پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جي زراعت تي لکيل ڪتاب ”سنڌ جا گاهه ۽ چارا“ تي تبصرو!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,935
    ورتل پسنديدگيون:
    27,276
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جي زراعت تي لکيل ڪتاب ”سنڌ جا گاهه ۽ چارا“ تي تبصرو!

    محمد مٺل جسڪاڻي
    زراعت سائنس آهي. پاڻ وٽ سائنسي علم انگريزي ٻولي ۾ حاصل ڪري سگهجي پيو. مادري ٻولي ۾ پڙهڻ، سمجهڻ ۾ وڌيڪ سولو ٿيندو، پر ان مد ۾ ڪير ڪير، ڪهڙو ڪهڙو ڪم ڪري پيو، سو اهڙو ڏکيو سوال نه آهي. زرعي سائنس جي حوالي سان گهڻو اڳ تاج پور جي ڪنهن لغاري نواب گهڻو ڪم ڪيو هو، پوءِ مرزا قليچ بيگ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏوگڏ زراعت جي حوالي سان پڻ ڪتاب ”لکيا“، شايع ٿيا. ان کان پوءِ ڊگهي ساهيءَ بعد پروفيسر عبدالوهاب کوسو مرحوم سنڌي ۾ ”سنڌ جون ڀاڄيون ۽ مصالحه“ ڪتاب ڏنو. جڏهن ته ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان زرعي تقريرون به نشر ٿينديون رهيون، جيڪي ساڳيون تقريرون ۽ ڪجهه ٻيا زرعي مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيا. ان سلسلي ۾ گهڻا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. البت زراعت تي وڌ ۾ وڌ لکندڙن ۾ پهرين پروفيسر عبدالوهاب کوسو اڪيلو نالو هو.

    پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو شروعات ۾ پنهنجي تعليم طرف گهڻو متوجهه رهيو، تنهن هوندي به زرعي مضمون به لکيائين ۽ پهرين انگريزي سنڌي لغت به ترتيب ڏنائين ۽ وري پي ايڇ ڊي لاءِ پرڏيهه هليو ويو ته هن منظر ۾ نه رهيو. جيئن ئي تعليم مڪمل ڪري واپس وريو، آهستي آهستي لک پڙهه واري معمول طرف موٽ کاڌائين. ڪيترا ئي زرعي مضمون ته لکيائين، پر مضمونن کي ٻيهر سنواري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جو ڪم به هٿ ۾ ڪيائين. هن وقت زراعت ۾ جيڪي جيڪي به اهم ڪتاب ڳڻيا وڃن پيا، انهن ۾ وڌيڪ معلوماتي زرعي ڪتاب پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جا ڳڻجي رهيا آهن.

    سنڌ جا گاهه ۽ چارا (ماحوليات دوست گاهن ۽ چارن جي جديد پوک)، پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جو ڏهون بهترين ڪتاب آهي. هي ئي ڪتاب روشني پبليڪيشن جو 645هون ڪتاب پڻ آهي. خوبصورت، هارڊ، چار رنگي ٽائيٽل تي مشتمل ڊيمي سائيز جو هي ڪتاب 536 صفحن تي مشتمل آهي، قيمت 600 رپيا اٿس.

    آبپاشي واري زرعي علائقي، ٿر، ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان، لاڙ توڙي اتر، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ جا گاهه ۽ چارا ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، ان تي ٻه اکر پوءِ لکندس، اوهان پهرين ڪتاب جي ارپنا پڙهو:

    هن ڪتاب جي ارپنا
    سنڌ جي ٿر، ناري، ڪاڇي ۽ ڪوهستان
    ۽ اُتي وسندڙ مارو ماڻهن جي نالي ڪيان ٿو،
    جيڪي برسات جي اوسيئڙي ۾ راتيون جاڳن ٿا،
    ڏڪار جي ڏهڪاءُ کان پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي،
    پيٽ گذر ڪاڻ پڪي پهچن ٿا.
    ۽ انهن مارو ماڻهن جي نالي،
    جيڪي وسڪاري جو سنيهو ٻُڌي
    سنڌ جي سُڪار جون دعائون گهرن ٿا.
    پنهنجي مال متاع سان ولوڙن جي
    واين ڪاڻ ڪکائن گهرن ڏانهن موٽن ٿا.
    ۽ انهن مارو ماڻهن جي نالي،
    جيڪي وسڪاري جا
    گاهه گلزار ڏسي ٻهڪي اُٿن ٿا.
    ڇيلڙن جون ڇانگون ڪڍي،
    چراگاهن جا دڳ ۽ پيچرا ڳولين ٿا.
    ۽ انهن مارو ماڻهن جي نالي
    جيڪي گسن تي گاهه ڏسي گدگد ٿين ٿا.
    خوشي ۾ همرچو ڳائن ٿا
    ۽ سندن ٻارڙا چوڻ لڳن ٿا
    ”ڪارڙو ڪمارڙو! امان اَنَ ڪڻا ڏئي ته مولا مينهن وسائي“

