• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي توجه جو محور نه بڻجي سگهيس!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
تنهنجي توجه جو محور نه بڻجي سگهيس!
غزل
ساحر راهو
تنهنجي ماٿي جي جھومر نه بڻجي سگھيس
دل ته چاهيو گھڻو، پر نه بڻجي سگھيس
بوند وانگي ڪريس پياسي صحرا مٿان
موج تنهنجي سمندر نه بڻجي سگھيس
آءُ ويرا ن کنڊر جو چارو هُيس
شهر تنهنجي جي بازر نه بڻجي سگھيس
پيار تنهنجي جو مڱتو رهيس سانوري
تاج پائي تونگر نه بڻجي سگھيس
گھينگھرن جان وڳس آءُ پڳ پڳ مگر
مست ڪنهن پل قلندر نه بڻجي سگھيس
عشق مون ۾ ٻريو ٿي اُماڙيءَ جيان
ٻاف ا وڳاڇي ڪافر نه بڻجي سگھيس
پاڻ هاري بڻيس آءُ ساحر غلام
توکي جيتي سڪندر نه بڻجي سگھيس
مون رڳن کي تنبورو بڻايو مگر
تنهنجي توجه جو محور نه بڻجي سگهيس!
 
تنهنجي توجه جو محور نه بڻجي سگهيس!
غزل

ساحر راهو
تنهنجي ماٿي جي جھومر نه بڻجي سگھيس
دل ته چاهيو گھڻو، پر نه بڻجي سگھيس
بوند وانگي ڪريس پياسي صحرا مٿان
موج تنهنجي سمندر نه بڻجي سگھيس
آءُ ويرا ن کنڊر جو چارو هُيس
شهر تنهنجي جي بازر نه بڻجي سگھيس
پيار تنهنجي جو مڱتو رهيس سانوري
تاج پائي تونگر نه بڻجي سگھيس
گھينگھرن جان وڳس آءُ پڳ پڳ مگر
مست ڪنهن پل قلندر نه بڻجي سگھيس
عشق مون ۾ ٻريو ٿي اُماڙيءَ جيان
ٻاف ا وڳاڇي ڪافر نه بڻجي سگھيس
پاڻ هاري بڻيس آءُ ساحر غلام
توکي جيتي سڪندر نه بڻجي سگھيس
مون رڳن کي تنبورو بڻايو مگر
تنهنجي توجه جو محور نه بڻجي سگهيس!
خبر ناهي ته ڪهڙي گهٽتائي هئي جو نه بڻجي سگهيس آئنده ڪوشش ڪري ان ڪمي کي دور ڪجو
 
مون رڳن کي تنبورو بڻايو مگر
تنهنجي توجه جو محور نه بڻجي سگهيس!


واهه واهه ... ساحر راهو منهنجو پسنديده شاعر
 
Back
Top