منصور سرور
سينيئر رڪن
زبيده مصطفيٰ
اڄ پاڪستان جي اڪانوميءَ کي پيش ايندڙ چئلينجز ۾ هڪڙو، تيزيءَ سان وڌندڙ افرادي قوت جي لاءِ آمدني حاصل ڪرڻ جا موقعا مهيا ڪرڻ آهي. مُلڪ جي آبادي ٻه سيڪڙو ساليانا جي رفتار سان وڌي رهي آهي ۽ اُن سان گڏوگڏ هر سال ٽيهه لک ماڻهو بلوغت جي عمر کي پهچي رهيا آهن، تنهن ڪري ظاهري ڳالهه آهي ته سڀ کان پهريان ترجيح روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ کي ڏيڻ گهُرجي. تنهن هوندي مشڪل سان تقريبن صرف ست لک ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا فراهم ٿي رهيا آهن.
ووڊرو ولسن انٽرنيشنل سينٽر، واشنگٽن جي مچل ڪگلمين جي انگن اکرن مطابق بيروزگاريءَ سبب نوجوانن وڏي تعداد ۾ شهرن جو رخ ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ اهڙي ڪارڻ مُلڪ ۾ تيزيءَ سان اربنائزيشن ٿي آهي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ خود شهري زندگيءَ لاءِ مشڪلاتون وڌيون آهن.
بيروزگاري هڪ سنگين مسئلو آهي. روزگار جي ضرورت صرف اُن لاءِ ناهي ته اُن سان ماڻهو ۽ اُنهن جي ڪٽنب جي لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ٿيندا، پر اُن جي ضرورت ان لاءِ به آهي ته جيڪڏهن ماڻهن وٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه نه هوندو ته اُهي بي اطميناني جي انڌيرن ۾ گهيرجي ويندا. بيروزگاري ڪنهن به ماڻهوءَ کان اُن جي خوداعتمادي ڦُري وٺي ٿي ۽ جيئن ته اُهو مالڪيت واري احساس کان محروم ڪيو ويندو آهي، تنهن ڪري اُن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ڪو اسٽيڪ ناهي رهندو، جيئن ڪنهن محفوظ ۽ مستقل روزگار واري ماڻهوءَ کي حاصل هوندو آهي.
بيروزگاريءَ جي ان پهلوءَ کي هن وقت تائين پاڪستان ۾ سمجهيو ئي ناهي ويو، حالانڪه اُن جي تشدد، دهشتگردي ۽ سياسي بي چينيءَ کي وڌائڻ واري پهلوءَ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي.
بيروزگاري جي ڪجهه پهلوئن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي.
نفعي بخش روزگار جو ڪنهن شخص جي ڀلائيءَ سان تعلق، مون کي پهريون ڀيرو تڏهن سمجهه ۾ آيو هو، جڏهن مون اسيءَ جي ڏهاڪي ۾ سويڊن جي هڪ ليبر ٽريننگ سينٽر جو دورو ڪيو هو. اُن وقت اُتي سوشل ڊيموڪريٽس جي گرفت تمام گهڻي مضبوط هُئي. حڪومت اڪانوميءَ کي نهايت باريڪ بينيءَ سان مانيٽر ڪري رهي هُئي، جڏهن ته هڪ اک ليبر مارڪيٽ تي به هُئي. اُنهن وٽ جيڪڏهن هڪ سيڪٽر پوئتي وڃي ها ۽ ورڪرز کي فارغ ڪرڻو پوي ها ته ٻيو سيڪٽر وڌڻ شروع ڪري ها ۽ پوءِ اُن کي ليبر جي کوٽ کي مُنهن ڏيڻو پوي ها. اِهوئي اُهو وقت هوندو هو جڏهن حڪومت دخل اندازي ڪندي هُئي ۽ ماڻهن کي اُنهن ڪمن جي ٽريننگ آفر ڪئي ويندي هئي، جن جي وڌيڪ ضرورت هوندي هُئي.
اُهو آفيسر جنهن مون کي بريف ڪيو هو، اُن روزگار جي معاشي پهلوءَ بجاءِ وڌيڪ ڌيان انساني نفسياتي ۽ سماجي پهلوئن تي ڏنو هو. اڄ پنجويهه سالن کان پوءِ، جڏهن منهنجو حال هي آهي منهنجو خير ڏيرو (ضلع لاڙڪاڻي) وڃڻ ٿيو، جتي علي حسن منگي ميموريل ٽرسٽ (اي ايڇ ايم ايم ٽي) اُتي جي ماڻهن جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، ته بيروزگاريءَ جو هي پهلو مون کي شدت سان ٻيهر ياد آيو.
مون کي ٻڌايو ويو ته بيروزگاري هڪ وڏو مسئلو آهي ۽ بيروزگار شخص پنهنجو وقت گذارڻ جي لاءِ جوئا ۽ نشي جي عادت ۾ پوندو وڃي ٿو. اُن جو آخرڪار نتيجو ايڊڪشن ريٽ ۾ اضافي جي صورت ۾ نڪرندو آهي، جڏهن ته اڪانومي جي پروڊڪٽيوٽي به گهٽ ٿي ويندي آهي. اُن ٽرسٽ کي نهايت جذبي سان هلائڻ واري نوين منگي مون کي ان نظريي جو جائزو وٺڻ ۾ مدد ڏيڻ جي لاءِ مردن جي گروپ سان متعارف ڪرائڻ جي پيشڪش ڪئي. هڪ شام مون کي تقريبن سڀني ايج گروپ سان تعلق رکندڙ پندرهن ماڻهن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ گهرايو ويو.
