيرتمند سنڌي جوڌو ڏسڻ چاهيو ٿا ، جي ڪوڙي ڊگري، ڪاپي ڪلچر ڊگري، سفارشي نوڪري ۽ ڊگري حاصل ڪري قوم جو ڪنڌ شرم کان جهڪائڻ نٿا چاهيو ته ته پنهنجي صفن مان موالين کي ڳولي ڳولي ٻاهر ڪڍو پوءِ ڀلي اهو ڪيڏو به نالي وارو ٿي ويو هُجي سنڌيت جي اصلي دُشمنن کي سُڃاڻو پنهنجي صفن ۾ ويٺل ۽ قبضو ڪيل موالين کي ڪڍي ٻاهر ڪريو ۽ انهن جو علاج ڪرايو. پوءِ ڀلي انهن کي سنڌي بقاءَ لاءِ استعمال ڪريو. ڇو جو موالي ڪلچر ئي هڪ اهڙو ڪاريءَ وارو وار آهي جنهن سنڌ ۾ هر قسم جا ناسور ۽ ويساگهاتيون پئدا ڪيا آهن. و موالي آهي جيڪو حقيقي سنڌيت جو دُشمن آهي ۽ آرام پسند رهڻ چاهي ٿو، ۽ ٻين کي به نشائي ڪري گروپ بندي ۽ پيالي ڀائي ٿي سنڌي قم کي بدنام پيو ڪري. ايستائين جو جي ڪو صحتمند سنڌي ڪنهن عمل تي نالي وارو ٿو ٿئي ته پنهنجي خوشي هڪدم نشو واپرئي شروعات ٿو ڪري. ڇو جو هو سمجهي ٿو ته هن جا موالي ۽ نشائي ڀوتار کيس پوءِ پنهنجي محفلن ۾ جڳهه ڏيندا ۽ هو وڏو ماڻهون ٿي ويندو. نشن واپرائڻ جي ڪري خشڪ ذهن موالي هر صحيح فيصلي، انصاف، سچائي ۽ ميرٽ کان پري هٽي بيغيرتيءَ ، جُرم ۽ بُرائي ۽ سماجي تباهيءَ طرف وڃي ٿو، اهو نشائي آهي جنهنکي پنهنجي پرائي، حق سچ ۽ انصاف جي سڃاڻپ نٿي رهي. ته خدارا پنهنجي اڀياس پاڻ ڪيو صرف هڪ عمل، نه اجايا نعرا، نه اجايون محفلون، نه اجايا ڏينهڙا، فقط ۽ فقط موالي ازم جو انڪار، پنهنجي صفن ۾ شامل موالين کي ٻاهر ڪڍي صاف شفاف ميرٽ سنڌي سامهون آڻيو ڇو جو هي هاڻ سنڌ جي بقاءَ جو مسئلو رهيو آهي، ڇو جو هر قوم جا موالي گڏ ٿي هڪ هٽي قائم ڪري ويٺا آهن موالي ڀڄايو سنڌيت بچايو.