لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آھن!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    584
    ورتل پسنديدگيون:
    1,303
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آھن!
    پريم پتافي
    ..............
    نيڻن مان جي نڪتا آھن
    لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آھن

    پنھنجا نيڻ مقامن وانگر
    خواب کڻي دفنايا آھن

    تو به ته وقت! اسان جا سڏڙا
    ٻوڙن جيئن ورنايا آھن

    سياري ۾ احساس ڪمبل جو
    تنھنجي ڳل تي بوسا آھن

    دل جي گھر ۾ درد سمورا
    اک جي رستي آيا آھن

    ڪير اسان جا نيڻ سھيڙي
    ڪٿ ڪٿ يار وڃايا آھن
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه پريم پتافي سهڻو شاعر... سندس شاعريء جو ڪتاب روشنيءَ جون اکيون سنڌ سلامت تي آنلائين موجود آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو