محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آھن!
پريم پتافي
..............
نيڻن مان جي نڪتا آھن
لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آھن
پنھنجا نيڻ مقامن وانگر
خواب کڻي دفنايا آھن
تو به ته وقت! اسان جا سڏڙا
ٻوڙن جيئن ورنايا آھن
سياري ۾ احساس ڪمبل جو
تنھنجي ڳل تي بوسا آھن
دل جي گھر ۾ درد سمورا
اک جي رستي آيا آھن
ڪير اسان جا نيڻ سھيڙي
ڪٿ ڪٿ يار وڃايا آھن
پريم پتافي
..............
نيڻن مان جي نڪتا آھن
لڙڪ نه ڄڻ ڪي لاشا آھن
پنھنجا نيڻ مقامن وانگر
خواب کڻي دفنايا آھن
تو به ته وقت! اسان جا سڏڙا
ٻوڙن جيئن ورنايا آھن
سياري ۾ احساس ڪمبل جو
تنھنجي ڳل تي بوسا آھن
دل جي گھر ۾ درد سمورا
اک جي رستي آيا آھن
ڪير اسان جا نيڻ سھيڙي
ڪٿ ڪٿ يار وڃايا آھن