سنڌي ٻولي. قومي ٻولي

سنڌي ٻولي مٺڙي ٻولي، جا سانڍيم اندر ساهه،
رسالو سائين لطيف جو ڄڻ آ رحمت جو درياءُ،
اتي ڪاري اونداهه، جت ناهه نا لطيف جو.

سنڌي ٻولي جي سِٽ آ لعلن جي لاٽ،
لطيف جو هر لفظ آ چوڏهين جو چمڪاٽ،
اتي آ ڪاري ٻاٽ جت ناهه نا لطيف جو.
 
430346_3137864323764_1482120230_n.jpg
 
سلام سنڌ امڙ، تنهنجي وجود کي سلام، اي سنڌ جا نوجوان ساٿهيو، اسان سنڌ جيجل کي سلام پيش ڪيون ٿا، اچو ته سڀ گڏجي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا هڪ آواز بڻجي پنهنجي ڪوششيون جاري رکون ته جيئن اسان جي ٻولي قومي ٻولي جو درجو حاصل ڪري سگهي، اسان ته ڪالهه به ۽ اڄ به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي تسليم ڪيون ٿا ۽ ڪندا رهنداسين.......... ڇا اوهان سڀ منهنجي ان ڳالهه سان متفق آهيو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟ سنڌ توکي سلام جيجل توکي سلام
 
Back
Top