• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پلڳ لڳڻ باوجود چارجر ليپٽاپ کي چارج نه ٿو ڪري

بيٽري جو چڪر آ.اها تبديل ڪرائي
ادا جيڪڏهن بيٽري جو چڪر آهي ته پوءِ ڪڏهن چارج ٿئي ٿو ڪڏهن نٿو ٿئي اهو ڇو ؟؟ ۽ جيڪڏهن صفا ختم ٿيو وڃي ٿي (بيٽري) ته پوءِ وري چارج ڪرڻ سان ٻيهر به چارج ٿئي ٿي. اگر بيٽري جو چڪر هجي ها ته چارج ئي نه ٿئي ٿا. ! مسئلو اڃا ڪو ٻيو آهي..
هڪ دوست کان پڇيم ! ان هڪ عجيب جواب ڏنو ته ” تنهنجي ڪمري ۾ جن رهن ٿا ان ڪري ! “ اصل ڏڪڻي وٺي وئي ..:eek::eek::mad::mad::mad::mad:
 
ادا عبيد الله، هڪ ڪم ڪريو. ليپٽاپ کي بند ڪري پاور ايڊاپٽر ۽ بيٽري ڪڍو. هاڻ ليپٽاپ کي بغير بيٽري جي هلايو۽ کلڻ شرط F2 دٻايو. سامھون آيل اسڪرين تي AC Adapter Type: جي اڳيان ڇا لکيل آهي اهو ڏسي ٻڌايو.
 
ادا عبيد الله، هڪ ڪم ڪريو. ليپٽاپ کي بند ڪري پاور ايڊاپٽر ۽ بيٽري ڪڍو. هاڻ ليپٽاپ کي بغير بيٽري جي هلايو۽ کلڻ شرط F2 دٻايو. سامھون آيل اسڪرين تي AC Adapter Type: جي اڳيان ڇا لکيل آهي اهو ڏسي ٻڌايو.

ادا ائين ئي ڪيم. ان جو اسڪرين شاٽ هي آهي.
10485875_269775289877185_7556442348330545430_n.jpg
 
معاف ڪجو سنگت... ڳوٺ وڃڻ ڪري هن موضوع کي ڏسي به ترت جواب نه ڏئي سگهيس...
منهنجي خيال ۾ اهو مسئلو چارجر ڪيبل جو آهي... اڪثر ڪري ڊيل ليپٽاپ کپائيندڙ چارجر (ايڊاپٽر) لوڪل تيار ڪيل ڏيندا آهن جيڪو ناقص مٽيريل سان تيار ٿيل هوندو آهي... ايسيتائين جو ايڊاپٽر کان ليپٽاپ ڏانهن ايندڙ ڪيبل به معياري نه هوندي آهي.. ۽ پوءِ ٿيندو اهو آهي ته جيڪڏهن ڪمپيوٽر هلائيندڙ تڪڙو تار ڪڍي ويڙهي سيڙهي بيگ ۾ رکندو هجي ته تار گرم هجڻ ڪري ٽٽي پوندي آهي خاص طور عين ليپٽاپ ۾ لڳندڙ هُڪ مٿان...
ان جو بهتر حل ته اهو آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي چارجر کي تبديل ڪرايو وڃي.. نه ته بيٽري کي به نقصان اچي سگهي ٿو... ها البته عارضي حل مطابق چارجر کي ليپٽاپ ۾ لڳائڻ کانپوءِ چارجر هُڪ کي هڪ ٻه دفعا ڪڍي ٻيهر لڳائڻ يا لڳائي گول ڦيرائڻ يا لڳائڻ کان پوءِ تار کي هيڏي هوڏي سوري درست ڪنينڪٽ ڪري سگهجي ٿو...
 
ادا مون اوهان کان اي سي ايڊاپٽر ٽائيپ انهي لاءِ پڇي جو جي اُها Unknown لکيل آهي ته مسئلو اوهان جي چارجنگ ڪيبل جو ٿئي ٿو. پر وري به انهي جي پڪ ڪرڻ لاءِ اوهان ڪنهن دوست جو چارجر لڳائي وري ساڳيو عمل ڪريو. جي وري به Unknown لکيل اچي ته مسئلو چارجر جو نه هوندو آهي. پوءِ مسئلو مڌر بورڊ ۾ هوندو آهي. توهان ٻيو چارجر هڻي ڀلي پڪ ڪري وٺو. ۽ ها، اهو مسئلو بايوس (BIOS) کي اپڊيٽ ڪرڻ سان به حل ٿي وڃي ٿو.
 
سڀاڻ چارجر وٺي چيڪ ڪندس.
لک مهربانيون
 
بيٽري ختم آهي. نئين بيٽري وٺو. مون سان پُڻ ساڳيو مسئلو آهي، نئين بيٽري گهُرائي اٿم، جيستائين ملي تيستائين سُٺي ڳاله اها جو هتي بجلي نه ٿي وڃي.
 
بيٽري ختم آهي. نئين بيٽري وٺو. مون سان پُڻ ساڳيو مسئلو آهي، نئين بيٽري گهُرائي اٿم، جيستائين ملي تيستائين سُٺي ڳاله اها جو هتي بجلي نه ٿي وڃي.

باقي سنڌ ۾ هُجو ها ته بيٽري جلد ۾ وٺو ها. :)

منهنجي ليپٽاپ کي ته 24 ڪلاڪ پاور ملي پيو. ان ڪري في الحال چارجر مٽايان ٿو. بيٽري جو پو سوچيندس.
 
Back
Top