مون اُنهن کي تعارف ڪرائڻ ۽ پنهنجي جاب اسٽيٽس جا تفصيل ٻڌائڻ جي لاءِ چيو. اُنهن مان ڏهه ڄڻن ٻڌايو ته اُهي بيروزگار آهن. وڌيڪ جاچڻ تي مون کي احساس ٿيو ته اصل ۾ ته اُهي انڊر امپلائڊ (Underemployed) آهن، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ملندڙ مختلف ڪم ڪرڻ وارا آهن. تنهن هوندي اُنهن جي آمدني ايتري ناهي جو اُهي پنهنجي ڪُٽنب جو پيٽ ڀري سگهن. ٻين وٽ به ڪجهه نه ڪجهه جابز هيون پر اُهي انهن مان مطمئن نه هئا. ٿي سگهي ٿو ته اُنهن وٽ ايترو گهڻو ڪم نه هُجي جيڪو اُنهن کي سڄو ڏينهن مصروف رکي.
هڪ ته هيلٿ ورڪر هو، جنهن کي ضرورت وقت مدد لاءِ گهرايو ويندو هو، جيئن ڪا ويڪسينيشن مهم ۽ پوءِ اُن حساب سان اُن کي ادائگي به ڪئي ويندي هُئي. ٻه ماڻهو ڏيهاڙي تي مزدوري ڪندا آهن ۽ اُنهن کي ڏهاڙي پنهنجي قسمت آزمائڻي پوندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن کي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪم ناهي ملندو. سرڪاري آفيسن ۾ ڪم ڪرڻ وارا ٻه ڪلارڪ ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ ڪم ڪندڙ ٻه استاد گهٽ ڪم ڪندا آهن.
اُن کان پوءِ بچيو هڪ هاري جيڪو پنهنجن ٽن ايڪڙن تي فصل پوکيندو آهي ۽ هڪ سيلزمين، جيڪو پلاسٽڪ وڪڻندو آهي ۽ بس اُنهن ئي ٻن ڄڻن پنهنجي باروزگار هُجڻ جي دعوى ڪئي. جنهن ڳالهه مون کي سڀ کان وڌيڪ حيران ڪيو. اُها انهن جي ائپروچ ۾ موجود بيحسي ۽ حوصله منديءَ جو فقدان هو. اُنهن جو چوڻ هو ته اُميد کين زندهه رکيو آهي. جڏهن اُنهن کي چيو ويو ته جنهن شيءِ جي اُهي اميد ڪري رهيا آهن، اُن جي باري ۾ ٻڌايو ته اُنهن مون کي ٻڌايو ته اُهي انهن بهتر ڏينهن جي انتظار ۾ آهن، جڏهن اُنهن جي پارٽي اقتدار ۾ ايندي. اُهي ڪهڙي پارٽيءَ جي انتظار ۾ هُئا؟ اُنهن پ پ پ جو نالو ورتو. اُنهن وٽ ڪو جواب نه هو، جڏهن اُنهن کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 2008 کان اقتدار پ پ پ وٽ آهي.
ائين لڳي ٿو ته بيروزگاري سان تعلق اسٽيٽ آف مائنڊ يعني ذهني حالت سان ڳنڍيل آهي. ڪنهن اقتصادي بوم جي غير موجودگيءَ سبب مايوسي سرايت ڪري وئي آهي. جيڪا ٿوري گهڻي همت ۽ صلاحيت باقي آهي، ان کي به نشي ۽ جوئا تباهه ڪري ڇڏيو آحي. تعليم جي کوٽ ۽ سماجي ۽ اقتصادي جمود، جنهن لاءِ حڪومت مڪمل طور ذميدار آهي، معاملات کي وڌيڪ بگاڙي ڇڏيو آهي.
اُن جي ابتڙ عورتون، جيڪي صدين کان جاگيرداراڻي ۽ وڏيرڪي سماج ۾ پيسبيون رهيون آهن، اُن جي باوجود وڌيڪ باعمل ۽ متحرڪ آهن. ڪيتريون ئي ڪميونٽي ورڪرز ۽ ٽيچرز بڻجي ويون آهن. ٻين اي ايڇ ايم ايم ٽي جي مائڪرو ڪريڊٽ اسڪيم جي مدد سان پنهنجي گهرن ۾ دستڪاريءَ جو ڪم ڪري پنهنجي زندگيءَ کي بهتر بڻايو آهي. روزگار جي حوالي سان عورتن جي اپروچ وڌيڪ مثبت آهي. 2011 کان هن وقت تائين 15000 رپيا فيڪس جي حساب سان 34 قرض جاري ڪيا ويا آهن، ۽ اُنهن ۾ 14 قرض واپس به ڪيا ويا آهن. ٻين مان به ڪو به ڊفالٽر ناهي، جنهن سان پراجيڪٽ جي ڪاميابيءَ جي نشاندهي ٿيندي هُجي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مردن کي روزگار طرف راغب ڪيو وڃي. لينڊ ريفارمز ۽ ننڍين زرعي صنعتن سان نه صرف آمدني وڌائي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، بلڪه اُن سان بيروزگاريءَ کي ختم ڪرڻ ۾ به حوصلو پيدا ٿيندو.