    ڪتاب جي شروعات ۾ ليکڪ پاران ”ٻه اکر“ هر پڙهندڙ کي پڙهڻ گهرجن، ڇو ته ان ۾ شيخ اياز ۽ شاهه لطيف جي ڪجهه چونڊ شاعري ڏئي، سنڌ جي زراعت جو صدين کان پس منظر پيش ڪندي، ڪجهه اهڙو لکيو آهي، جنهن سان ليکڪ جي نظرئي ۽ علمي، ادبي پهچ جو به اندازو ٿئي ٿو، وقت جي تقاضا به واضح اکرن ۾ لکيل آهي، ته هن ڪتاب جي ضرورت کان وٺي، ڪتاب ۾ شامل مواد تي بهترين اقتباس به شامل آهي، ته سندس ايندڙ ٻن اهم ڪتابن جو خوش آئند اطلاع پڻ لکيل آهي.

    ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر ڊاڪٽر عبدالقادر مغل (اڳوڻو چيئرمين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، اڳوڻو وائيس چانسيلر سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام) ۽ ”ڪتاب بابت زرعي ماهر جي راءِ“ جي عنوان سان ڊاڪٽر حاجي اسلام الدين مجيداڻو جو مواد پڻ پڙهڻ گهرجي، ته جيئن ڪتاب ۾ شامل مواد جي اهميت ۽ ليکڪ بابت پڙهندڙ کي بنيادي ڄاڻ پلئه پئجي سگهي.

    ان کان پوءِ ترتيبوار ڪتاب جا ست باب پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. هر باب کي مختلف موضوعن ۾ هيٺئين ريت ورهايو ويو آهي:

    باب پهريون: گاهه ۽ چارا: هڪ اڀياس ۾ گاهه ۽ چاري جي اهميت، گاهه ۽ چارو ڇا آهي، گاهه ۽ چاري جا قسم، گاهه ۽ چاري جي درجي بندي، گاهه ۽ چاري وارن ٻوٽن جي واڌ ويجهه، سائو چارو(Green fodder)، سڪل چارو(Dry fodder)، سائو گاهه سانڍڻ (Sillage making)، سُڪل گاهه سانڍڻ (Hay making)، ساريون: سائو گاهه، پلال ۽ ڪُتر، مڪئي، جوئر ۽ ٻاجهري: سائو گاهه، سُڪل ڪڙٻ ۽ ڪتر، ڪمند: سائو گاهه، ڪُتر، ڳُڙ (Molasses)، ڪڻڪ: سائو چارو ۽ بُهه، ڀاڄين جا ساوا پن ۽ چوٽيون، داليون: سائوچارو، ڪَٽ ڦرٺي، بوسو جي عنوان سان معلومات ڏني وئي آهي.

    باب ٻيو: اناج وارا چارا ۽ رواجي گاهه عنوان سان آهي، جنهن ۾ کڙ ۽ ڀوسو، ڏارو ۽ ٻاٽ، ڪَٽِي، چُنو يا بُوسو، رواجي گاهه ۽ ڪتر، گاهه جون سٿريون يا ڳٺڙيون، گاهه جي ڪٽائي، چرائي ۽ ناڙُ يا ڀيلاڙو ۽ چاري جي مل بابت لکيو ويو آهي.

    باب ٽيون: گاهه ۽ چاري جي علائقائي ورڇ جي عنوانن ۾ آهي: گاهه ۽ چاري جي علائقائي ورڇ، سنڌو جو ڇوڙ، ڏاکڻو آبپاشي ميدان، اتريان آبپاشي وارا ميدان، باراني علائقا، سنڌ ۾ گاهه ۽ چاري جون مندون، گاهه ۽ چارن جي پوکي جا طريقا.

