• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عامر لياقت بهي جيو نيوز کي اڪيلو ڇڏي ويو.........

چوندا آهن ته ڏکي وقت ۾ ويجهي کان ويجهو دوست ۽ سالن جو ساٿي به ذاتي مفاد خاطر دغا ڪري ويهندو آهي. ساڳيو ئي حال پاڪستان جي سڀ کان وڏي ميڊيا نيٽ ورڪ جو آهي، جو بدنصيبي جڏهن هن هن چئنل تي ڪڙڪي پئي ته هو پاڻمرادو اهڙيون ته سنگين غلتيون ڪندو ويو جو هاڻي ان جو ازالو ناممڪن آهي، هاڻي ڀلي جيو جي ٽرانسميشن ٻيهر به شروع ٿي چڪي آهي پر پو به هو پنهنجي وڃايل ساک واپس حاصل ڪري ڪينَ سگهندو ۽ نه وري کيس عوام جي اها پر جوش موٽ ملندي. ان تباهي جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته جيو جا ڪافي ساٿي، نيوز ڪاسٽرز ۽ اينڪر پرسن ان کي مصيبت مهل ڇڏي ويا. جن ۾ جيو کي سڀ کان وڏو صدمو تڏهن رسيو جڏهن جيو جو عظيم ۽ سالن جو ساٿي ڊاڪٽر عامر لياقت حسين کانئس جِند ڇڏائي ويو!
(وڌيڪ تفصيل لا رپورٽ ڏسو)

130160261.GIF

images

 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
جيو وارن ڪم به اهڙا ڪيا هئا جو پورو عوام ان جي خلاف ٿي پيو هئو ڀلي انهن کي اها سزا ملڻ گهرجي ...
 
ها ادا بلڪل اهو اسان سڀني لا سبق آهي ته بي وجه ۽ بغير ڪنهن ثبوت جي، شڪ جي بنياد تي ڪنهن تي به الزام نٿو لڳائي سگهجي ۽ وطن جي خاطر قربانيون ڏيندر پاڪستان جي عظيم اداري تي هروبرو الزام هڻڻ سنگين ڏوھ آهي.
 
Back
Top