Sindhi Media
سينيئر رڪن
ڇا توهان واقعي سنڌي آهيو؟ پنهنجي پاڻ کوجنا ڪريو توهان ڪير آهيو؟
تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ
جي توهان واقعي سنڌي آهيو ته پوءِ هي غير سنڌي ، سنڌ ۽ سنڌيءَ جي نالي تي جيڪو رسمون ۽ روايتون سنڌ ۽ سنڌين سان لاڳاپيون وڃن ٿيون، اُنهن روايتن ۽ رسمن جو ته سنڌي قوم سان ڪو تعلق ئي ناهي. هي قبيلائي جھيڙا، ڪارو ڪاري، ڌاڙا، چوريون وغيره اُنهن ڌارين جو ڪلچر ۽ رسمون آهن جن سنڌين کي اٻوجهه ۽ شريف ڄاڻي ڪاهن کان پوءِ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ سنڌ جي نالي تي سنڌ ۾ مرج ٿي، حقيقي سنڌين کي پري ڪري پوري سنڌ تي قابض ٿي پيا ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جون اهي حرڪتون ڪرڻ لڳا جيڪو جنگجو پن سندن جينز ۾ هو ۽ هر ظلم ڏاڍ کي سنڌ ۽ سنڌي طرف موڙيندا ويا . سنڌ ست هزار سال پُراڻي سنڌ (انڊيس ويلي) جا ماڻهو دنيا جا بهترين شهري (سولائيزڊ ) هُئا اها تاريخ مان به خبر پئي ٿي.موئن جو دڙو ۽ هڙپا وغيره مان نڪتل شيون انهن جون گواهيون ڏينديو،ن. هو ڪڏنهن به جھڳڙالو ۽ جنگجو ناهن رهيا پر امن پسند، مُحبت ڪندڙ، همدرد، ڪاروباري شريف يا کڻي جنهنکي بُزدليءَ سان تشبيح ڏئي سگھجي ٿي.
ڪن خود غرضن، ڪاهن ڪندڙن، ذاتي فائدي ۽ هڪ هٽي قائم ڪرڻ وارن خود غرضن، وڏيرن جي پُڇ ۾ لٽڪي نالي ڪمائڻ وارن اديبن ، ليکڪن ۽ تاريخدانن پاڻ کي ۽ پنهنجن آقائن کي اُڀارڻ لاءِ، ۽ نروار ڪرڻ لاءِ سنڌ جي تاريخ سان واسا گھاتيون ڪيون ۽ مسلل ڪندا اچن. انهن ايليٽ ۽ فيوڊل ڪلاس جا ماڻهن پاڻ سان ڪن بُکين ۽ ضمير فروشن کي ملائي، سنڌ جي تاريخ جا بخيا ئي اُڌيڙي ڇڏيا، جن جو تحفظ پاڻ کي اصلي سنڌي سڏائڻ وارن کي ڪرڻ گھُرجي. اهو تسلسل اڄ به جاري ساري آهي ۽ سنڌ ٽن ڪلاسن ۾ ورهائي وئي آهي، هڪ ڌارين قبضه خورن جي جنهن کي پاڻ ، پير، مير، وڏيرو، رئيس، سردار، جاگيردار، ڪامورو، وغيره چئون ٿا، ٻيو اهو تبقو جيڪو انهن جي ڇاڙتن طور ڪم اچي پيو ۽ ها ۾ ها ملائيندو اچي ۽ انهن جي ۽ پنهنجن مُفادن جو تحفظ پيو ڪري ۽ ٽيون اُهو مظلوم تبقو جيڪو اڄ به اُڃ ، بُک، مفلسي، درد ۽ جوکن ۾ مٿين ٻنهين تبقن ڪري مصيبت جو شڪار ٿيل اهي جنهن کي پاڻ اڄ مڊل ڪلاس چئون. سنڌ جون ٻئي ڪلاسون (مٿين ۽ هيٺين) اڄ به عيش ۾ آهي، مٿين ڪلاس هيٺين ڪلاس جي مدد سان سمورا ڪِيس (ظلم) ڪري ٿي جهڙوڪ ڌاڙيل گيري، پاٿاريداري ، چوري چڪاري، اغوا بدامني وغيره ۽ هيٺين ڪلاس ڇاڙتن جو ڪردار ادا ڪري ٿي.۽ انهن ظلمن ۾ سندن ٻانهن ٻيلي ٿئي ٿي ۽ انهن جي ئي مدد سان يتيمن، لاوارثن، غريبن جي ، بيواهن جي اٽي، لٽي ۽ اجھي ۽ زمينن تي قبضو ٿئي ٿو ۽ پُشتان پُست هلندو اچي، اڄ به انهن واقعن جي منظر ڪشي ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي جيڪا بلڪل حقيقت تي مُبني آهي.
سنڌ (انڊس ويلي) اتي ئي نه شروع ٿيل آهي جتي چيو وڃي ٿو ۽ نه ئي اُتي ختم، جتي پُهچايو ويو آهي. سنڌ نڪتل آهي انڊس ويلي مان، جنهن کي پاڻ ”واديءَ مهراڻ“چئون ٿا، انڊس ويلي جي حد،(انڊس) انڊس رِوَر جنهن کي درياءِ سنڌ چئون ٿا،جي ٻنهي ڪنارن کا شروع ٿئي ٿي، جيڪو ور وڪڙ کائي ٻوليون ۽ ڪلچر ٺاهيندو ويو ، ان ڪلچر جون بگڙيل شڪليون ۽ ٻوليون توهان کي هندڪو ۾، سرائڪين ۾، پنجابين ۾، ڪڇين ۽ ميمڻي زبانن ۾ ملنديون هي سڀ سنڌ ئي آهن يعني انڊس ويلي جا حصا آهن تڏنهن ته رهڻ ڪهڻ ٻولين ۾ ايڏي مُشابهت آهي پنج + آب برابر ٿيا آهن پنجاب جي.۽ جيڪي وڏيون نديون آهن جيڪو انڊس رور سان ئي ڀرجي ٿو ، ۽ هرهڪ تي نالا به آهن چناب، جهلم، ستلنج، راوي ۽ بياس جيئن هي نالا آهن ۽ قومون ته هن پوري خطي جي هڪ ئي وڏو خطو آهي (انڊس، انڊيا، انڊس ويلي) يا واديءَ مهراڻ يا سنڌ تڏنهن ته ، انڊس ويلي جي ويڪر پوري انڊيا (انڊس مان نڪتل) تي ڦهليل آهي ۽ هن جو هڪ ڇيڙو اُهو ميداني علائقو آهي جيڪو گليئشر جي پگھريل برف کي پاڻي ڪري ميداني علائقي ۾ وهائي ٿو۽ وڃي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
سنڌ ۾ هر دئور ۽ ثقافت ۾ هر قسم جون ٻوليو ن لکت وغيره ۾ هُيون ۽ بتدريج علائقي حساب سان تبديل ٿينديون رهيون .جيڪي موئن جي دڙي ۽ هڙپا مان به ملن ٿيون ۽ اُن وقت آرٽ کي ظاهر ڪري ٻولي ڳالهائي ويندي هئي ۽ شڪلين سان سُڃاڻبي هُئي، موجوده عربي رسم الخط ته انگريزن جي دئور ۾ 1816ع کان پوءِ آئي جيڪا يقينن سنڌ جي شروعات نه هُئي. سنڌ جنهنجو تاريخ ۾ ستن هزار سالن کان تعارف ملي ٿو جيڪا اڄا به لکين سال پُراڻي آهي، اُتي مُسلمانن جو وُجود ته711ع کان پوءِ پيو ، جيڪو يمن مان ايندڙ مسلمان وڌو جن کي ديبل ڀرسان سمڻد قزاقن لُٽي ۽ ماڻهن ڪي اُتي جي قابض سک حاڪم ، راجه ڏاهر وٽ وڪيو جن کيس ونگار ۾ استٿمال ڪيو ۽ اونهن جي جان مُحمد بن قاسم آزاد ڪرائي ۽ اُهي يمن جا مُسلمان جيڪو پوءِ مومن ۽ هاڻ جا سنڌي ميمڻ هُئا هتي ئي رچي بسي ويا ۽ اسلام کي ڦهلايائون ۽ يمن مان آيل مسلمانن سنڌ کي باب الاسلا م ڪيو، سنڌ جي پهرين مسلم قوم مومن ۽ پوءِ ڦري ميمڻ سڏي ۽ انهي قوم ۾ واڻين مان مُسلم ٿيندڙ ٻي قوم شيخ سڏجي ۽ اڄ به سنڌ ۾ سمايل آهي، باقي مڙئي قوم ڌاريون ۽ سنڌ تي ڪاه ڪندڙ هُيون ۽ پوءِ اتي وسجي ويون ۽ پنهنجي پنهجي معنا سان سنڌ جي تاريخ بدلائينيون ويون. بُنيادي طور سنڌي هڪ امن پسند، ڪاروباري، شريف ۽ معزز شهري رهيو آهي، هي چوري، چڪاري، فقيري، پيري، سرداري، ميري، رئيسي، ڌاڙيل گيري، ڪارو ڪاري، جاگيرداري، وڏيرائپ، قبيلئي جھهيرا اساب جي جينز ۾ ئي شامل ناهن پر اهي ڌاريان آهن جيڪي سنڌ ۽ سنڌين جي نالي تي اسان کي فنا ڪرڻ جي درپيش اهن.