    باب چوٿون: گاهه ۽ چارا: فصل ۽ پيداوار. هن ۾ (الف) پوکي وارا گاهه، جنهن ۾ مڪئي، جوئر، ٻاجهري، راگي گاهه، مٺي جوئر، سدا بهار گاهه، ماٽ گاهه، نيپئر گاهه، سوڊان گاهه، جمبو گاهه، هاٿي گاهه، ساريون گاهه، ڪمند گاهه، ڪڻڪ گاهه، جَوَ، جَوِي گاهه يا جئي گاهه، جڏهن ته (ب): جهنگلي گاهه ۾ سائون، ساوڙي گاهه، لنب گاهه، چيڻو گاهه، مُرٽ گاهه، ڏِنهن گاهه، ڳم گاهه، ڪرنگهه گاهه، ڳنڍير گاهه، مکڻي گاهه، ٻُرٽ گاهه، ڪٻهه گاهه، ڪل گاهه، ڪلوڙو گاهه، مُونو گاهه، پُڇر گاهه، چيهو گاهه، ڇٻر، مانڌاڻو، ڳنڍيري گاهه، ڊڀ گاهه، ڌامڻ گاهه، ڪانهن، سَرَ، ڪلر گاهه، جهنگلي جَوِي، ڌڻڪ يا دنبي گاهه، ٻڻڪ يا رائي گاهه بابت آگاهي ڏنل آهي.

    باب پنجون: پوکي وارا چارا ۾ (الف) ربيع وارا چارا، جنهن ۾ لوسڻ، برسيم، ميڻو گاهه، شفتل گاهه يا ڇٽالو، سنجهه گاهه، ڪاسني، جهل، جهلوڙو، مسور، ديسي مٽر، مٽري، (ب) خريف وارا چارا ۾ جنتر يا ڍانچو، گوار، ارهڙ، موٺ، مُنڱ، ماش يا مانهن، چونئرا يا رانهان، سويابين، ديسي سڻي، لوڻڪ، مريڙو، واهو، ڏاٽڙو گاهه، ناڙو گاهه، للر، منڍيري جي باري ۾ بهترين ڄاڻ شامل ڪيل آهي.

    باب ڇهون: چاري وارا وڻ ٻوٽا ۾ اڪ، ٻٻر، ڪنڊي، ڪونڀٽ، ولائتي ٻٻر، کٻڙ، اِپل اِپل، مانجهاندڙي، تمر، ڪرڙ، ڪانڊيرو، ڦوڳ، سيليڪورنيا، پالڪ ڪوهي، لاڻي، نير يا نيل، وڻ ويڙهي جو گهڻ پاسائون جائزو ڏنل آهي، جنهن ۾ هٿرادو پوک لاءِ صلاحون پڪ ته پسند ڪيون وينديون.

    باب ستون: پاڻي وارا گاهه ۽ ٻوٽا به دلچسپ آهي. هن ۾ نڙ گاهه، پن گاهه، ڏير گاهه، آبي سنبل، آبي سلاد، آبي لوڻڪ، آبي فرن/ آبي پرسيان، آبي ڪاهو/ آهريو، آبي ناڙو/ ساريال جو ناڙو، ڇيٻل/ڇيٻلو، ازولا، بدڪ ٻوٽي يا ٽٻڻو گاهه، ڪنول گل يا ڪوڻي گل، بِهه يا پٻڻ، الجي/ ڪائي/ سينئور ۽ آبي وڻ ويڙهي تي پڻ تمام سٺي معلومات ڏنل آهي. ان سان گڏوگڏ ”سنڌ جي گاهن ۽ چارن جي سڃاڻپ“ جي عنوان سان هڪ گوشواري (ٽيبل) ۾، هن ڪتاب ۾ شامل گاهن جو مقامي، انگريزي ۽ نباتاتي نالو ڪٽنب جي نالي سميت ڏنو ويو آهي. ان کان پوءِ سنڌ جي گاهن ۽ چارن جون تصويرون رنگين هجڻ ڪري هي ڪتاب ڄڻ ته اک جو ڪم ٿو ڪري. گاهه ۽ چارن جي لغت ۽ گاهه ۽ چارن جا پهاڪا به دلچسپي کان خالي نه آهن.

    سائنسي مواد، ڪتاب جي اهميت ۽ خوبي ۾ حوالا وڏي اهميت رکن ٿا. ليکڪ ڪتاب جي آخر ۾ ان جو تفصيل ڏئي، پنهنجي محنت کي چار چنڊ لڳايا آهن.

    پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين تنيو جو ڏهون بهترين ڪتاب ”سنڌ جا گاهه ۽ چارا (ماحوليات دوست گاهن ۽ چارن جي جديد پوک)“ اڳواٽ رٿابندي ڪندڙن، ٻهراڙيءَ ۾ جيوت جي تحفظ تي ڪم ڪندڙن، محققن، شاگردن، استادن، هر عام ۽ خاص ماڻهو جي لاءِ انتهائي اهم، معلوماتي ڪتاب آهي. اهڙي ڪتاب لکڻ تي تنيو صاحب کي روايتي لفظن سان شاباس ڏيڻ ڪنهن به ريت مناسب نه ٿو سمجهان.

    (سوڀ سنڊي ميگزين، آچر 15 جون 2014ع، ص: 13)




    U
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    آبادگار دوستن لاءِ سهڻو تحفو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو